پنھنجن کانسواء ڀلا ڪھڙيون عيدو۔۔!!
عيد منعي! خوشي،راحت جنھن ڏينھن جي اچڻ سان ھڪ پاسي محبتن جو جنم ٿيندو آھي ته،ساڳئي ويلي غريبن کي غريب ھئڻ جو احساس به وڌي ويندو آھي! ڇاڪاڻ ڪنھن احساس مند شخص چواڻي ته،آئون عيد جھڙا ڀلارا ۽ خوشين جھڙا ڏينھن ناھيان ملھائيندو ڇو جو انھن خوشين وارن ڏينھن جي اچڻ سان غريبن کي پنھنجي غريب ھئڻ جو احساس وڌي ويندو آھي! عيد جو ڏينھن جتي انيڪ خوشيون کڻي کڻي حاضر ٿيندو آھي، اتي ھي ڏينھن انھي لاء ”خزان“ به بڻجي پوندو آھي! ڇاڪاڻ ته پنھنجن کان پري رھڻ ۽ وري خوشي جھڙن ڏھاڙن جي اچڻ سان جتي ڪنھن پل لاءِ خوشي محسوس ٿيندي آھي، اتي پنھنجائپ جو احساس سچ ۾ آڪٽوبر،نومبر ۽ ڊسمبر ئي لڳندو آھي٠٠ مطلب جيڪي پاڻ کي اڪيلو سمجھندا آھن نه چاھيندي به ھھڙن ڏينھن تي پنھنجن کان پري رھن ٿا، سفري يا وري جسماني مطلب نفرتن جي نگري ۾ ڦاٿل ماڻھو ويجھو ھوندي به ڄڻ زميني وڇوٽي تي ھوندا آھن!عيد ھڪ خوشين جو وقت آهي، پر اهو اسان مان انهن ماڻهن لاءِ به بيحد اداسي آهي، جيڪي پنهنجي خاندان جي ميمبرن سان گڏ خوشيون ونڊ نٿا ڪن ٿا يقينن سڀني رشتن سان گڏ ماءُ پيءُ جي غير موجودگي جو به ڪو احساس ٿي نٿو سگھي!جيتوڻيڪ منهنجي ماءُ کي وڇڙيل ڇھ سال ٿي ويا آهن، ۽ منهنجي بابا سائين کي چوڏهن سال ٿيا آهن،، سچ ۾ سوچيندي آھيان ڀلا امڙ ۽ بابي کان سواءِ ڀلا شمائلا جون عيدون به ڪھڙيون بس رسم نڀائڻ عيد ملھائڻ مجبوري آھي باقي اندر جي اڌمن جي ور چڙھيل خاص طور تي پنھنجائپ جو احساس ۽ جذبو رکندڙن لاءِ خوشين جي سڀئي ڏينھن ڄڻ وڌيڪ اذيت ڀريا لڳندا آھن،جڏهن ته دنيا جا ھر ڪم ھميشه رھن ٿا، پر ماءُ پيءُ ھميشه ناهي رھندا، ماءُ پيءُ کي وقت ڏيڻ گهرجي عيدون به انھن ساڻ ھونديون آھن، ۽ جن جا ماءُ پيءُ ھن دنيا ۾ نه آھن، ته انهن کي گھرجي ته قبرستان تي وڃن،