Unknown crocodile
0 Subscriptions 0 Followers
وري هاڻي منھنجو اچڻ ڪونه ٿيندو،،،،،
روبرو پنھنجو ملڻ ڪونه ٿيندو،،،
توکي وسارڻ ته ڏکيو ھا سائين،،،،
پھرين ملاقات ۾ جتي ملياسين،،،
انهن رستن تي هاڻي گذرڻ ڪونه ٿيندو،،،
محبت جا بس خواب تون ڏسندي
اظهار مونکان هاڻ ڪونه ٿيندو،،،،
دل بي قرار تنھنجو به گهڻو ئي ٿيندو،،
آخري پيغام منھنجو پڙھيو جو ھوندو،،
ھاڻ سدائين لاء آهي خدا حافظ،،،،
وري منھنجو چهرو نظر نه ايندو،،،
ٽنڊو محمد خان
ھَوائن جي شھر ڄامشوري سان سَلھاريل ڪُجھ يادون٠٠!!
سنڌ جا شھر ته سب ئي پيارا آهن پر ڄامشوري جون ھوائون ۽ مهڪندڙ فضائون جيڪي روح کي سڪون ڏيندڙ آهن، جڏهن به ماڻھو ڄامشوري ۾ ورندو آھي تڏھن جيئن ئي المنظر ويجهو پوندا آهي، تيئن دل ۾ يادن جي ڇولين جي اُٿل روح کي جھنجوڙي وجھندي آھي! جتي ندي جي لهرن جون موجون ڏٺيوسين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سموري سونھن به! جتي ڪي ئي شاعر، فلاسافر بڻجي اُڀريا ته ڪي باغي پڻ!
سنڌ ورسٽيء جون سي حَسين يادون ڪن لاء سونھن جو شھر بڻجي ويا ته ڪن لاء پٿر جو دؤر! ھي علم جو اھو عاليشان گھر آھي، جو جتي لمس ۽ مھراڻ جھڙن ادارن کان شاگرد اگنور ٿيندا تڏھن اھڙن ڪيترن ئي شاگردن شاگردياڻين لاء ( سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) جنھن کين پناھ ڏيئي سندن اندر ۾ علم جي جوت جَلائي آھي! سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ سنڌ باغي شاعرن جي يادن جو حصو رھيون آھي! منھنجون سَلھاريل ڪُجھ يادون جیڪي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سان ڳنڍيل آهن، جتي مون کي بهترين استاد مليان ۽ سهيليون، سهيلين سان زندگي جون ڪيتريون يادون رھنديون آھن، جيڪي انسان ڪڏھن به نٿو وساري سگھي، ۽ منھنجي ليکڪ ٿيڻ جي شروعات به سنڌ يونيورسٽي کان ئي ٿي، ڪجھ ماڻھن جو اھو خيال رھيو آھي ته، ھن يونيورسٽي مان پڙھي نڪرندڙ شاگرد اڪثر محبت ۾ قابو ٿي ويندا آھن پر، ھن ئي يونيورسٽي جنھن ۾ پڙھي نڪرندڙ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪي ڊاڪٽر ته ڪي انجينئر به ضرور ٿيا آھن، ھن يونيورسٽي جا ڪيترائي شاگرد، شاگردياڻيون اڄ به منزل تي پھتل آھن پر ھا! ھن شھر ۽ يونيورسٽي کي فطري حُسن، ۽ سونھن شايد ورثي ۾ مليل آھي جو جيڪو به ايندو آھي سو نرم ۽ نازڪ دل ٿي موٽندو آھي٠
اچو ته ثقافت ۽ شائستگي سان جڙي وڃون٠٠!!
(شمائلا رند)
اڄ جڏھن اسان جي سنڌي سماج ۾ جتي پنھنجن کي نوازڻ جو سلسلو عروج آھي ھر طرف ٻه اکيائي واري رجھان گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ ماڻھن کي اڳيان وڌڻ بجاء پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ذھني اَذيتن ۾ ڏاڍ ۽ جَبر ۾ ڦاٿل غريب اٻوجھ ماڻھن غلامي قبولي ڇڏي آھي،سياسي ۽ سماجي حَوالي سان اسان وٽ ھر ھڪ عام ماڻھو به ٻئي ماڻھو لاء رَنج ۽ تعصب رکي ٿو! ھَٺ،غرور،تعصب پرستي ۾ ايترا غرق ٿي چڪا آھيون جو ھاڻي رشتن تان به ويساه ڀروسو کَڄندو پيو وڃي!پر جيڪڏھن سنڌ جي ماضي جي تاريخ جا سمورا صفحا اٿلائي ڏسون ٿا تنھن وقت ۾ سنڌ ۾ ماڻھو پڙھيل گھٽ ھوندا ھئا پر ھڪ ٻئي لاء احساس رکندڙ ۽ محبتون خوب ونڊيندا ھئا پر ھنيئر جتي سنڌي ماضي جي ڀيث ۾ علمي دنيا ۾ جيتري به ترقي ڪئي اوتري ئي ترقيء اسان جي دلين مان احساس کَسي نفرتن جي ھڪ نواڻ جنم ورتو آھي ھاڻي ته رشتا به ڪا شيء ناھن رھيا! بس پئسي جي پاور ۽ حَوس جنھنڪري ھلندڙ وقت ۾ ماڻھو پئسي کي گڏ ڪرڻ زندگي جي ڪامياب سمجھي ٿو، پئسو پئسو ھا!بس پئسو! مڃون ٿا زندگي جو ڪارونھوار ھلائڻ لاء پسئو ضرور ته ھجي ٿو پر رشتن کان وڌيڪ پئسو ڪيئن ٿو ٿي سگھي۔؟ اسانجي مذھب ۾ رشتن جو احترام ۽ رشتن کي سلامتي سان نڀائڻ قائم رکڻ جي سٺي تاڪيد ٿيل آھي پر پوء اھي سڀ چيزون جن اسانکي ماڻھوء جي مثل باقي ڄڻ جانور بَڻائي ڇڏيو آھي ھتي آئون ھڪ ڳالھ ضرور ڪنديس ته اسان سنڌ واسين ثقافت کي به روڳو ٽوپي اجرڪ سان سلھاڙي محدود ڪري ڇڏيو آھي مڃون ٿا اھي به اسانجي ثقافت جو حصو آھن پر،مختصر جائزو وٺجي ته صرف محدود ثقافتي ڇو؟ صرف ٽوپي اجرڪ ثقافت ڇو؟ پر ان سان گڏ ثقافت جو اھم حصو ٻيو اسان کان ڇو کَسجي ويو آھي،جنھن سان ماڻھن جي سٺائي جي خبر پئجي سگھي،جنھن ماڻھن جي زنده رھڻ جي درست روين جي خبر پئجي سگھي،جنھن ماڻھن اٿڻ،ويھڻ ۽ لھجن جي خبر پئجي سگھي! جيئن ”ٽالسٽاء لکي ٿو؟ ثقافتن سان جڙيل ماڻھو ڪنھن جو حق غضب نٿو ڪري سگھي،ثقافت سان جڙيل سماج جو اھم حصو ھجي ٿو جيڪو ڪنھن لاء غلط نٿو سوچي سگھي، ھڪ اھڙي ثقافت جيڪا ماڻھن مان محسوس ڪئي وڃي جنھن ۾ سٺائي کانسواء ڪجھ به نظر اچي جنھن ۾ جڙڻ کانپوء ڪير ڪنھن لاء تعصب ۽ بغض نه رکي ۽ نه ئي ڪنھن جو نقصان ڪري سگھي جنھن صفت ۾ صرف سٺائي نظر اچي پر بَدنيتي نه!
ماڻھو منھنجي ملڪ جا اَٻوجھ اَڻڄاڻ٠٠!!
(شمائلا رند)
سارنگ جي جھڙالي موسم ۾ ھڪ پاسي فطرتي حسن اوج ماڻي ورتي آھي،ڌرتي پنھنجي بَدن تي سائو ويس اوڍيندي ڪيجھر کان ڪارونجھر ۽ ڪشمور کان ڪي ٽي بندر تائين سموري ڌرتي ساوڪ سرھاڻ سان سرشار ٿي ٻَھڪي اٿي آھي ته اتي سنڌ ۾ وسندڙ چوماسي جي بَرساتن جيڪري غريب ماروئڙن جي اھنجن ۾ اضافو به ضرور ٿيو آھي اھي ماروئڙا جن جون جھرندڙ جھوپڙيون ڏسندي ۽ ماني ڳَڀي لاء صدائون غريب عورتن ۽ ٻارڙن جي ڳلن تان ڪرندڙ ڳوڙھا ۽ سمورا منظر ڏسندي ڀٽائي سائين جون ھي سٽون ذھن تي اَٽل بيٺل رھن ٿيون۔؟
”ماڻھو منھنجي ملڪ جا اَٻوجھ اَڻڄاڻ، ڏکن ڏاڌايون جھوپڙيون سکن سَنڌا ڀاڻ، الله تن ۾ آڻ ساڃاه پنھنجي ساھ جي(آمين)
سچ ۾ ته سنڌ ھونئن به ته خوشحال ناھي پر قدرت پاران آيل امتحان اھو صرف انھن لاء ناھي جيڪي متاثر ٿيا آھن پر ھي ته انھن لاء به وڏو امتحان جيڪي مجبور ماڻھن جي واھر ڪرڻ جي حيثيت رکڻ باوجود سندن پَرگھور نٿا لھن ڪيٻائيندا رھن ٿا پنھنجي وت ۽ وس آھر جيڪڏھن ھر ڳوٺ ھر پاڙي ۾ ڪو سَرندي وارو پنھنجي ڀر ۾ ٺھيل ھڪ جھريل جھوپڙي ۾ بک ۾ ستل پتڪڙن ٻارڙن جي ھن ڏکئي وقت ۾ صرف ٻه ويلا ماني جو ذمو کڻي ته يقينن اسان پنھنجو پاڻ جو خود ئي ازالو ته ڪري سگھون ٿا پر حقيقي زندگي جو رستو به اختيار ڪري سگھون ٿا پر افسوس ڳالھيون ڳالھين تي محدود رھجي وڃن دنيا داري جي چَڪر ۾ پاڻ کي سَنوارڻ ۽ ترقي جي راھ ۾ حقيقي زندگيء کان منھن موڙي ڇڏيون ٿا پر اھا به ڪھڙي ترقي جو تيز طوفان يا وسندڙ برسات ۾ ڪرندڙ ڪَچي گھر ۾ بکن ۾ پاھ ٿيل بي پھچ ماڻھن لاء روڳو اکين سان نھاري به نه سگھون!
يقينن ھي سماج جو وڏو الميو آھي انڪري به جو اسان مان احساس مڪمل موڪلائي چڪو آھي، جنھنڪري اچو ته پنھنجين دلين ۾ انسانيت جي ھڪ اھڙي ڇِڪَ ۽ سِڪ پيده ڪريون ته ٻين ڏکن کي پنھنجو ڏک سمجھندي وس آھر سندن مدد کان نه لنوائيون٠
(شمائلا رند)
ھڪ اھڙو سيراب جنھن ۾ ماروئڙا آباد ٿيندا آھن، وسندڙ مينھن ھجي يا مھراڻ جي موج ھڪ اھڙو سيراب جنھن ۾ اڃاري ڌرتي اڃ به ايتري اجھائيندا آھي جو چوطرف ساوڪ کي سانڍيندي آھي جنھنڪري فطري سونھن ۾ پڻ اضافو ٿيندو آھي، پر ھن ڀيري وسندڙ برسات خوشحالي ڪيتري آڻيندي؟ يا آندي آھي؟ اھا باد جي ڳالھ آھي پر في!لحال ھلندڙ آگسٽ جي مھيني ۾ وسندڙ چوماسي جي برساتن جيڪري ڌرتي جي غريب بي پھچ طبقي سميت وچولو طبقو به گھڻون متاثر ٿيو آھي ڳالھ روڳو رحمت مان زحمت بڻجڻ وسندڙ برسات جي ناھي! ڳالھ روڳو ماروئڙن جي ڊَھندڙ ڪَکائن گھرن ۽ جھڳين جي به ناھي، ڳالھ روڳو ٻھراڙين ۾ مسڪين ماڻھن جي پاڻي جي لپيٽ ۾ ايندڙ زمينن جي ناھي،ڳالھ روڳو معصوم بکايل پيٽن جي به ته ناھي،ڳالھ روڳو انھن غريب ھارياڻين جي به ته ناھي جيڪي تَتيء توڙي ٿَڌيء ۾ مردن سان گڏ رنبو ڪن ٿيون ته وَل به ڊوھين ٿيون، ٻھراڙي جون اھي عورتون گاھ به ڪن ٿيون، ته پنھنجين ڍَڳين يعني چوپايو مال به سَنڀالين ٿيون، غربت ۾ بيحالي جي روپ ۾ ٻھراڙين جون اھي عزتدار عورتون جيڪي پنھنجي مٿي جي رئي کي به پوتيء کي به گاھ جي ڪم آڻين ٿيون! ڪجھ پل لاء انھن سمورن مجبورن ماروئڙن، عورتن ۽ ٻارڙن جي پيڙائن، اھنجن کي ڪجھ دير سائيڊ رکي ڳالھ انھن ماڻھن جي ڇِڙي ٿي جن کي انھن ماروئڙن ووٽ ڏئي اقتدار تائين پھچايو آھي، ڳالھ انھن ماڻھن جي به ته ڇِڙي ٿي جيڪي مايا ۽ مَڏيء ۾ غرق ٿيل ھجن ٿا!بيشڪ پنج آڱريون برابر ناھن پر،پنھنجي اڄوڪي سماج ۾ سرندي وارن جو مجبور ماڻھڻ سان ڪھڙو رويو ھجي ٿو؟ ھڪ ته ھت مجبور ماڻھن جي مجبوري مان ھميشه فائدو ورتو ويو آھي ٻيڌاھا ڳالھ به ه ياد اٿم جڏھن ڪورونا وائرس جي شروعاتي حصي ۾ جنھن ۾ به غريب ماڻھو گھڻان متاثر ٿيا ھئا تڏھن حڪومت کان ويندي عام سرنديء وارن جو تن بي بيھچ ماڻھن سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو ويو ھو مثال ھڪ عزتدار ۽ مجبور گھراني سان تعلق رکندڙ ڪنھن نوجوان يا ٻڍڙي عورت کي ھڪ عدد صابڻ ھٿ ۾ ڏيئي سوين فوٽو ڪڍي فيسبڪ تي رکڻ سان انھن غريبن جي دل آزاري ته ڪري سگھجي ٿي، پر سندن دل ۾ جاء نٿي اَڏي سگھجي! کانئن بَد دعائون ته ملي سگھن ٿيون پر کانئن دعائون وٺي نٿيون سگھجن نه نه ڪڏھن به نه!! افسوس آھي ھنيئر برسات ۾ جيڪي ماڻھو متاثر ٿيا آھن جن جا گھر ڊَٺا آھن انھن سڀني جا اھي گھر ڏسجن پيا،سندن لَڏپلاڻ به ڏسڻ ۾ ايندي پر ڪو ناھي جو تن اَٻوجھ ماڻھن جي خالي پيٽ تي سوچجي جتي خودغرضي عروج تي ھجي اتي مجبور محروم ماڻھن سان خاوندي ڪيئن ڪري سگھبي! ڪالھ جڏھن برسات ۾ دَربدر ٿيل ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ عارضي ھجرت ڪندڙ ڪنھن ٻڍڙيء عورت جو وڊيو مختصر ڪلپ جڏھن ڏسڻ جي حَواسن تان گذري ٿو تڏھن گھڻي حيرانگي وٺي ٿي ماني خاطر روئيندڙ ھَنجون ھاريندڙ عورت جي دانھن ستين آسمان تي ضرور پھتي ھوندي پر،انھيء ئي ويلي کيس ماني نصيب ٿي به الاھي نه جيڪي ڪا پَڪ ناھي! شايد انھن ئي مجبورن ماڻھن لاء ”استاد بخاري“ لکيو ھو ته *موت ڪو مسئلو ناھي پر زندگي سان جَنگ ڪرڻ وڏو مسئلو آھي!* سَنگدليء جي سماج ۾ احساس سڙندا رھن ٿا بي رحمي،بي قياسي ايتري ته وڌيڪ وئي آھي جو ماڻھن مان انساني ھمدردي مڪمل موڪلائي وئي آھي! برسات جي تباھڪاري کانپوء سنڌ جي وزيراعلي! پاران ھر ضلعي جو درور ڪرڻ سنڌ کي برسات سَٽيل قرار ته ڏنو آھي پر انھيء جو مڪمل ازالو ٿي سگھندو به الاھي نه پَڪ اھا به ناھي پڪ اھا ناھي جو برسات متاثر ضلعن کي جيڪي ھڪ ھڪ ڪروڙ جاري ڪرڻ جو ٻڌايو ويو اھي پر اھي پئسه مستحق ماڻھن تائين منصف طريقي سان کين ڪم اچي به سگھندا الاھي نه! پاڪستان جي وفاقي سرڪار پاران به متاثر ماڻھن ۾ پنجويھ۔پنجويھ ھزار ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آھي پر، خبر ناھي ان ۾ الاھي ڪيترا خاندان محروم رھجي ويندا جن کي بينظير انڪم سپورٽ ۾ شامل ئي ناھي ڪيو ويو پر جيڪڏھن سرڪار چاھي ٿي اھو سمورو رليف غريب ۽ برسات متاثرين تائين پھچي ته انھيء لاء ھڪ پاليسي ھيء به جوڙڻ گھرجي ته متاثر ماڻھن کي جيڪو به ڪجھ ”ڏيو اھو قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڏيو ته جيئن ڪوبه مستحق ماڻھو انھيء رليف کان محروم نه رھجي وڃي ڇاڪاڻ ته بينظير انڪم سپورٽ تحت ڏيڻ سان ڪيترائي اھي غريب خاندان ته محروم رھجي ويندا جن جا نالا انھيء پروگرام مان خارج ڪيا ويا آھن يا جن کي شروع کان ئي مستحق ھوندي به ھن پروگرام ۾ شال ئي ناھي ڪيو ويو٠
تون ڳالھ ڪرين ذولفن جي، مان اَڻڀن اَڻڀن وارن جي٠٠!!
(شمائلا رند)
اھا ڌرتي جيڪا ڪڏھن پاڻي لَپ جي صَدائتي ٿي سڪندي آھي، اھا ڌرتي ڪڏھن ڪڏھن ٻڏندي به آھي،لوڏندي به آھي، ته ڌڏندي به آھي! پاڻي جي قلت وقت سنڌو کي سڪائڻ به نئين ڳالھ ناھي! ۽ جڏھن پاڻي زياده ٿي وڃي، تڏھن ٻڏي ته پھرين سنڌ ٻڏي! پر ھلندڙ چوماسي جي ۽ رحمت مان زحمت بَڻيل بَرساتن به سنڌ جي ھيڻن ماڻھن جا حال ڪجھ ھيڻان ڪري سندن سور سَوايا ڪري ڇڏيا آھن! ”علي بابا“ به شايد انھن ئي ماڻھن لاء چيو ھو ته ڪڏھن سَڄي،ڪڏھن اَڌ،ڪڏھن چوٿو ته ڪڏھن آھي ئي ڪونه!! ھائڙي سنڌڙي تنھنجا غريب ماروئڙن اڄ اَٽي،لَٽي ۽ اَجھي کان به محروم بَڻجندا پيا وڃن!معاف ڪجان سنڌڙي تنھنجي غريب ماروئڙن لاء آئون ڪجھ به ناھيان ڪري سَگھي! گھڻي پريشان آھيان،فڪر مند آھيان ۽ گھڻي حيران به آھيان انڪري جو تنھنجي مٽي مان جَنم وٺندڙ ۽ غريبن جي گود ۾ پَلجندڙ اھي معصوم اکيون جن ۾ ھزاين خواب لڪيل آھن،جن ۾ ھزارين ڳالھيون ڇپيل آھن،جيڪي معصوم ۽ نماڻيون اکيون ھن ديس جي سياستدانن ۽ سَرنديء وارن لاء سَواليا نشان بَڻيل آھن ڪَنڊن تي ھلندڙ جن جي پيرن ۾ چَپل به ناھي، تَتيء ۽ ٿَڌيء ۾ کلي آسمان ھيٺان ويٺل سندن جسمن تي پھريل پيوند ٿيل ڪَپڙا جن جي کين ڪا به پَرواھ ناھي کين چَپل جي به ضرورت ناھي نه ئي انھن معصوم ٻَچڙن جي اَڻڀن وارن کي تيل ۽ ڦَڻيء جي ضرورت آھي سچ ۾ ته کين ضرورت آھي ته بس ماني جي آھي ماني ماني ھا بس ماني دنيا جي دوکيبازين چالاڪين ۽ حرامپائين کان بي خبر غريب ۽ مجبور ماروئڙا جن سموري زندگي بس ماني آھي! ڇو جو ھَلندڙ وقت جي تَقاضا کي ڏسندي انھن کي ھڪ ئي ڳالھ جو احساس وڌيو آھي ته ھو غريب آھن٠٠٠يقينن غربت به ته ڪا گار يا مھڻو ۽ طعنو به ته ناھي پر ھا! وقت جي واڳ ڌڻين جي بي رخي سندن الجھيل زندگيء ۽ اوجاڳيل اکين ۾ انيڪ سوال پيده ڪري ڇڏيا آھن جيڪي ڪنھن کي به نظر نٿا اچن! بَقول حَليم باغيء جي ته، ”تون ڳالھ ڪرين ٿو ذولفن جي،مان اَڻڀن اَڻڀن وارن جي،تون ڪوڪَ سڻين ٿو ڪويَل جي،مان پيٽ بکايل ٻارن جي٠
(شمائلا رند)
جڏھن به جتي به ڪا به عورت ڪنھن مرد پاران فريبي جو شڪار ٿيندي آھي،حَوس جو نشانو بڻبي آھي يا وري تشدد جو شڪار ٿيندي آھي تڏھن مون سميت اڪثر سڀئي احساس مند ماڻھو جن جا روح زخمي ٿي پوندا آھن ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي گھڻ رخي ۽ ثقافتي سَماج ۾ عورتن کي نظر انداز ڪرڻ ھڪ الڳ بحث آھي پر،عورتن کي ھٿ وٺي علم کان پري رکي کين غلامي طرف ڌڪي سندن ذھنن کي معذوري جي طرف ڌڪيو وڃي ٿو سنڌ سڄي جي صورتحال ڇا آھي؟ سنڌ ۾ خاص طور تي جن عورتن سان ڏاڍايون پيش اچن ٿيون مردن پاران جبر،بربريت ڦھلائيون وڃن ٿيون، حراسا ڪيو وڃي ٿو جھڙا انيڪ درپيش مسئلا منھنجي خيال ۾ ته ڪافي گھٽ تعداد ۾ اھي رونما ٿيندڙ واقعا جيڪي ميڊيا اڳيان شو ٿين ٿا پر ، اھڙا کوڙ واقعا جيڪي ميڊيا تائين نٿا پھچن نٿا! عورتن جي حَوالي سان پوري ملڪ ۾ سنڌ گھڻو ڀوڳيو آھي جيئن تازو ھنيئر جيڪو واقعو پيش آيو ھڪ نوجوان نياڻي جي پيء پاران سِسي ڌَڙ کان ڌار ڪئي وئي جيڪو واقعو پھرين ته ڪراچي جو ٻڌايو پئي ويو پر پوء وري شايد فيصل آباد جو ٻڌايو ويو جنھن جو سبب به معمولي ڳالھ ٻڌائي پئي وئي ته نياڻي پاران ٻاھر نڪرڻ جيڪري اھو واقعو پيش آيو! جنھن تي بس اھو چئي سگھجي ٿو نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ ۾ عورتون ڪٿي به محفوظ ناھن گھرو حَوالي سان پابنديون ھجن،يا کڻي غير مردن پاران پيش ايندڙ واقعا ھجن جيڪي سڀئي گھٽجڻ بجاء زور وٺندا رھن ٿا پر، پاڪستان سرڪار پاران انھن مسئلن تي سنجيدگي ڪٿي نظر نٿي اچي،انساني حقن جا ادارا يا وري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ NGOS يعني Non Govt Org service طور عورتن جي رھنائي جي خاطر اھڙا ڪي به اپاء يا عمل جڙندي نظر نٿا اچن جن سان عورتن جي زندگيء ۾ ڪا بھتري اچي سگھي!فيصل آباد جي واقعي اھو ظاھر ڪري ڏيکاريو ته پوري ملڪ عورتون مظلوميت جي روپ ۾ زندگيون گذارين پيو پر،منھنجي ذھن ھيٺ ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ سنڌ جي Research ذھن ھيٺ جتي اسان رھون پيا سنڌ ۾ اھڙا کوڙ واقعا پيش ايندا رھن ٿا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندا رھن ٿا سنڌ ۾ گھريلو عورتون جن سان مردن جو ڪھڙو رويو ھجي ٿو؟ ھڪ ھڪ ڳالھ جواب آساني سان ملي سگھي ٿو پر خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ جيڪي مسئلا سامھون اچن ٿا انھن ته اڃان وڌيڪ عورتن کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو آھي! ڇاڪاڻ ته سڀني شين جو حل تعليم ھوندو آھي پر سنڌ ۾ ڪي سلجھيل والدين جڏھن کڻي ڪنھن نياڻي کي اعلي! تعليم جي ڪاليجن،يونيورسٽين تائين موڪلين ٿا تڏھن اتي به شاگردڻيون محفوظ نٿيون رھن آخر ڇو۔؟ سنڌ يونيورسٽي جو شروعاتي واقعو جنھن ۾ نائلا رند کي بيدردي سان قتل ڪيو نوشين ۽ نمرتا سميت اھڙا کوڙ واقعا جن جيڪري نياڻين ۾ پڙھڻ جي اتساھ بجاء مايوسي پکڙجي وڃي ٿي ھن اھم مسئلي تي آئون ھڪ تجويز اھا به پيش ڪريان ٿي ته اسپيشلي نياڻين جي سيفٽي لاء ڪاليجن يا يونيورسٽين جي نگراني ڪندڙن کي ايترو پابند بڻجڻ گھرجي ته نياڻين جي رھائش ھاسٽلن تي سندن لاء الڳ گارڊ بيھارڻ گھرجن ته جيئن ڪو ٻاھريون ماڻھو جڏھن ڪنھن ارادي سان اچي ته پھرين انجي انٽري لازمي طور ٿيڻ گھرجي ڪو ماڻھو ڪھڙي ڪم سان اچي ٿو؟ ڪنھن سان ملڻ چاھي ٿو جھڙي پڇا ڳاڇا انتھائي ضروري ھجي انکانپوء به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ته يقينن ھر ماڻھو جي ٿيل اھا انٽر به ڪم ۾ اچي سگھي ٿي! ڇو جو سڀئي شاگرد شاگردياڻيون ڳاٽي ٽوڙ فيسون ادا ڪن ٿا پوء کڻي سرڪاري طور تي اھو نه ٿو ڪيو وڃي ته گھٽ ۾ گھٽ تعليمي نظام کي ھلائيندڙن کي اھڙو سسٽم لاڳو ڪرڻ سندن تي فرض بڻجي ٿو پوء اھا انٽري ماڻھن جي انڪري به ڪم ۾ به اچي ٿي الله نه ڪري نياڻين سان اڻوڻندڙ واقعي پيش اچڻ جي صورت ۾ به اصلي جوبدارن کي پڪڙڻ ۾ ڪافي حد تائين سولائي محسوس ٿيندي مطلب ته نياڻين جي پڙھائي جو سسٽم ئي الڳ ھجڻ گھرجي جيڪي پڙھائي کانپوء رھائش تي وڃن ته کين ڪوبه مرد ڏسڻ ۾ نه اچي نه ئي ھو ڊسٽرب ٿين جتي مقرر سرڪاري يا نجي محاظن کي سٺي طرح پابند بنائڻ گھرجي! سنڌ ۾ عورتن جي تعليم گھڻي قدر مذھبي حوالي سان به متاثر ضرور ٿئي ڪجھ ماڻھن جو خيال ته عورت کي پڙھائڻ کانپوء ھوء ڇڙواڳ ٿي ويندي انھن کي ماڻھن به اھو نه وسارڻ گھرجي ته تعليم انسان کي سڌاريندي آھي پر کاريندي ناھي اھو مرد ھجي يا عورت دنيا جيڪا به ترقي ڪئي آھي انھيء ترقي جو راز ۽ سبب بس تعليم بَڻي آھي آئون سمجھان ٿي ته سنڌ ۾ ھر اھو ماڻھو ئي نياڻين جي تعليم جو مخالف ٿي سگھي ٿو جيڪو بخار اچڻ وقت پيناڊال بدران ڳچيء ۾ تعويز ويڙھي ڇڏيندو ھجي ۽ ھر اھو ماڻھو انھيء جي حمايت ۾ ھوندو جيڪو بخار اچڻ تي پيناڊال کائيندو ھوندو چوڻ جو مقصد ته بس مسلمان آھيون اسانجو مذھب اسانکي اعلي! درس ڏي ٿو اسلام جيڪو پيار امن جو مذھب آھي جنھن کان انڪاري قَطعي ناھيون پر ذاتي زندگي ۾ جيترو مذھبي حوالي سان سوچيو وڃي ٿو اوترو سائنسي بنيادن تي به سوچڻ لازمي ھجي ٿو ته جيئن جديد بنيادن تي عورتن جي زندگي ۾ بھتري اچي سگھي ڇو جو ھوء ھن معاشري جو حصو آھن عورتن کي به ته زنده رھڻ جو مڪمل حق ۽ اختيار ملڻ گھرجي٠
(شمائلا رند)
پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کي 75 سال مڪمل ٿي چڪا آھن،اھو سال ۽ تاريخ 14آگسٽ1947ع جڏھن پاڪستان کي ھڪ آزاد ۽ مسلم ملڪ ھئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو پاڪستان جي خوش قسمتي اھا به آھي جو پاڪستان جي آزادي جي رات ۽ ڏينھن اسلامي تاريخ ڀلاري مھيني رمضان المبارڪ جي به ڀلاري ۽ 27ھين قدر جي رات ھئي! جنھن کان پوء 30 سيپٽمبر 1947ع ۾ انھيء ساڳئي سال ۾ پاڪستان اقوام متحده جو ميمبر بڻيو! جنوري 1950ع ۾ پاڪستان عوامي ۽ جمھوري طور چين کي تسليم ڪيو گڏوگڏ چين ھڪ سرحدي معادي ھيٺ 750 ميلن جو چورس پاڪستان کي زميني علائقو ڏنو ھو،پر امريڪا اھو پھريون ملڪ آھي، جنھن سڀ کان پھرين پاڪستان ۾ سفارتخانو قائم ڪيو، جڏھن ته پياري ۽ اسلامي ملڪ پاڪستان جي پھرين قرداد به سنڌ جي مقدس ايوان مان پاس ڪئي وئي ھئي، ھن ملڪ جي باني(قائد اعظم محمد علي جناح) جو به تعلق سنڌ جي شھر ۽ ڳوٺ جھرڪن سان ئي ھيو جيڪو ھن وقت ڪراچي به لکيو وڃي ٿو، جيڪو به سنڌ جي گاديء جو ھنڌ ئي آھي،قائد اعظم محمد علي جناح 1913ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي،انکان پوء 1928ع جڏھن نھرو رپورٽ شايع ڪئي وئي ھئي،تڏھن انجي جواب ۾ 1929ع ۾ قائد اعظم پنھنجا 14 نڪتا به پيش ڪيا ھئا! نومبر جي مھيني 1949 ۾ جڏھن نيشنل بئنڪ آف پاڪستان وجود ۾ آئي،جنھن کانپوء 29فيبروري1956ع ۾ پاڪستان جي قومي اسيمبليء مان ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو ويو ھو ،جنھن کان پوء ٻيھر 1962ع ۾ ملڪ جو ٻيون آئين نافذ ٿيڻ کان پوء ٽيون آئين جيڪو 1973ع ۾ جيڪو ذولفقار علي ڀٽي پيش ڪيو جيڪو اڄ به موجود ته آھي پر، انھيء تي مڪمل عمل نه ٿيڻ ڪري ھن وقت تائين ملڪ جي عمر 75سال ٿيڻ کانپوء به پاڪستان ڪا خاص ترقي ناھي ڪري سگھيو جيتري ترقي 75 سالن ۾ ٿيڻ کپندي ھئي، ڏسجي ته 14آگسٽ 1947ع ۾ قائداعظم پاڪستان جو پھريون گورنر جڏھن ته پاڪستان جو پھريون وزير اعظم لياقت خان ھيو جيڪو 1951ع ۾ دھشگردن جو نشانو بڻيو اھو ئي سبب آھي جو ان وقت ۾ به پاڪستان ۾ دھشگردن جا پير پختا ٿيل ھئا! ھي لفظ به قائد اعظم جا ئي ھئا ته، ”اولھ جي معاشي نظام انسانيت لاء ڪيترائي ناقابل مسئلا پيده ڪري ڇڏيا آھن،اولھ جي طرز جو معاشي نظام اسان جي ملڪ ۾ خوشحالي ۽ ترقي نٿو پيده ڪري سگھي“ (مولوي تميزالدين) کي پاڪستان جي پھرين دستور اسيمبلي جو اسپيڪر مقرر ڪيو ويو ھو ۽ اھو وقت 5 جولاء 1977ع ھيو جڏھن جنرل ضياء الحق مارشل لا جو ائڊ منسٽريٽر بڻيو! پاڪستاني جھنڊي کي سڀ کان پھرين فرانس ۾ ڦڙڪايو ويو ھو ۽ پاڪستان جو قومي ترانو”عبدالحفيظ جالندنڌري“ پاران سال 1954ع آگسٽ جي مھيني ۾ ئي شايع ڪيو ويو ھيو، ان کان علاوه ذوالفقار ڀٽي پاران ٽيون آئين نافذ ٿيڻ کان پوء ھن 1974ع ۾ پاڻ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ھئائين ساڳئي سال ۾ پاڪستان ۾ بئنڪن کي قومي ملڪيت ۾ پڻ آندو ويو ھو، پاڪستان ۾ قائم سَرداري نظام کي ختم ڪرائڻ لاء تحرڪ وٺندي اپريل 1972ع ۾ ذوالفقار ڀٽي پاران قائم سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان پڻ ڪيو ويو ھيو،جڏھن ته بلوچستان کي صوبي جو درجو ڏنو ويو ھيو اھو سال 1970ع ھيو، پر ڏسجي ته ھن ملڪ جي ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ کان ويندي ھن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي ته اھا به رھندي پئي اچي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ڪا به جمھوري حڪومت پنجن سالن جو مدو پورو نه ڪري سگھي! جيڪڏھن مڪمل مدو پوري ڪري به سگھي ته، 2008ع کان 2013ع جو پھرين دؤر پيپلز پارٽي جو ھيو، جنھن مڪمل پنج سال پورا ڪيا جنھن ۾ به وزيرن جون بَدليون مقرريون ٿينديون رھيون پر، حڪومتي مدو ضرور پورو ٿيو٠بيحد افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته ھن ملڪ جو عام طبقو ته ٺھيو 1948ع ۾ ملڪ جي باني جو ڦڦڙن جيڪري ساھ ۽ ٻين بيمارين ۾ وٽجڻ کانپوء به ۽ انجي روح پرواز ٿيڻ تائين به سندس مڪمل مالڪي نه ٿي سگھي ھئي جو سندس وفات کان اڳ سيريس حالت يا وري وفات کانپوء به سندس مڙھ جَنازي جي لاء بروقت ايمبوينس يا ڪا گاڏي به نه ملي سگھي ھئي! سوچجي ته باقي ھن ملڪ جي عام ۽ غريب لاء ڪھڙي فيسلٽي ميسر ٿيل ھوندي! جنھن جو خواب ملڪ جي سمورن مردن ٻارڙن توڙي عورتن کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۽ کين مڪمل حق ياري ملڪ ۾ خوشحالي کي جنم ڏيڻ ھيو، وڏي افسوس سان چوڻون ٿو پوي پاڪستان جي تاريخ ۾ تمام گھٽ وقت وزيراعظم جي عھدي رھندڙ ايوب خان کان وٺي ھن وقت تائين ملڪ ۾ ڪوبه سڌارو ناھي اچي سگھيو ملڪ جي غَلط حڪمراني ۽ منصفاڻي ورڇ نه ھئڻ ڪري ننڍا صوبن جا ماڻھو جن ۾ امير ڏينھو ڏينھن امير ۽ ھر اڀرندڙ سج جيان غربت به ديرا ڄَمائيندي رھي ٿي،بلوچستان يا وري سنڌ جتي بيروزگاري بک بدحالي ته ڪَر ڪڍي ھر وقت بيٺل رھي ٿي پر،ننڍن صوبن ۾ جتي ڪيترائي غريب ماڻھو جن کي پنھنجو گھر ناھي، غربت ۽ مھانگائي عروج تي ھئڻ ڪري ھر چوٿون يا پنجون ٻار اسڪول يعني تعليم کان محروم آھي، جتي تعليمي ادارا علم گاھن بدران قتل گاھ بڻيل ھجن ۽ جتي عورتن کي پنھنجن جائز اسلامي حقن کان ويندي کين سماجي برابري جو به حق حاصل نه ٿي سگھيو ھجي سوچجي ته انھيء ملڪ ۾ باقي ڪھڙي خوشحالي جي اميد رکي ٿي سگھجي؟ ھي اسانجو ملڪ آھي جيڪو اسان کي پنھنجي جان جيان پيارو آھي پر، ھن ملڪ کي وجود ۾ آڻيندڙ انھيء باني جي سوچ فڪر جي ابتڙ ڪندڙ ۽ ھن ملڪ جي ٺھيل آئين جي به توھين ڪندڙ موجوده گڏيل حڪومتي ڌرين سميت ھر وقت جي حڪمرانن مان چَڱائيء جي اميد رکڻ بس ٻَٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي٠
(شمائلا رند)
پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کي 75 سال مڪمل ٿي چڪا آھن،اھو سال ۽ تاريخ 14آگسٽ1947ع جڏھن پاڪستان کي ھڪ آزاد ۽ مسلم ملڪ ھئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو پاڪستان جي خوش قسمتي اھا به آھي جو پاڪستان جي آزادي جي رات ۽ ڏينھن اسلامي تاريخ ڀلاري مھيني رمضان المبارڪ جي به ڀلاري ۽ 27ھين قدر جي رات ھئي! جنھن کان پوء 30 سيپٽمبر 1947ع ۾ انھيء ساڳئي سال ۾ پاڪستان اقوام متحده جو ميمبر بڻيو! جنوري 1950ع ۾ پاڪستان عوامي ۽ جمھوري طور چين کي تسليم ڪيو گڏوگڏ چين ھڪ سرحدي معادي ھيٺ 750 ميلن جو چورس پاڪستان کي زميني علائقو ڏنو ھو،پر امريڪا اھو پھريون ملڪ آھي، جنھن سڀ کان پھرين پاڪستان ۾ سفارتخانو قائم ڪيو، جڏھن ته پياري ۽ اسلامي ملڪ پاڪستان جي پھرين قرداد به سنڌ جي مقدس ايوان مان پاس ڪئي وئي ھئي، ھن ملڪ جي باني(قائد اعظم محمد علي جناح) جو به تعلق سنڌ جي شھر ۽ ڳوٺ جھرڪن سان ئي ھيو جيڪو ھن وقت ڪراچي به لکيو وڃي ٿو، جيڪو به سنڌ جي گاديء جو ھنڌ ئي آھي،قائد اعظم محمد علي جناح 1913ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي،انکان پوء 1928ع جڏھن نھرو رپورٽ شايع ڪئي وئي ھئي،تڏھن انجي جواب ۾ 1929ع ۾ قائد اعظم پنھنجا 14 نڪتا به پيش ڪيا ھئا! نومبر جي مھيني 1949 ۾ جڏھن نيشنل بئنڪ آف پاڪستان وجود ۾ آئي،جنھن کانپوء 29فيبروري1956ع ۾ پاڪستان جي قومي اسيمبليء مان ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو ويو ھو ،جنھن کان پوء ٻيھر 1962ع ۾ ملڪ جو ٻيون آئين نافذ ٿيڻ کان پوء ٽيون آئين جيڪو 1973ع ۾ جيڪو ذولفقار علي ڀٽي پيش ڪيو جيڪو اڄ به موجود ته آھي پر، انھيء تي مڪمل عمل نه ٿيڻ ڪري ھن وقت تائين ملڪ جي عمر 75سال ٿيڻ کانپوء به پاڪستان ڪا خاص ترقي ناھي ڪري سگھيو جيتري ترقي 75 سالن ۾ ٿيڻ کپندي ھئي، ڏسجي ته 14آگسٽ 1947ع ۾ قائداعظم پاڪستان جو پھريون گورنر جڏھن ته پاڪستان جو پھريون وزير اعظم لياقت خان ھيو جيڪو 1951ع ۾ دھشگردن جو نشانو بڻيو اھو ئي سبب آھي جو ان وقت ۾ به پاڪستان ۾ دھشگردن جا پير پختا ٿيل ھئا! ھي لفظ به قائد اعظم جا ئي ھئا ته، ”اولھ جي معاشي نظام انسانيت لاء ڪيترائي ناقابل مسئلا پيده ڪري ڇڏيا آھن،اولھ جي طرز جو معاشي نظام اسان جي ملڪ ۾ خوشحالي ۽ ترقي نٿو پيده ڪري سگھي“ (مولوي تميزالدين) کي پاڪستان جي پھرين دستور اسيمبلي جو اسپيڪر مقرر ڪيو ويو ھو ۽ اھو وقت 5 جولاء 1977ع ھيو جڏھن جنرل ضياء الحق مارشل لا جو ائڊ منسٽريٽر بڻيو! پاڪستاني جھنڊي کي سڀ کان پھرين فرانس ۾ ڦڙڪايو ويو ھو ۽ پاڪستان جو قومي ترانو”عبدالحفيظ جالندنڌري“ پاران سال 1954ع آگسٽ جي مھيني ۾ ئي شايع ڪيو ويو ھيو، ان کان علاوه ذوالفقار ڀٽي پاران ٽيون آئين نافذ ٿيڻ کان پوء ھن 1974ع ۾ پاڻ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ھئائين ساڳئي سال ۾ پاڪستان ۾ بئنڪن کي قومي ملڪيت ۾ پڻ آندو ويو ھو، پاڪستان ۾ قائم سَرداري نظام کي ختم ڪرائڻ لاء تحرڪ وٺندي اپريل 1972ع ۾ ذوالفقار ڀٽي پاران قائم سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان پڻ ڪيو ويو ھيو،جڏھن ته بلوچستان کي صوبي جو درجو ڏنو ويو ھيو اھو سال 1970ع ھيو، پر ڏسجي ته ھن ملڪ جي ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ کان ويندي ھن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي ته اھا به رھندي پئي اچي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ڪا به جمھوري حڪومت پنجن سالن جو مدو پورو نه ڪري سگھي! جيڪڏھن مڪمل مدو پوري ڪري به سگھي ته، 2008ع کان 2013ع جو پھرين دؤر پيپلز پارٽي جو ھيو، جنھن مڪمل پنج سال پورا ڪيا جنھن ۾ به وزيرن جون بَدليون مقرريون ٿينديون رھيون پر، حڪومتي مدو ضرور پورو ٿيو٠بيحد افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته ھن ملڪ جو عام طبقو ته ٺھيو 1948ع ۾ ملڪ جي باني جو ڦڦڙن جيڪري ساھ ۽ ٻين بيمارين ۾ وٽجڻ کانپوء به ۽ انجي روح پرواز ٿيڻ تائين به سندس مڪمل مالڪي نه ٿي سگھي ھئي جو سندس وفات کان اڳ سيريس حالت يا وري وفات کانپوء به سندس مڙھ جَنازي جي لاء بروقت ايمبوينس يا ڪا گاڏي به نه ملي سگھي ھئي! سوچجي ته باقي ھن ملڪ جي عام ۽ غريب لاء ڪھڙي فيسلٽي ميسر ٿيل ھوندي! جنھن جو خواب ملڪ جي سمورن مردن ٻارڙن توڙي عورتن کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۽ کين مڪمل حق ياري ملڪ ۾ خوشحالي کي جنم ڏيڻ ھيو، وڏي افسوس سان چوڻون ٿو پوي پاڪستان جي تاريخ ۾ تمام گھٽ وقت وزيراعظم جي عھدي رھندڙ ايوب خان کان وٺي ھن وقت تائين ملڪ ۾ ڪوبه سڌارو ناھي اچي سگھيو ملڪ جي غَلط حڪمراني ۽ منصفاڻي ورڇ نه ھئڻ ڪري ننڍا صوبن جا ماڻھو جن ۾ امير ڏينھو ڏينھن امير ۽ ھر اڀرندڙ سج جيان غربت به ديرا ڄَمائيندي رھي ٿي،بلوچستان يا وري سنڌ جتي بيروزگاري بک بدحالي ته ڪَر ڪڍي ھر وقت بيٺل رھي ٿي پر،ننڍن صوبن ۾ جتي ڪيترائي غريب ماڻھو جن کي پنھنجو گھر ناھي، غربت ۽ مھانگائي عروج تي ھئڻ ڪري ھر چوٿون يا پنجون ٻار اسڪول يعني تعليم کان محروم آھي، جتي تعليمي ادارا علم گاھن بدران قتل گاھ بڻيل ھجن ۽ جتي عورتن کي پنھنجن جائز اسلامي حقن کان ويندي کين سماجي برابري جو به حق حاصل نه ٿي سگھيو ھجي سوچجي ته انھيء ملڪ ۾ باقي ڪھڙي خوشحالي جي اميد رکي ٿي سگھجي؟ ھي اسانجو ملڪ آھي جيڪو اسان کي پنھنجي جان جيان پيارو آھي پر، ھن ملڪ کي وجود ۾ آڻيندڙ انھيء باني جي سوچ فڪر جي ابتڙ ڪندڙ ۽ ھن ملڪ جي ٺھيل آئين جي به توھين ڪندڙ موجوده گڏيل حڪومتي ڌرين سميت ھر وقت جي حڪمرانن مان چَڱائيء جي اميد رکڻ بس ٻَٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي٠
سنڌ بجيٽ ۾ سنڌ جي صحافين جو خَيال رکيو وڃي٠٠!!
”شمائلا رند“
تازو ھنيئر 17ھزار11سئو اَربن جي لاڳت سان پيش ٿيل سنڌ بجيٽ ٻڌائي وئي آھي٠جنھن ۾ سي ايم سنڌ سيّد مراد علي شاھ پاران اھو پڻ چيو ويو آھي ته، انفارميشن يعني اطلاعات کاتي ۾ بھتري آندي ويندي ،جنھن ۾ اھو پڻ ٻڌايو ويو ته،صحافين کي به پلاٽ ڏنا ويندا پر ڇا ان تي عمل ٿيندو يا بس روڳو ڳالھيون ٿينديون رھنديون۔؟ ياد رھي ته عرصو اڳ به سنڌ جي مقدس ايوان ۾ سنڌ جي صحافين کي عدم تحفظ فرام ڪرڻ لاء بل منظور ڪرايو ويو ھو پر،ڪٿي ڪنھن صحافي کي تحفظ يا ڪي رعايتون ملندي نه ڏٺوسين ٠ سياسي،سماجي، قانوني،حوالي سان اخلاقي دائري طور صحافين کي آزادي جو حق ته حاصل آھي پر پوء به سنڌ جا صحافي آزاد ناھن! سنڌ ۾ اڪثريت صحافين جي عد تحفظ جو شڪار آھي! جنھن جو مثال اَجي لالواڻي کان ويندي ڪيترائي صحافي موت جي منھن ۾ ھليا ويا ! ھن وقت سنڌ ۾ اھڙا به صحافي اوھانکي ضرور ملندا جن کي خبر ٺاھڻ يا ننڍڙو مضمون لکڻ ناھي ايندو پر پوء ھو صحافتي جھڙي پيشي سان سلھاڙيل نظر ايندا٠ ڏسجي ته صحافت جي لَفظي منعي! مفھوم لکڻ جو ھنر ھجي ٿو ته،پوء پروفيشنل صحافين کان سواء باقي عام ماڻھن کي صحافت ۾ ٽَنگ نه اڙائڻ گھرجي گڏوگڏ اھو پڻ ٻڌائيندي ٿي پئي ھلان ته،ڪجھ اڻڄاڻ صحافين پاران صحافت ۾ اچڻ ۽ سياسي حوالي سان دٻاء جيڪري پروفيشنل صحافين لاء صحافت ۾ چئلينجز کي منھن ڏيڻون پوي ٿو انڪري سنڌ سرڪار پاران جيڪو پھرين بل منظور ڪيو ھو ان تي عمل درآمد ن ٿي سگھيو پر، گھٽ ۾ گھٽ سنڌ بجيٽ ۾ صحافين کي ڪي اھڙيون رعايتون ڏنيون وڃن جن سان پروفيشنل صحافي پنھنجي صحافتي ڪردار کي بھتر طريقي سان ھلائي سگھن تنھن کان سواء سياسي ۽ قانوني حَوالي سان به سنڌ جي صحافين کي مڪمل آزادي جو اختيار ملڻ گھرجي جنھن سان به صحافي بيباڪيء سان صحافت کي حقيقي رخ ڏانھن موڙي سگھن ٿا اصل ڳالھ صحافين کي عد تحفظ ۽ گھربل سھولتون مھيا ٿيڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رھي ۽ سنڌ سرڪار پاران ھن ڀيري وڌ کان وڌ سنڌ جي صحافين جو خيال رکڻ گھرجي٠
صحافت سماج جو سَگھارو آواز٠٠!!
(شمائلا رند)
ھلندڙ وقت ۾ صحافت سَماج جو ھڪ سَگھارو آواز آھي٠ ھي اھو شعبو آھي جنھن ۾ بغير رنگ،نسل،سياسي، سماجي ۽ مذھبي متڀيد جي بس صحافي پنھنجي آزادي جي اظھار کي سٺي نموني استعمال ڪندي انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل مظلومن کي انصاف وٺي ڏيڻ لاء به صحافي جو اھم ڪردار ھجي ٿو٠ پاڪستان ۾ به صحافت جو ڪردار گھڻون نمايان نظر اچي ٿو توڙي جو پاڪستان جرنلسٽ جو باني ميڊيا جي شروعاتي دؤر ۾ ڏورانھن علائقن ۾ پيرن پنڌ وڃي ڪوريج ڏيندو ھو٠ جيڪو شروعات ۾ پوکيل ٻج ھيل تائين به اسانجا صحافي ڀائر لوڻندا پيا اچن٠ سچ پڇو ته پاڪستاني آئين، يا قانون ۾ صحافت کي گھڻي اھميت حاصل آھي٠ اخلاقي دائري ۾ پنھنجي اظھار راء کي نظر ۾ رکندي اڄ ڪيترائي پروفيشنل صحافي قلم جي نوڪ کي سٺي نموني استعمال ڪندا رھن ٿا جن ۾ نه صرف ماڻھن کان ويوز وٺندڙ صحافي شامل آھن پر،پرنٽ ميڊيا ۾ مسلسل لکندڙ ليکَ، ڪالمز لکندڙ به يقينن صحافت جو اھم ٿَنڀ آھن جن وٽ لکڻ جو سٺو ھنر ۽ ڏانء ھجي ٿو٠ ھن وقت ته ميڊيا پنھنجي مڪمل عروج جي طرف گامزن آھي پوء اھا اليڪٽرانڪ ميڊيا ھجي،پرنٽ،ملٽي ميڊيا يا کڻي سوشل ميڊيا ھجي٠ سوشل ميڊيا به ھڪ اھڙو آواز ۽ پليٽ فارم آھي جيڪو اڄ ڪلھ ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ ئي آھي جيڪو جيئن چاھي استعمال ڪري اظھار راء ڏئي سگھو ٿو پر، سوشل ميڊيا جتي کوڙ خوبيون کڻي حاضرٿي آھي اتي سوشل ميڊيا ۾ گارگند، يا تضاد به ضرور سڻ ۾ اچن ٿا! جنھن جو سبب ھر عام ماڻھو به سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري ٿو، پر ڪڏھن ڪڏھن سوشل ميڊيا ڏسندي يا پڙھندي اھڙيون ڳالھيون به سامھون ڏسڻ ۾ اينديون آھن جن سان ماڻھڻ جون دليون ممڪن آھن آزاريون ضرور ٿينديون ھونديون ڇو ھي اھڙو پليٽ فارم آھي جو ھر عام ماڻھو به سوشل ميڊيا جو صحافي آھي٠پر صحافت سان سلھاڙيل پروفيشنل صحافي سوشل ميڊيا تي به ايڪٽو رھندي زبردست طريقي سان پنھنجو ڪم سرانجام ڏين ٿا ۽ انھن پروفيشنل صحافين جي صحافت پنھنجو معيار رکي ٿي٠ حقيقي،سچائي سان رپورٽنگ ڪرڻ کي ھو اولين ڏين ٿا ۽ عام سوشل ميڊيا،فيسبڪ دانشورن مطلب عام ماڻھن کان مختلف انڪري ھجن ٿا جو ھو پرفيشنل صحافي نه روڳو ھاڻي پر، سوشل ميڊيا جي اچڻ کان اڳ به ھو صحافت سان نڀائيندا اچن پيا٠ بيباڪيء کي سيني ۾ سمائيندڙ ماضي جي اليڪٽران ۽ پرنٽ ميڊيا کي عالمي سطح تي ڏسون ٿا ته حقيقي صحافت تضادن جي به ور چڙھيل رھي آھي! جيئن ”مالٽا“ جي عظيم عورت ”ڊيفني ڪاروان گاليزيا “ پنھنجي صحافتي ڪيرئير ۾ ھڪ ليکڪه ھئڻ جيڪري ڪيترا نه چئلينج کنيا پر پوء ھڪ عورت بھادري سان ڄَمي صحافت ۾ انوکو مثال قائم ڪيو جنھن ھڪڙو وڏو مثال اھو به ته آھي جو ھوء عورت ھئي٠ ڏسجي ته،پاڪستان جي جي حقيقي صحافت کي آزاد راء جو اختيار آھي پر،ان ھوندي به صحافي تضاديت جو شڪار آھن٠ سنڌ ۾ نظر رکجي ته،صحافي ڪيترائي ويچارا حقيقي صحافت کي ھٿ وٺرائيندي پاڻ ڏينھن رات پَتوڙين ٿا،ڪھڙي به سطح تي ڪنھن سان ڪو به مسئلو ٿئي ٿو صحافي انھن سڀني مسئلن کي اجاگر ڪري قانوني،آئيني،جھموري طريقي سان وقت جي واڳ ڌڻين ۽ اعلي! ايوانن تائين پھچائڻ ۾ صحافين کان ڪافي حد تائين مدد وصول ٿئي ٿي٠ ھر فورم تي سنڌ جي صحافين جو به ڪردار گھڻون وسيع ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر،ڏک انھي ڳالھ جو ضررو ٿئي ٿو ته،ٻين ڪارڻ جيئندڙ ۽ ٻين ڪارڻ پتوڙيندڙ،مظلومن جي دوستن،غريبن جي ھمدرد ھتي جي صحافي جي ذاتي زندگي گھڻي اضطرابي پريشاني ۾ گذري ٿي٠ سنڌ جا سمورا صحافي جديد دؤر ۾ به تعليم ،گھر گھاٽ کان ويندي زنده رھڻ جي سمورين آسائشن کان وانجھيل نظر اچن ٿا٠ٻيو ته ٺھيو پر،سنڌ ۾ سرڪاري طور صحافين لاء ڪو خاص تحفظ ءبه ته فرام ناھي جنھنڪري سچ جي ساٿين سنڌ جي صحافين کي ھر طرح جا خطري به کڻڻان پون ٿا ته، انيڪ چئلينجز کي به منھن ڏيڻون پوي ٿو انڪري وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي گھرجي ته سنڌ سميت ملڪ جي سمورن صحافين کي گھربل سھولتون مھيا ڪرڻ سان گڏ کين تحفظ فرام ڪيو وڃي جيڪو سندس پھريون حق آھي٠
*شھري زندگي لاء وڻ ڪيترا ڪارائتا ھجن ٿا٠٠!!؟*
*”شمائلا رند* “
وڻ جو قتل ھڪ انسان جو قتل ھجي ٿو! پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڻن جي پوکي جي مھم ھلائي ويندي آھي٠جنھن ۾ وڻن جي وڍجڻ تي پڻ سرڪاري طور پابندي مَڙھي ويندي آھي! وَڻَ جيڪي نه صرف انساني جياپي لاء اھم ھجن ٿا پر،وَڻَ قدرت پاران عطا ڪيل ھڪ اھڙي نعمت آھن، جنھن سان اسان پنھنجي ڌرتي، پنھنجي آس پاس جي علائقائي ماحول کي بھتر رکي سگھون ٿا! ھونئن ته وَڻَ قدرتي جو ھڪ اھڙو فطري عمل آھي، جنھن سان ٻيا به انيڪ فائدا ٿين ٿا!پر، *”شھري علائقن لاء وَڻَ ڪيئن ۽ ڪيترا ضروري آھن۔؟“* ڏٺو وڃي ته شھري ماحول انسان لاء تعليم کان ويندي ھر سھولتون مھيا ڪري سٺو فائدو پھچائي ٿو اتي شھري ماحول ۾ رھندڙ ماڻھو ڪيترن ئي صحت جي ھاڃيڪار نقصانن جي ور پڻ چڙھن ٿا پر،جيڪڏھن وڏن ۽ ننڍن شھرن ۾ جيڪڏھن وڻڪاري سٺي ٿيل آھي، کليل ميدانن،روڊن يا وري گھرن ۽ آفيسن ۾ به وڻ پوکيل ھجن ته يقينن انھن سڀني نقصانن يا انيڪ بيمارين کان پاڻ کي بچائي سگھجي ٿو! *مثال:٠*شھرن لاء وڌيڪ وڻڪاري انڪري به ضروري ھجي ٿي جو شھرن ۾ ڪيترائي ڪارخان، فيڪٽريون يا گاڏيون جن جيڪري شھري ماحول ۾ پيده ٿيندڙ گھٽ،ٻوسٽ ۽ پَگھرجَندڙ ماحول جيڪري انساني زندگي جو سمورو جياپو گھڻون متاثر ٿئي ٿو٠مثال:٠شھرن ۾ جتي جتي به ” ”Industrial Areas“ ھجن ٿا اتي جي سڀني ڪارخانن، فيڪٽرين ۾ ھنرمَندي ۽ ڪاريگريء جو ڪم ڪيو وڃي ٿو! جيڪو اڄ ڪالھ گھڻي قدر بجلي،سولر يا وري جَنريٽر ذريعي سڀئي ڪم اڪلايا وڃن ٿا! جڏھن ته ڪارخانن،فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونھون جيڪو مڪمل شھري ماحول کي گَرمائي ڇڏي ٿو،جنھن سان دَم،بلڊ پريشر، ۽ چَمڙي جھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي پيچده بيماريون جَنم وٺنديون آھن! پر،ڏسجي ته جتي جتي به ” Industrial Areas“ھجن ٿا اتي ھر جڳھ تي جيڪڏھن وَڻڪاري سٺي ٿيل آھي ته يقينن سڀني پيچيده بيمارين کان بچي سگھجي ٿو! شھرن ۾ گاڏين جي عام درفت به زياده ھجي ٿي جنھنڪري به شھرن ۾ وَڻن جو زياده ھجڻ صفا ضروري ھجي ٿو ڇاڪاڻ قدرت پاران عطا ڪيل جَھنگ، ٻيلا سڀئي وڻ ملي ھڪ اھڙو ماحول جوڙي ٿا٠ جو پَگھرجندڙ ماحول کي ھوا يا فضا ذريعي انھن سڀني ”Chemical“ ڪيميڪل شده شين کي زمين جي اندر ئي جَذب ڪري انسانن جانورن جيڪي به ساھ واريون شيون آھن انھن کي زنده رھڻ سميت سندن متاثر ٿيندڙ صحت کي پڻ بھتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندي خطي جي سموري وايو منڊل کي صاف سٿرو رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا! ڏٺو وڃي ته ٻيون ڪيريون ئي شيون جن لاء به وَڻَ وڏي اھميت رکن ٿا!پھرين ذڪر شھري ماحول تي وڻن جي پوندڙ بھتر اثر جو پئي ھليو پر،ڳالھ شھرن سميت مڪمل ڌرتي ۽ وڻن جي ڪيون تڏھن به وَڻَن جا وڌ کان وڌ فائده موجوده آھن!ھڪ ته وڻ ڌرتي لاء به لاجواب حسن ۽ فائدو رکن ٿا،ٻيون قدرتي آفتن جي اچڻ سان به وڻ گھڻان لاڀائتا اثر ڏيکارين ٿا! مثال: جيڪڏھن ٻوڏ اچي ٿي ته پاڻي جي وڌندڙ دٻاء کي روڪڻ خاطر وَڻَ ڪم اچن ٿا،تيز زياده برساتن کان ويندي وَڻَ تباھي مَچائيندڙ طوفانن کان به محفوظ رکڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا! ڇو جو تيز طوفانن جي رخ کي موڙڻ يا ھوا جي دَٻاء روڪڻ ۾ گھاٽا ٻيلا سٺي مدد ڪن ٿا! ٻياڪيترائي فائده جھڙڪِ وڻن مان حاصل ٿيندڙ فروٽ به انساني جياپي لاء ڪيترو نه ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو،جنھن جو ڪو اندزو ئي ناھي! نه صرف اھو پر، وڻن مان ملندڙ خوارڪ سميت ڪاٺ جھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي خاصيتون ۽ فائده به ملن ٿا٠ ڏٺو وڃي ته، پاڪستان ۾ ٻيلن جي حَوالي سان نظر رکجي ته،”تمر“ جا ٻيلا ھجن يا کڻي ڪي عام ۽ ننڍا ٻيلا ھجن ھي سڀئي ٻيلا ھاڻي کليل ميدانن جي صورت ۾ ملن ٿا! پاڪستان جي مرڪزي ۽ صوبائين حڪومتن پاران به وقتن بَوقتن وڻن جي واڍي تي پابندي مَڙھي ٻيلن جي پوکائي جو عمل به ڏيکاريو ويندو آھي پر،باوجود انجي ٻيلن جي واڌ ويجھ جي حوالي سان يا جيڪي پوکيا ويندا آھن انھن جي واڌ ويجھ جو عمل گھڻي حد تائين ڪامياب ٿيندي نظر انڪري به شايد نٿو اچي جو ”فاريسٽ“ کاتي جي بي ڌياني، لاغرزي سبب ٻيلا وڍجندا رھن ٿا! يا وري جيڪي پوکيا وڃن ٿا اھي ٻوٽا واڌ ويجھ کان اڳ محروم رھجندي سَڙي رَک ٿي وڃن ٿا انڪري اچو ته ته، پنھنجي شھري ماحول سميت خطي جي سموري وايو مَنڊل۔ ماحول کي بھتر بَڻائڻ توڙي تبديل ٿيندڙ ۽ نقصانڪار ماحول کان پاڻ کي بچائڻ خطر پنھنجن علائقن،پاڙن ۽ گھرن ۾ وڻ لڳائي خود ئي بھتر ماحول جوڙي سگھون ٿا٠جن سان انھن سڀني شين کي شڪست ڏيئي سگھون ٿا جيڪي چيزون اسانجي لاء ھاڃيڪار ھجن ٿيون٠
تنھنجي ميِزن تي طَرحين طعامَ اَچن٠٠!!
✍🏼شمائلا رند✍🏼
وقت جي تيز رفتاري ۽ زندگيء جي معمول موجب جڏھن ھڪ شھر کان ٻئي شھر وڃي رھي ھئس ته، ان ڏھاڙي سَواريء ۾ ھڪ ڏھن۔ٻارنھن سالن جو معصوم ننيگر اچي منھنجي پاسي ۾ بيٺو! پھرين ته،اھو به شق ضرور ٿيو پئي ته،ھي ڇوڪرو بک جيڪري ھي معصوم ٻار چوري يا کيسي ڪترڻ لاء يا پرس چورائڻ لاء ته ناھي گاڏيء ۾ سَوار ٿيو! الاھي ڇو ھڪ معصوم ٻارَ تي به اھڙو شق ورائي ٿي ويو۔ ڇاڪاڻ ته،جتي بک،بدحالي جو راڪاس ڇانيل ھوندو آھي اتي وقت معصوم ٻارڙن کي به بيڪار عملن تي مجبور ڪري ڇڏيندو آھي،جتي جا واڳ ڌڻي روڳو پنھنجا نوازڻ ۽ ذاتي پيٽ ڀرڻ ۾ مصروف ھجن اتي بکن جي ور چڙھيل ننڍڙن جسمن جي غلط عملن چورين يا ٻين عملن تي انھن معصومن گلن کي ڀلا ڪھڙو ڏوھ جي۔؟ جيڪو ھڪ سوال فقط سوال ئي رھجي ٿو وڃي ٿو پر،انھيء جواب جو حق حَقدار رکندڙ وقت جا واڳ ڌڻي ھتي ڀلي ڪو جواب نه ڏين پر، يقين سان چئجي ته، ڏينھن محَشر جي اھي حقيقي رب اڳيان ضرور جوبدار ھوندا! غريبن جا حق ڦَٻائيندڙ جيڪي پنھنجن ٻارن لاء عاليشان اسڪولز ۾ پڙھائڻ کان ويندي سندن پرورش، کاڌو خوراڪ، پوشاڪَ جو ڪيترو نه فڪر رکن ٿا! پر،کين ووٽ ڏيندڙ انھن بي۔پھچ غريبن جو اولاد جيڪو در در جا ڌڪا کائيندي ماني ڳَڀي لاء به اکيون تَڪيندي نظر ايندو آھي! ڳالھ انھيء معصوم گل! جي پئي ڪئيسين ته،اھو ٻارڙو جنھن جو چھري مان مايوسي جا چٽا تاثرات اچي رھيا ھئا،۽ ٿوري دير ۾ مونکي مخاطب ٿي چوي ٿو باجي او باجي٠٠٠باجي رات کان ماني ناھي کاڌي٠٠٠ ماني جا پئسا ڏي!منھنجون بيوس اکيون ۽ احساس انھيء ٻارڙي جي اھڙي تربيت کي وڌيڪ سمجھڻ جي متلاشي ٿي پيا! پر سمجھي نه سگھيس! جنھنڪري ٻارڙي کان پڇيم بابا پنھنجي ذات ڪھڙي آھي۔؟چيائين باجي آئون شيخ آھيان، ٻارڙي جي ضرورت مطابق سندس واھر ڪندي سوچيم ڇو نه ھن معصوم ٻارڙي کي تعليم خاطر آمده ڪجي کيس موقعو ڏجي،جنھن تي سفر ئي سفر ۾ انھيء ٻار کي گھر جي ڀاتي جيان محبت ڏيندي آخري ۾ ھن کي پڙھڻ جو اشارو ڪيم ته،چيائي باجي ڪتابن لاء پئسا ناھن جنھن تي انکي ايترو به چيم ته،منھنجو نمبر تو کي ڏيان ٿي، تنھنجي پڙھائي جو خرچ آئون ڀريندس پوء ته پڙھندي نه٠٠پر ننڍڙي ۽ معصوم عمر جو ٻارڙو ضروري ناھي منھنجي انھيء ڳالھ سان سھمت ٿئي پر، سندس اکين جي گھَري اداسي کي ڏسندي ۽ زبان مان نڪرندڙ لَفظ باجي٠٠٠۽ ماني ٻڌندي ذھن تي ھي لفظ تَري آيا!
”تنھنجي ميِزن تي۔طَرحين طعامَ اچن،کائين ڪانگ ڪتا۔چوٿا جامَ بَچنَ،آئون ڪيئن لوڻ چَکان!منھنجا ماروئڙا ! روزا روز رَکن“
ھن نئاتَ جي نياڻين جي نصيبن ۾ روڳو دَرد ڇو٠٠!!؟؟
”شمائلا رند“
اسانجي ھن نئات جي نياڻين جي نصيبن ۾ نَقشَ ته ھونئن ڀي ناھن چِٽيل جن نياڻين ٽَھڪن کي ٽشو پيپر بڻائي ڏکن جا انيڪ لڙڪ اگھيا آھن! کلڻ به عجيب شيء آھي ڪنھن جي کلڻ ۾ انجي کلڻ کان وڌ درد لڪيل ھوندو آھي! رازن جون رانھون انھن جي ڪيفيت به ڪَمال جي ھجي ٿي، پر ھتي سسٽم اڃان به ڪو ٻيو محسوس ٿئي ٿو!ڇو جو ھيء سنڌ آھي! ڀٽائي سائين جي شاعري جو مرڪز بَڻيل سنڌ جون اَديون اندر ۾ انيڪ آتشن جا اَنبار کڻي سازشن کي دَفائينديون رھن ٿيون! ھنن لاء سھڻان سپنا سندن حَسرتن جا سرعام جنازا نڪرندا رھن ٿا!ھڪ فقيرياڻي فَلڪ طرف مھاڙ ڪري رب جي رازن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي!سورن جي سَطايل سِنڌ سک ته ھونئن به ڪونه سَنڀري! پر، بکن،اڃن، ۽ سڃن جي سَفر ۾ نڪتل پيٽ پوڄا خاطر بازار جي طرف نڪتل نياڻي کي جڏھن ڪي اوباشَ بري نظرن سان ڏسندا آھن! تڏھن اندر ۾ ھڪڙو اَلميو پيده ٿي پوندو آھي!دل ڀورا ڀورا ٿي پوندي آھي،اَڻھوند ۽ اَڻاٺ جيڪري ھوء ڪڏھن ڪڏھن عياش”خور وٽ عيوضي جيان جسماني نشانو به ضرور بڻجندي ھوندي ته ڪڏھن ڪڏھن پاڻ عزت کي بي آبرو ٿيڻ کان به ضرور بَچائيندي ئي ھوندي! چاھتن جون چانڊوڪيون فقرياڻين لاء ڪھڙي ھجن ٿيو۔؟ڏاڍ جي ھن ڏيھ ۾ جتي ۾ ڪا نياڻي خيرات مھل” رب“ جو نالو وٺي صَدا ھڻي ان تي بري نظر٠٠ان کان وڌ ڪا ٻي حيِوانگي ڪھڙي ٿيندي۔؟ جن جي نصيبن ۾ اوبر به وڏي مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي! سموري سنڌ جي موجوده حالت کي ڏسندي گھڻي پريشاني انڪري به وٺي ٿي وڃي! سنڌ ۾ غربت ايترا اَچي ديرا ڄَمايا آھن جو سنڌ جون سوَن خاندانن سان تعلق رکندڙ بيوس۔مجبور اھي عورتون به خيرات لاء ٻاھر نڪرن ٿيون جن جي پوشاڪ سڌائين پَردي ۾رھي آھي! خدارا اھي عورت اوھانجون به اَديون آھن ته،اَمڙيون به! ويراڳين جي وَڪڙ ۾ ورتل ڪا نياڻي خيرات لاء صَدا ھڻي ته ان تي به نظرون! افسوس سان چَوڻون ٿو پئي ته،وقت جا واڳ ڌڻي به نياڻين کي ڪا خوشحالي يا تحفظ ناھن ڏئي سگھيا٠حڪومت طرفان جيڪو وظيفو ڏجي ٿو اتي به قطار ۾ نياڻيون بيٺل نظر اينديون آھن! خدارا سنڌ جي نياڻين کي پننڻ تي مجبور نه ڪريو نه ھو اوباش ماڻھن جي نظرن جي ور چڙھن ڪي اھڙيون مراعتون جوڙيون وڃن جنھن سان ڌرتي جون ڌيئرون زندگي زيور ٿئي پر زھر نه! جي نه ته پوء اھو نه وسارجو ته ڏاڍَ جي ڏيھ ۾ ڏمر به ضرور ڪرندو!
زھر جنين جي زندگي،ڏک تنين جو ڏيج٠٠!!
”شمائلا رند“
نصاب سان گڏ علمي اَدب ڇو لازمي آھي۔۔؟؟
✍🏼شمائلا رند✍🏼
علم ھڪ اھڙي شيء آھي جنھن کي پرائڻ لاء ڪا به جڳھ، حد مقرر ٿيل ناھي!جيڪڏھن علم جي جڳھ يا ڪابه حَد مقرر ٿيل آھي به ته! اھو نصاب آھي، پر، نصاب کان ھٽي ڪري ڳالھ دنيا جي سموري علم جي ڪجي ته، علم جيڪو ڪنھن به حَد مطلب زمين جي ڪھڙي به ٽڪري ۽ بغير والاريل يا وري محدود جَڳھ کان علاوه ڪھڙي به جَڳھ تي ڪھڙي به عمر ۾ ڪنھن به طريقي سان سِکي سگھجي ٿو! ھي اھو ئي علم آھي جيڪو خود پڙھيو وڃي ٿو! نصاب ھجي،ادب ھجي يا ڪو ٻيو جيئن سنڌ جو ناليوارو قَلمڪار وڏو ليکڪ اَمر جَليل“ لکي ٿو ته، ”نه استاد،نه پروفيسر ۽ نه ئي ڪو ٻيو۔ پر، ھڪ بکيئو پيٽ،خالي کيسو ۽ ٽٽل دل زندگي جا اھم سبق پڙھائي سگھن!“ جيتوڻيڪ اسان وٽ عام طور تي علم صرف نصابن تائين سمايل آھي،جيڪو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسيٽن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو پر، اَدبي تَخليقي حَوالي سان اسان وٽ علم محدود رھجي ويو آھي،جنھن ڪري زندگي جو حَقيقي فلسفو به متاثر ٿي رھيو آھي! اسانجو آئندو جنھن کي به گھڻي ڳَڻتي نصاب جي ئي ھجي ٿي باقي اَدب يا زندگي جي حقيقي منعي! کان بي خبر رھجي وڃون ٿا! ڏٺو وڃي جيڪڏھن اسان وٽ ٻارن ۾ نصاب سان گڏ اَدبي حوالي سان به درسگاھن ۾ کين علم ڏجي ته يقينن اسان وٽ جاھلت يا خونريزن جا وڌندڙ واقعا جن ۾ گھڻي گھٽتائي اچي سگھي ٿي!ڇو جو اھو ادب ئي آھي، جيڪو زندگي جي حَقيقي رستي جي ڏانھن وٺي وڃي ٿو! اوھان ڏٺو ھوندو ته جديد دؤر ۾ به پاڻ وٽ اھڙا ڪيترائي ماڻھو ملندا جيڪي نصابي حوالي سان ته مڪمل ئي ھوندا آھن پر، باوجود انجي ھو معاشري ۾ حقيقي زندگي ڪيئن گذارجي۔؟جنھن کان ھو قاصر يا غافل ھوندا آھن، جن وٽ علم ته ھوندو آھي پر،شعور ناھي ھوندو نتيجن ھو زندگي ۾ ڳالھائڻ جي لَھجن ۽ روين سان گڏ زندگي ۾ ” *اخلاق حَسَنه* “ کان پڻ محروم رھجي ويندا آھن! جنھنڪري معاشري ۾ ذھني صَلاحَيتن جو خاتمو ٿيڻ ڪري اسان *ذھني معذوري* جي طرف ڌڪجندا رھون ٿا! ڏسجي ته،ادب جي دنيا ۾ ھر اھو ماڻھو حادثن جو شڪار رھي ٿو! جنھن جو واسطو اَدب سان ھجي ٿو! پر، اھو وسارڻ ھر گز نه گھرجي ته،ادب سان سلھاڙيل ماڻھن ئي زندگي ۾ مايوسين کي *مات* ڏني آھي، *حضور سائين* جن خود به فرمائين ٿا علم حاصل ڪريو چاھي اوھانکي چين وڃڻون ڇو نه پوي جيئن *علي سائين* جن جو سھڻون قول مبارڪ آھي ته علم کان بغير انسان ھن ڌرتي تي بوج يعني وزن ھجي ٿو! يقينن علم ته علم ئي ھجي ٿو پر،ذڪر جيڪڏھن سنڌ ۾ علم جو نڪري ٿو ته پاڻ صرف نصاب تي زور ڀريو وڃي ٿو! جيڪو به اھم ھجي ٿو پر عام طور تي ڏسجي ته،نصابي علم ۾ ٻارڙن کي صرف نه انھيء شيء جي خبر ھجي ٿي جيڪو ھو پڙھي يا ياد ڪري ٿو پر، ٻولي جو اَدب،سياسي يا غير سياسي ڄاڻ جيڪا ماڻھو کي نه روڳو ڏکين حالتن ۾ ڄَمي مقابلو ڪرڻ جي صَلاحيت،ذھني قوت پيده ڪري ٿي پر،اِھو علم جنھن کي پڙھڻ سان زندگي جي سمورين حسناڪين ۽ اونڌھائين جي به خبر پوي ٿي، ماڻھن کي زنده رھڻ جي،ڍَنگ،سموري رھڻي،ڪھڻي کي سمجھڻ جي سَگھ ملي ٿي! آئون سمجھان ٿي ته جيڪو به ماڻھو ھر ٻئي جو احساس رکي ٿو،نرم دل ھجي يا سماج جو ذميوار فرد بڻجي ته ائين سمجھجي ته انھيء شخص جو اَدب طرف لاڙو آھي ئي آھي٠آئون پنھنجي ذاتي تجربي ۾ ايترو به ضرور چوان ٿي جيڪڏھن اوھان ٻارڙن کي سٺي تربيت ڏيڻ قائل آھيو ته کين ادب کان به لازمي متعارف ڪرايو جنھن سان ٻارن ۾ ٽئلينٽ،خود اعتمادي به وڌندي ته ٻارڙن ۾ ھڪ ٻئي سان ھمدردي سميت وطن سان به حب جو جَذبو به جاڳندو جنھن سان اسين ساڙ،حَسد ۽ بغض کي شڪست ڏيئي مڪمل انسان بڻجي پونداسين ھڪ نئون جھان جوڙڻ ۾ ڪامياب وينداسين٠
شاگردن جي ذھني صلاحيت کي سمجھڻ جي ضرورت آھي٠٠!!
”شمائلا رند“
اسان جنھن معاشري ۾ رھون پيا يا جيڪا به رھڻي، ڪھڻي ،ريتون،رسمون ۽ روايتون اسانجي زندگي ۾ روز جو قصو ھجن ٿيون جن ۾ ننڍڙا معصوم ٻارڙا به شامل ئي ھجن ٿا٠معصوم ٻار جيڪي نه صرف سماج جو معمار يعني سماج کي اڏيندڙ ھجن ٿا پر،ٻار سرمايو خطي جي ترقي به ھجن ٿا جن کي سٺي تربيت ۽ سٺي تعليم جي نوازڻ سان ھو سماج جا سگھارا آواز بڻجي سگھن ٿا ان سان گڏ ھو وطن لاء لڇندڙ ۽ قدآوار ڪردار ذميوار فرد به بڻجي سگھجن ٿا! پر، سڀني شين کي ڏسون ٿا ۽ ڳالھ وري ٻارڙن جي تربيتي يا بنيادي تعليم جي نڪري ٿي ته سنڌ ۾ جڏھن ٻارڙا پڙھي جوان ٿين ٿا تڏھن کان ھو رولاڪين جي ور به چڙھن ٿا! حڪومتي بي ڌياني ۽ غربت جيڪري ننڍپڻ کان وٺي جوان ٿيڻ تائين ھو پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي بلڪل ناھن سگھندا! جنھن جو ڪارڻ اھو به آھي، جو اسڪولز ۾ جڏھن استاد پڙھائيندا آھن تڏھن ٻارڙن کي فقط نصاب ملطب ته ڪتابي ڪورس تائين محدود رکيو ويندو آھي! پر، نت نوان تجرباتي استاد تمام گھٽ ھجن ٿا جيڪي نصاب سان گڏ ٻارڙن مان اھو به محسوس ڪن ته قدرتي طور ڪھڙي ۾ ٻار ۾ ڪھڙي صلاحيت موجود آھي!ؒ وڏو ٿي ڪھڙو ٻار ڪھڙي ڪردار سان پاڻ کي مڃرائڻ سان گڏ سندس زندگي جو ريڙھو ڌڪي سگھي ٿو! جنھن عمل جي اپنائڻ سان غربت ۾ گھٽائي ايندي انڪري جو ٻارڙا صلاحيتي رھنمائي ٿيڻ پڙھائي سان گڏ ھو انھن خاصيتن کي به سڃاڻندا ۽ محنت ڪندا جيڪي کين قدرتي ورثي ۾ ملن ٿيون! ھونئن به اسان وٽ اھو اليمو رھندو پيو اچي جو اسان ھڪ ٻئي کي ته ٺھيو پر، پنھنجو پاڻ کي به ناھيون سڃاڻندا پر جيڪڏھن ڪو استاد شاگرد کي پڙھائي ۽ آخر ۾ صرف اڌ ڪلاڪ ڪلاس ۾ ڪا سٺي ايڪٽوِٽي ڪرائي ۽ اھو استاد نوٽ ڪري ته اڳيان ھلي ڪري اھي ٻارڙا ڇا ڇا ٿي سگھن ٿا۔؟ ڇو جو دنيا سڄي فَنَ،آرٽسٽ ۽ ٻين پيشن سان ڀَري پئي آھي مثال ڪنھن جو آواز سٺي ھجي ته ائين سمجھجي ھو سٺو راڳي سنگر ٿي سگھي ٿو،اھڙي طرح ڪو استاد ٿي سگھي ٿو،ڪو رائيٽر،ڪھاڻيڪار،ڪو مڪينيڪل،ڪو پائليٽ،ڪو ڪاروباري يا ٻيو ڪجھ به ٿي سگھي ٿو! ڇو جو ھر ماڻھو جي اندر ۾ ڪا نه ڪا ھڪڙي صلاحيت موجود ھجي ٿي جيڪا گھڻي حد تائين نظر انداز به ٿيندي رھي ٿي، جنھن جو ڪارڻ ھڪ ته غربت ٻيو ته شعور نه ھئڻ به آھي ڇو جو شعور ۽ علم ٻئي الڳ لڳ آھن ڪي ڪي ماڻھو اڻپڙھيل به شعور سان سرشار ھوندا آھن تنھن ڪري جيڪڏھن استاد چاھين ته ٻارڙن کي نصابي تعليم ڏيارڻ سان گڏ ٻارڙن جو دلچسپي سان جائزو وٺن ۽ معلوم ڪن ھر ھڪ ٻارڙي ۾ قدرتي طور ڪھڙي صلاحيت موجود آھي جنھن سان ھو وڌيڪ ان طرف مائل ڪرڻ ۾ شاگردن جي مدد ڪندا رھن ايستائين جو آئون سمجھان ٿي استادن پاران اھڙو عمل اپنائڻ سان ھر ٻار جي زندگي سٺي ٺھي سگھي ٿي جيڪي سڀئي ٻارڙا تعليم کان پوء نوڪرين جي آسري ڪونه ويھندا سندن ۾ جيڪا صلاحيت آھي اھا ئي سندن روزگار جو ذريعو ته بڻجي سگھجي ٿي پر ان سان گڏ ھو سٺا انسان بڻجي وطن وطن جو نالو به اجاگر ڪري سگھن ٿا٠
اَڄ جي عورت انصاف گُهري ٿِي، ۽ برابري گُهري ٿي!
(شمائلا رند)
اُهو سَچ آهي ته دُنيا ڌرتيءَ جي گولي تي اَنيڪ سوڀون حاصل ڪري چَنڊ کان ٿيندي هاڻي مَريخ تي زندگيءَ جا رَستا ڳولي رَهي آهي- ته اَسان وَري اڳتي وَڌڻ بَدران پوئتي وَڃي رَهيا آهيون. پاڻ تاريخ ۾ پڙهيو آهي ته عربن جو هِڪ دور هو، جو ڪنهن نياڻيءَ جي ڄَمڻ تي ماتم ڪيو ويندو هو، ۽ اُن کي آفت سمجهي زندهه دفنايو ويندو هو. اُهي ڳالهيون ته 14 ۽ 15 صديون اڳ جون آهن، پَر پاڻ جَڏهن پَنهنجي اَڄوڪي مُعاشري جو جائزو وَٺون ٿا ته صُورتحال ڪا گهڻي تَبديل ٿِيل ناهي. اَڄ به پُٽ جي ڀيٽ ۾ ڌيءَ کي گهٽ اهميت ڏِني وَڃي ٿي. اَهڙا ڪيترائي والدين جيڪي پُٽن کي ته اعليٰ تعليم ڏيندا آهن، پَر نياڻين کي پَنج درجا به وَڏي مُشڪل سان پڙهائيندا آهن. هزارين لکين نياڻين لاءِ اَڄ به اَعليٰ تعليم ممنوعه آهي. جيڪڏهن ڪي والدين پَنهنجي نياڻين کي اَعليٰ تعليم لاءِ ڪاليج، يا وَري يونيورسٽي موڪليندا آهن ته اُنهن تي به ٽوڪ ۽ طنز ڪئي ويندي آهي. خُدا نه ڪري! جيڪڏهن ڪنهن نياڻيءَ سان اڻوڻندڙ واقعو پيش اَچي ته پوءِ والدين جو جيئڻ جنجال ڪيو ويندو، ۽ هر ڪو اُهو چَوڻ لڳندو آهي ته اَسان منع ڪئي هُئي، پوءِ به ڇوڪريءَ کي يونيورسٽي موڪليو ويو، ۽ هاڻي نَتيجو سَڀني ڏسي ورتو!
اُهو سِلسلو ڪيئي زمانن کان هلندو رَهي ٿو. اَسان اڄ ڏينهن تائين اُهو نه سَمجهي سَگهيا آهيون ته دُنيا جا ڪيترائي مُلڪ آهن، جِتي عورتون حُڪومت ۾ شامل آهن. خود پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ عورتون وزيراَعظم رَهي چُڪيون آهن- جَن مُلڪن ترقي ڪئي آهي، اُنهن جو مُک ڪارڻ به عورتن کي برابريءَ وارا موقعا ڏيڻ آهي- ڏٺو وڃي ته سُڌريل مُلڪن ۾ عورتن کي ھر اُن سرگرميءَ جو حصو بڻايو ويندو آھي، جيڪو اسان وٽ اھڙي ڪنھن به سرگرمي ۾ سواءِ مرد جي باقي عورتن کي شامل ڪرڻ حرج محسوس ڪيو ويندو آھي. سنڌ بلڪه پُوري پاڪستان ۾ عورتن جي حوالي سان سرڪار سڳوري به سَنجيده ٿيندي نظر نٿي اچي. گذريل سال جڏھن پاڪستان ۾ ننڍڙن معصوم ٻارڙن سميت وڏي عمر وارين عورتن سان مسلسل ريپ جا واقعا پيش ايندا رھيا ۽ تڏھن ڳالھ جڏھن مرڪزي حڪومت تائين پھتي ھئي، تڏھن اُن وقت جي وزيراعظم عمران خان ڇا چيو ھو؟ ھڪ وزيراعظم جي عھدي تي فائز ماڻھو جيڪڏھن چوي عورتن سان ريپ جا واقعا سندن بي پردگيءَ يا لباس صحيح نه پائڻ ڪري پيش اچن ٿا. يقينن! اُن وقت جي وزيراعظم عمران خان کي شايد ئي ڪير ٻُڌائڻ وارو نه ھو ته جيڪڏھن عورتن سان اُھي واقعا سندن جسم تي پھريل لباس جي ڪري پيش اچن ٿا، پوءِ اُنھن معصوم ٻارڙن سان اھڙي قسم جا واقعا ڪھڙي سبب جي ڪري پيش اچن ٿا؟ جن کي لباس يا پردي جي خبر ناھي ھوندي. اُھو جواب اُن وقت لازمي وٺڻ ئي کپندو ھو، جيڪو گھربل رھجي ويو. سَموري مُلڪ ۾ خاص طور تي سنڌ جي عورتاڻي زندگي گھڻي عذاب واري گذري ٿي، جن ۾ اڪثريت ٻھراڙين جي عورتن جي آھي، جنھن جو اھم سبب اُھو به آھي، ڇاڪاڻ ته ٻھراڙين ۾ عورتن کي تعليم جھڙي زيور کان پري رکيو وڃي ٿو. اوھان جائزو وٺو، ننڍڙي نظر مختصر تحقيق ڪري ڏسو، پٽن جي ڀيٽ ۾ نياڻين جي زندگي ڪيئن ٿي گذري. ننڍي عمر کان وٺي جواني ۽ پيريءَ تائين عورت مظلوم رھجي وڃي ٿي. مثال طور: گھر ۾ والدين کي ٻه ٻار آھن، جن ۾ ھڪ پٽ، ٻي نياڻي آھي، حق ٻنھي جا برابر ئي ھجن ٿا، پر پوءِ به والدين جي ڪوشش اُھا ئي رھندي ته جيڪڏھن نياڻيءَ کي خرچي 10 رپيا ڏيڻي آھي ته پٽ کي رپيو يا پنج رپيا وڌائي ڏيڻا آھن، ڇاڪاڻ ته اُھو پٽ آھي، کيس ڀلي ڪجھ سَوايو ملي. اُھو وساريو وڃي ٿو جڏھن ماءُ پيءُ پوڙھا ٿي ويندا آھن، تڏھن پٽن کان وڌ نياڻيون ئي سندن خدمت ۾ دلچسپي وٺنديون آھن، جڏھن نياڻي جوان ٿئي ٿي، تڏھن به شادي جي وقت نياڻيءَ کي مائٽن جي مرضي تي ڇڏيو ويندو آھي، پوءِ ڀلي پڙھيل لکيل نياڻيءَ کي اڻ پڙھيل يا ڪو موالي گھوٽ ڏنو وڃي، پر نياڻي کي ته بس مائٽن جي ڳالھ کي پٺي ڏيڻي ناھي ھوندي، ۽ پوءِ اُن طريقي سان ڪيئي زندگيون تباهه ڪيون وينديون آهن.
ھِن سَڄي معاملي تي ڪي اھڙا به مرد ضرور آھن، جيڪي پٽن جي برابر ئي نياڻين کي سَمجھن ٿا. ڪٿي ڪٿي ته سُلجھيل والدين پاران پٽ کان وڌيڪ نياڻين کي اھميت ھجي ٿي. زندگي جا به ڪي اصول ھجن ٿا، ائين به ته ناھي جو عورت کي اھميت ڏجي ۽ پوءِ ھوءَ جيئن چاھي تيئن ڪري يا ڇُڙواڳ ٿي وڃي. جيڪڏھن ائين آھي ته بس اُھي عورتون پنھنجو پاڻ سان ظلم ڪن ٿيون، پر حقيقت کي ڏسون ته ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جي عورت گھڻي تنگ طلبي مطلب گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جَڪڙيل آھي. سنڌ بلڪه پاڪستان ۾ عورتن جي حقيقي زندگي کي ”صَواب“ بڻائڻ لاءِ انساني حقن جا ٺاھيل ادارا به ڪو ڪردار ادا ناھن ڪري رھيا. عورت کي ھِن معاشري ۾ چيچلايو ۽ چيڀاٽيو وڃي ٿو. ڪُجھ شعور رکندڙ مردن کان علاوه باقي مردن پاران ھتي عورتن کي ڪھڙي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو؟ يقينن سڀ ڄاڻن ٿا. عورت ھِن معاشري جي ترقي ۾ ۽ سماج کي اڳيان ڌڪڻ ۾ ته ڪرنگهي جي ھَڏيءَ جيان اھميت رکي ٿي، پر باوجود اُن جي سنڌ ۾ عورتن جي خاص طور تي حڪومتي سطح تي سندن ڪابه واھر نٿي ٿئي. ڏسجي ته اسلامي حوالي سان عورت کي وڏي اھميت حاصل آھي. جنگين جي صورت ۾ پڻ عورتن پاڻ ملھايو آھي، پر ھلندڙ وقت ۾ عورتون ويچاريون ئي بڻيل نظر اچن ٿيون. ٻھراڙين ۾ رھندڙ عورتن جي زندگيءَ تي نظر رکبي ته سندن حالت ڪجھ اَبتر ئي ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ ته ٻھراڙين ۾ اڄ به عورت کي غُلامي جي نظر سان، ٻيو ته مردن جي حوس پوري ڪرڻ جي نگاھ سان ئي ڏٺو وڃي ٿو. پنج آڱريون برابر ته ناھن، پر اڪثر اُھو رُجحان گھڻو وڌي چُڪو آھي جو ٻھراڙين يا شھرن جون عورتون جيڪڏھن اڪيلي سر ٻاھر نڪرن، تڏھن به کين عزت مجروح ٿيڻ جو خدشو لازمي کڻڻو پوندو آھي، عورتن جي حقيقي نمائندگي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. انڪري وقت جي سرڪار کي سنڌ جي عورتن جي زندگيءَ کي بھتر بڻائڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪرڻ جي سَخت ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري سطح تي جيستائين عورتن جي رھنمائي ڪري کين حقيقي زندگي جو حق مھيا نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ھِن معاشري جي بھتري ۽ ترقي ناممڪن ئي رھجي ويندي. ڳالهه تمام آسان آهي ته اَڄ جي عورت انصاف گُهري ٿي، ۽ برابري گُهري ٿي، جيڪو اُن جو حق آهي. جيستائين اسان عورتن کي گڏ نه کڻنداسين، تيستائين ڪُجهه به تبديل نه ٿي سَگهندو.
سَڀ کان ضروري ڳالهه هي آهي ته نياڻين جي تعليم کي يقيني بَڻايو وَڃي. اُن کان به اڳتي نياڻين کي تعليم نه ڏيڻ واري عمل کي ڪرائيم/ڏوهه ۾ تبديل ڪيو ويندو، ۽ اهڙو قانون پاس ڪيو وَڃي- ڇو ته اُهو سچ آهي ته جيڪڏهن هِڪ مَرد پڙهي پوندو آهي ته فقط هِڪ فرد پڙهي پَوندو آهي، پَر جيڪڏهن هڪ نياڻي، يا عورت پڙهي پوندي آهي ته سَڄي فئملي پڙهي پوندي آهي، ۽ سَڄو سَماج سُڌرڻ لڳندو آهي!
حضرت امام حسين عليهِ جي ڏنل عظيم قرباني٠٠!!
”شمائلا رند“
ڏٺو وڃي ته دنيا جو جڏھن کان وجود پيو آھي تڏھن کان انسانن جا پاڻ ۽ تضاد به ھلندا پيا اچن کڻي ڪو ماڻھو سوچي ٿو ھو ڪيترين ڏکيائين مان گذريو آھي،يا گذري پيو پر اھو نه وسارڻ گھرجي ته الله تعالي! جن کي پيغمبر ڪري ھن زمين تي موڪليو تن پيغمبرن لاء به ته ھيء عارضي دنيا روڳو تڪليفون ڏيندڙ ايذائيندڙ ثابت ٿي! جنھن جو مثال آخري نبي سميت ”حضرت امام حسين“سميت ٻين سڀني امامن جي ڏنل عظيم شھادت جو مثال موجود آھي، اسانجي آقا ٻنھي جھانن جي سردار خَندق واري جَنگ دؤران کاھي کوٽڻ ۽ مسجد نبوي جي اڏاوت ڪرڻ وقت سمورو ڪم پنھنجي اصحابن سميت پاڻ پنھنجن ھٿن مبارڪ سان ڪيائون!الله جي آخري نبي ۽ پنھنجي نانا جي دين کي بچائڻ خاطر حضور سائين جي ڏوھٽن ۽ اصحابين ڪيتريون نه سَختيون ڏٺيون جن نه صرف سچائي جو عَلم کوڙي پنھنجون جانيون قربان ڪندي مذھب اسلام کي بچيائون پر سندن ادا ڪيل انسانيت جو اعلي! مثال به ڪٿي به نٿو ملي! شروع کان آخر تائين پوء جنگ احد ھجي خندق يا کڻي بدر انھن سڀني جَنگين ۾ نه صرف حضور سائين سندس اصحابن ۽ ٻين امامن سڳورن الله جي ڏسيل واٽ تي قدم قدم جانيون خطري ۾ کنيون ۽ شھادتون ماڻيون پر،بدر جي جَنگ دؤران جڏھن مسلمان جي قافلي جو مڪمل تعداد 72ھيو تنھن وقت جڏھن ”امام حسين عليهِ ،جن ڪربلاء جي ميدان ۾ پھتا ته انھن 72 ڄڻن ۾ عورتن سميت ننڍڙا ٻار به شامل ھيا! ” ”حضور اڪرم ۽ حضرت علي سميت بي بي فاطمه جي ھنج ۾ پلجندڙ ” حضرت امام حسين عليهِ سلام“ سنڌ اچڻ جي به خواھش ظاھر ڪئي ھئي تڏھن سندن بلڪ مسلمانن جي ڪَٽر دوشمنن ڪافرن جي ذھن ۾ فقط ھڪ اھا شيء ھئي ته ”امام حسين عليهِ“جنگ کان لنوائي ٿو پر،انسانيت جي دوشمنن ۽ ڪافرن کي اھا خبر نه ھئي ته ،تنھن وقت ۾ به سنڌ اسلام جو مرڪز ھئي، جنھنڪري” امام حسين رضہ“ کي خبر ئي ھئي ته ان وقت ۾ سنڌ سڄي سندس نانيِ يعني ”حضور سائين“ جي غلامن ۽ سان محبت ڪندڙن سان ڀَري پئي ھئي! سوچجي ته پوء ڀاء ڀلا ”اسانجي پياري پيغبر جو اولاد يا سندس ڏوھٽو ڪيئن ڪو نه سنڌ جي اچڻ جي خواھش ظاھر ڪندو! سچ ۾ ته ”امام حسين“ جيڪو سنڌ اچي ته نه سگھيو پر،سندس ڏيکاريل خواھش به ھن سنڌ لاء ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھي، ھونئن سنڌ نه روڳو اڄ پر ،شروع کان ئي صوفين،بزرگن،۽ انسان دوستن سان ڀريل ھئي، جنھن جو نالو ئي باب السلام ئي آھي۔ ڏسجي ۽ جائزو مختصر جائزو وٺجي ته، اسلامي تاريخ نماز ۽ مسجد جي حوالي سان اسلام جي شروعاتي سڀ کان پھرين مسجد ”قبا“ کان ٿئي ٿي، جنھن کانپوءوري ٻي ھجري ۾ حضرت بلاول پاران اَذان جي شروعات ٿئي ٿي،جڏھن ته روزو به ٻه ھجري ۾ ئي فرض ٿيو!
اسلام جنھن جي لفظي منعي! سونپڻ يا قبول ڪرڻ ھجي ٿي پر ديني فطري طور اسلام امن جو مذھب آھي٠ اسانجو مذھب اسلام جيڪو انساني ڀائپي، روادري،ميٺ،محبت ۽ ھڪ ٻئي سان ڀائپي سان گڏجي رھڻ جو درس ڏي ٿو جيڪو ٻئي کان پاڻ کي وڌ سمجھڻ جي اجازت نٿو ڏي ڇو جو انسان کي رب جيڪو اشرف “المخلوقات“ جو لقب ڏنو آھي انجي به لفظي منعي! اھا نڪري ٿي سڀ کان ڀلو يا مٿانھون پر ھڪ انسان جو ٻئي انسان کان وڌ بلڪل به ناھي! پياري پيغمبر” حضرت محمد صلي الله والهِ وَسلم“ جن جي سموري زندگي جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي نبي سائين جن قدم قدم تي تڪليفون ۽ ايذاء سَٺا پر،ڪڏھن ڪنھن کي تڪليف نه پھچايائون کيس جڏھن ڪو پٿر اڇلائي ھڻندو ھو ته پاڻ سندن گلن سان آجيان ڪندا ھئا جَنگين جي حالات ۾ پاڻ رب جي ھر رضا ۽ حڪم جي پوئيواري ڪندي دوشمن ٽولن جي ارڏائين ۽ اسلام کي بچائڻ خاطر پاڻ ڪيتريون ئي اذيتن کي برداشت بس شڪر صبر و تحمل جو دامن نه ڇڏيو! ڪافرن جي سردار ابو جھل ته ”حضور صہ“ جن کي به قتل ڪرڻ جي تجويز ڏني ھئي، ۽ جڏھن علي سائين کي شھادت نصيب ٿي تنھن وقت سندس عمر جوڀن جواني جي چاليھ سال ھئي ۽ جڏھن ته 78سالن جي عمر ۾ جڏھن ”حضرت عثمان“ تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس شھيد ڪيو ويو تنھن وقت پاڻ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رھيا ھئا! جڏھن ج نبي پاڪ صه جن جا ڏند مبارڪ شھيد ٿيا ٿيا ھئا،احد جي جنگ ھئي، جڏھن ته ”فجار“ جي جنگ حضور سائين جي حاٽيء لاء پھرين جنگ ھئي! سندس ڪنيت ابوالقاسم آھي،سندس نالو احمد به سندس امڙ ئي رکيو ھيو، حضو سائين جي زندگي جو پھريون سفر شام ملڪ طرف ٿيو ھو، تنھن وقت سندس عمر اڃا مس ٻارنھن سال ئي ھئي! مذھبي حوالي ٻارڙن ۾ سڀ کان پھرين اسلام ”حضرت علي ڪرم الله وجھ“ اسلام قبول ڪيو! جڏھن ته عورتن ۾ سڀ کان پھرين حضور سائين جن تي ايمان”بي بي خديجا رضه“ ئي آندو! پاڻ بي بي خديجا سان نڪاح ڪيائون اھو سال 28 قبل از ھجري ھيو٠ حضور اڪرم جن پنھنجي نبوت جي اعلان کان اڳ عبادت ”غارِ حرا ۾ ڪندا ھئا، ٻين پيغمبرن ۽ دؤرن کانپوء جڏھن ته حضور سائين کان اڳ ”حضرت عيسي! “جو دؤر ٿي گذريو جيڪو ھلندڙ ئي ھيو ته 12فيبروري سال 610ع تي آخري پيغبر ”حضرت محمد صه“ جن کي نبوت ملي٠ جنھنڪري اڄ به اسلامي سال کان عيسوي سال جي اڳيان ھئڻ جو به اھو ئي سبب آھي جو حضرت عيسي! کانپوء ھلندڙ ئي دؤر ۾ ”نبي پاڪ“ جن جي نبوت جو اعلان ٿيو،جنھن کان اڳ پيغمبر حضرت عيسي! ھيو جنھن جي دؤر ۾ حضرت عيسي! عليه جيڪو به رب جو پيمبر ھيو پر ظاھري طور الله پاڪ انکي ٽن معجزن سان نوازيو ھو ھڪ ته جيڪي ڪوڙ جا مريض ھوندا ھئا اھي ٺيڪ ٿي ويندا ھئا،مورتين ۾ سور ڦوڪڻ ۽ انجي حڪم سان گونگا به ڳالھائڻ شروع ڪري ڇڏيندا ھئا! جيڪي حضرت عيسا کي الله پاڪ ظاھري طور معجزه عطا ڪيا ھئا! پر” نبي پاڪ صلي الله اَلله عليهِ وسلم“ جيڪي ھئا ئي رحمت الله العمين جن جي سخاوت رحمدلي کان ويندي سندن ديانتداري،سچائي جو اعتراف ته سندن ڪِٽر دوشمنن به ڪيو ھو! انکان علاوه جڏھن پاڻ ھجرت ڪري رھيا ھئا تڏھن به سورت ياسين جو ورد ڪندا رھيا، اسلامي تاريخ موجب پاڻ ھجرت وقت علي سائين کي پنھنجي بستر تي آرام ڪرڻ جو فرمايو ھئائون! جنھن وقت پاڻ ھجرت پئي ڪيائون تڏھن اھو اسلامي مھينو ”صفر“جو ھيو،٠628ع جڏھن ”خيبر“ جو فتح ٿيو ۽ مڪي جي فتح وقت ”حضور صلي الله عليه والهِ وسلم“ جن ”ڪو ھ صفا“ تي مڪي جي ڪافرن کي خطاب به ڪيو ھو!جنگين جي حوالي سان ”امام حسين عليهِ سلام“ جن ٻه محرم تي ڪربلا جي ميدان ۾ پھتا ھئا جنھن جي شھادت 61ھجري ڏينھن ڏھين محرم تي ئي ٿي ھئي! اھو ڏينھن پھرين محرم جو ھيو جنھن ڏينھن ”عتبه“ نالي شخص حضور سائين جن کي ڌن،دولت ۽ زيورن جي آڇ به ڪئي ھئي! جڏھن ”حضور اڪرم صہ“ جن دنيا جي سمورن بادشاھن کي اسلام جي دعوت لکڻ شروع ڪئي ھئي٠ 50سالن جي عمر ۾ پاڻ تبليغ جي مقصد سان طائف جو سفر به ڪيو! بدر جيڪو مديني کان 80 ميلن جي مفاسلي تي آھي، جنگ بدر ۾ انصار ۽ مھاجر اصحابين جو گڏيل ٽوٽل تعداد 311 ھيو!