شمائلا رند پنھنجن کانسواء ڀلا ڪھڙيون عي Tando Muhammad Khan

شمائلا رند


پنھنجن کانسواء ڀلا ڪھڙيون عيدو۔۔!!

عيد منعي! خوشي،راحت جنھن ڏينھن جي اچڻ سان ھڪ پاسي محبتن جو جنم ٿيندو آھي ته،ساڳئي ويلي غريبن کي غريب ھئڻ جو احساس به وڌي ويندو آھي! ڇاڪاڻ ڪنھن احساس مند شخص چواڻي ته،آئون عيد جھڙا ڀلارا ۽ خوشين جھڙا ڏينھن ناھيان ملھائيندو ڇو جو انھن خوشين وارن ڏينھن جي اچڻ سان غريبن کي پنھنجي غريب ھئڻ جو احساس وڌي ويندو آھي! عيد جو ڏينھن جتي انيڪ خوشيون کڻي کڻي حاضر ٿيندو آھي، اتي ھي ڏينھن انھي لاء ”خزان“ به بڻجي پوندو آھي! ڇاڪاڻ ته پنھنجن کان پري رھڻ ۽ وري خوشي جھڙن ڏھاڙن جي اچڻ سان جتي ڪنھن پل لاءِ خوشي محسوس ٿيندي آھي، اتي پنھنجائپ جو احساس سچ ۾ آڪٽوبر،نومبر ۽ ڊسمبر ئي لڳندو آھي٠٠ مطلب جيڪي پاڻ کي اڪيلو سمجھندا آھن نه چاھيندي به ھھڙن ڏينھن تي پنھنجن کان پري رھن ٿا، سفري يا وري جسماني مطلب نفرتن جي نگري ۾ ڦاٿل ماڻھو ويجھو ھوندي به ڄڻ زميني وڇوٽي تي ھوندا آھن!عيد ھڪ خوشين جو وقت آهي، پر اهو اسان مان انهن ماڻهن لاءِ به بيحد اداسي آهي، جيڪي پنهنجي خاندان جي ميمبرن سان گڏ خوشيون ونڊ نٿا ڪن ٿا يقينن سڀني رشتن سان گڏ ماءُ پيءُ جي غير موجودگي جو به ڪو احساس ٿي نٿو سگھي!جيتوڻيڪ منهنجي ماءُ کي وڇڙيل ڇھ سال ٿي ويا آهن، ۽ منهنجي بابا سائين کي چوڏهن سال ٿيا آهن،، سچ ۾ سوچيندي آھيان ڀلا امڙ ۽ بابي کان سواءِ ڀلا شمائلا جون عيدون به ڪھڙيون بس رسم نڀائڻ عيد ملھائڻ مجبوري آھي باقي اندر جي اڌمن جي ور چڙھيل خاص طور تي پنھنجائپ جو احساس ۽ جذبو رکندڙن لاءِ خوشين جي سڀئي ڏينھن ڄڻ وڌيڪ اذيت ڀريا لڳندا آھن،جڏهن ته دنيا جا ھر ڪم ھميشه رھن ٿا، پر ماءُ پيءُ ھميشه ناهي رھندا، ماءُ پيءُ کي وقت ڏيڻ گهرجي عيدون به انھن ساڻ ھونديون آھن، ۽ جن جا ماءُ پيءُ ھن دنيا ۾ نه آھن، ته انهن کي گھرجي ته قبرستان تي وڃن،

0
8
There are no advertisements in the Tando Muhammad Khan yet
Other News Shumaila RIND

ست جون سنڌ جي وڪيل جي ورسي جو ڏينھن٠٠٠!!


”شمائلا رند“


اسان ماڻھن جي ھيء بدقسمتي رھي آھي جو اسان پنھنجن عظيم انسانن کي صرف عظيم چئي سندن مقبرا ٺاھي مجاور بڻجي ويھون رھون ٿا پر، تاريخ جا ورق اتلائي ڏسنداسين ته سجاڳ قومن جي خوبي اھا به رھي آھي جو اھي قومون پنھنجن عظيم انسانن جي محنتن، ۽ انھن جي جدوجھدن کي ھٿيار وانگر نڀائي ترقي جي طرف وڌنديون رھيون آھي٠ سنڌ ڌرتي پنھنجي ھر ھڪ صديء ۾ دؤر ۾ اسانکي حلالي پٽ ڏنا آھن٠ جن ھر دؤر ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ڌرتي جو دفاع ۽ حفاظت ئي ڪئي آھي٠ شاھ لطيف جي دؤر کي ڏسون ته،شاھ سائين جي ذاتي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائون تڪليفون آيون پر، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھ ٻولي جي ارتقا جو مک ڪارڻ لطيف سائين ۽ انجي شاعري آھي٠اھا الڳ ڳالھ آھي قديم ھن ٻولي کي اڃا تائين به قومي ٻوليء جو درجو حاصل ناھي ٿي سگھيو٠ ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جنھن صورتحال مان گذري رھي آھي، ڪيترن ئي مھينن کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب زندگيون مَفلوج بڻجي ويون آھن٠ سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي چڪي آھي٠ پاڪستان جي تمام وڏي ريگستان ٿر سميت سنڌ جي ساحلي پٽي سان واسطو رکندڙ انسان ۽ جانور ويچارا پيئڻ جي پاڻي لاء به انتظار ڪن ٿا پوء ئي کين پاڻي ڍڪ کين نصيب ٿئي ٿو٠ سنڌ ۾ پاڻي جي حوالي سان موجوده صورتحال کي ڏسون ٿا ته،يقينن رسول بخش پليجو ئي ياد اچي ٿو٠ جيڪو ساھ جي آخري گھڙي تائين سنڌ کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ملڻ تي وڙھندو رھيو٠ پليجو پنھنجي ھڪ نَظم ۾ لکي ٿو” خزان کي جو پَناھ ڏيئي سو باغ ئي اجاڙيو“ ڏسو پَليجي صاحب جو فڪر ڪيترو نه طويل خوبصورت آھي جو ھو خزان يعني انھيء موسم کان به نفرت ڪري ٿو جيڪا موسم زَوال جي ھجي ٿي، جنھن موسم ۾ وڻن مان پَن ڇڻ ٿيندي آھي اھا موسم ،آڪٽوبر،نومبر،ڊسمبر جي آھي٠جنھن کي ،سائنسي ،فلسفي طور تي خزان يعني تباھيء جي موسم قرار ڏنل آھي٠ ھي ٽئي مھينا برباد ڪندڙ قرار ڏنل آھن جن جي اچڻ سان محترم رسول بخش پليجو خواھش ڏيکاري ٿو ته نه باغ ھجن نه ئي پَنا ڇڻن٠ بھرحال اصل ڳالھ ته پليجي صاحب اصل اشارو ڪھڙي شيء ڏانھن ڪيو آھي۔؟

سچ اھو آھي جو اسان جديد دؤر ۾ به دقيانوسي خيالن ۾ ايترا ته ڦاٿل آھيون جو جديد دؤر سان اسانجو ڪو واسطو نٿو ھجي! جيڪو ماڻھو وقت سان گڏ ھلي ٿو اھو ئي نه صرف ماڻھو پر مڪمل انسان ھجي ٿو پر،اسانجي سوچ بس ايتري محدود آھي مثال ڦلاڻو سياسي ليڊر اسانجي غم ۽ خوشي ۾ شريڪ ٿئي اسان لاء اھو گَنج آھي، روزگار نه ملي،روڊ رستا ڀلي اجڙيل ھجن مطلب زنده رھڻ جي ھر سھولت ۽ نعمت کان محروم ئي ڀلي ھجون پر، ڦلاڻو اسانجي تَڏي تي آيو بس اسان لاء اھو ئي سڀ ڪجھ آھي پر،ٿورو جي سوچيون ۽ سڌريل ملڪن جي عام ماڻھن جي زندگيء کان جيڪڏھن مڪمل واقف ٿي وڃون تڏھن دعوي! سان چئي سگھجي ٿو ته پوء ئي اسانجي معاشرو جي تباھي اسان پنھنجي بربادي سمجھي وٺنداسين نه ئي ڪن فريبي،ماڻھن ۾جڪڙجڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏينداسين ٠ڏسو سياسي حوالي سان به اھڙن ماڻھن کي اڳيان آڻيون ٿا جن جو ثقافت سان واسطو ئي نٿو ھجي٠ ڏسو اسان ايترا بي سمجھ ٿيندا پيا وڃون جو ھڪڙي لفظ ثقافت کي اسان صرف ٽوپي اجرڪ تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي٠ پر،اھو وساري ويھئون ٿا ته،ھر اھو ماڻھو سماج لاء اھم آھي جيڪو سڄي زندگي ثقافت تي گذاري ٿو٠ سنڌ جا ڪيترائي نالا جن ۾ رسول بخش پليجو جو مثال موجود آھي٠ ھڪ مشھور ناول نگار ”ٽالسٽاء“ لکي ٿو ته،ثقافت تي زندگي گذاريندڙ ماڻھو ڪنھن لاء غلط نٿو سوچي سگھي،ثقافتي ماڻھو ٻئي کان پاڻ کي مٿي سمجھڻ، نفرت ڪرڻ يا بداخلاقي نٿو ڪري سگھي٠ ثقافت سان سرشار ماڻھو سماج جو اھم ٿنب ھجي ٿو جيڪو ڪنھن کي ڪڏھن به نقصان نٿو پھچائي سگھي! رسول بخش پليجي جي زندگي تي نظر رکون ٿا اھا شيء ٽِڪَ ھڻيو بيھي ٿي رھي ته محترم رسول بخش پليجي جنھن سموري زندگي ثقافت تي گذاري ڇڏي٠ پوء ظاھري ڳالھ آھي ھھڙن ماڻھن لاء مشڪلاتون به ڪر کڻي بيھي رھنديون آھن پر وقت ساڻن ملھائي تاريخ اھڙن روشن خيال ماڻھن کي جيء ۾ جايون ڏيندي آھي٠رسول پليجي جي مختصر زندگي تي نظر رکون ته ھن جدوجھد جي شروعات ننڍي ھوندي کان ڪئي ھئي جو ھڪ ڏينھن جڏھن سندس امڙ کان خرچي گھريائين تڏھن امڙ پاران خرچي نه ڏيڻ يا دير ڪرڻ تي پليجو صاحب روڊ تي وڃي روئيندي سمھي پيو جنھن کان پوء امڙ پاران کيس پرچائي خرچي ڏني وئي جنھن کانپوء ننڍي عمر ۾ ھو سمجھي ويو ته دنيا جي ڪابه شيء جدوجھد يا وڙھڻ ۽ محنت کانسواء ملي نٿي سگھي٠ست جون سندس ھن عظيم انسان وڏي سياستدان، ايشيا جي ڏاھي، قومپرست،مفڪر،۽ سنڌ جي وڪيل رسول بخش پليجي جي ورسي جو ڏينھن آھي٠ جيڪا ٺٽي جي ڪجھ مفاصلي تي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ ئي سندس آخري آرمگاھ تي ملھائي ويندي پر، پاڻ پاڻ پليجي صاحب کي ھن اخبار ذريعي شيخ اياز جي ھنن سٽن سان ڀيٽا ڏيون ٿا٠”ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا، گھايل ڌرتيء جي سيني تي،اھڙي گھَري چيخَ ٿين ٿا،جا ھر ڪنھن کي جاڳائي ٿي،۽ دنيا کي بَدلائي ٿي“

Show more
0
Other News Tando Muhammad Khan

عورتن جي زندگي بابت ميڊيا جو ڪردار٠٠!!


(شمائلا رند)


ذڪر جيڪڏھن اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ ٽي وي ڊرامن جو ڪجي ته ھلندڙ ٽي وي ڊرامن جو پاڪستان جي عورتن تي ڊرامن جي پوندڙ اثر جي ڳالھ ڪجي ته، ان ۾ ٻه شيون ڏسڻ ۾ اينديون, ٽي وي ڊرامن جو اثر ۽ پاڪستان جي گھڻي رخي سماج ۾ رھندڙ خاص ڪري عورتن تي غور سان ڏسنداسين ته ان ۾ ٻه شيون ھڪ ھاڪاري ۽ ٻيو ناڪاري مطلب ته ٻئي شيون نظر اينديون جن ۾ ھاڪاري اثرن ۾ عورت جي گھڻن رخي صلاحيتن ۾ گھڻون اضافو ٿيو آھي،ٻئي پاسي ٿوري ڀاڱي ناڪاري اثر پڻ ڏسڻان ۾ اچن ٿا٠ميڊيا جي حوالي سان ھلندڙ دؤر ۾ خاص ڪري پاڪستان يا وري ٻين ملڪن جي ميڊيا پاران اڪثر جيڪي ڊراما وغيره رليز ٿيندا رھن ٿا،انھن ۾ اڪثر سماج جي سموري عڪاسي سان گڏ ميڊيا پاران عورتن جي حوالي پاڪستان سميت پوري دنيا جي ميڊيا پاران سٺي نموني سان سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن زيادتين بربريت ۽ وحشتن جي حوالي سان مڪمل عڪاسي ڪري انھن جي ذاتي زندگي کان ويندي عورتن جي حقن،۽ عورتن جي آزادي خاطر ميڊيا جي مختف پليٽ فارم، مختلف ڊرامن تحت مختلف نه صرف ماڻھن کي عورت جي اھميت کان واقف ۽ آگاھ ڪيو وڃي ٿو،پر،ھلندڙ دؤر ۾ ميڊيا جيڪو به ڪم ڪري رھي آھي ان ۾ گھڻي حد تائين خاص ڪري عورتن جي پذيرائي آٿت ۽ سماج لاءِ اتساھ پڻ سمايل آھي، مثال: مرداڻي سماج ۾ جيڪي اڻڄاڻ، اڻپڙھيل يا وري وَحشي مرد عورت جي اھميت کان اڻواقف ھئڻ ڪري جنھن طريقي سان ھو عورت کي اسعتمال ڪن ٿا! عورتن بابت ٺاھيل ڊرامن ۾ انھيءَ ساڳئي سماج ۾ رھندڙ انھن اڻپڙھيل، جاھل يا وري پڙھيل لکيل وحَشي يا بيرحم مردن لاءِ پڻ وڏو سبق ڏنل ھوندو آھي،

ته عورت کي جي اھميت ڇا آھي، يا عورت سماج ۾ برابري جو ڪيترو حق رکي ٿي،

ھلندڙ ميڊيا جي دؤر ۾ به ڪافي شين کان عورت وانجھيل رھي ٿي٠جنھن جو سبب اھو ٿي سگھي ٿو٠پنج آڱريون برابر ته ناھن پر ، مردن پاران عورت کي اڄ به آزادانا سماجي حيثيت سان بلڪل به تسليم نه پيو ڪيو وڃي،ڪٿي ڪنھن مرد پاران عورت کي غلام سمجھيو ويندو آھي، ته ڪٿي وري مردن پاران عورتن کي صرف ٻار پيده ڪندڙ مشين سمجھيو ويندو آھي،پر اھم ڳالھ اھا به آھي،ته ھن وقت جي عورت وري به خوش نصيب انڪري به آھي، ڇو جو ڀلي مردن پاران عورتن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، پر پوءِ ٿورو جائزو وٺبو ته موجوده وقت ۾ ميڊيا جي ذريعي عورتن کي مختلف، پروگرامن، ۽ ڊرامن ۾ عورتن کي سندن مڪمل حقيقي زندگي جي تَصور ۽ سندن اھميت کان آگاھ ڪيو ويندو آھي،۽ جڏھن عورت پنھنجي حقن لاءِ يا وري آزادي خاطر مرداڻي سماج مان نجات خاطر اٿي کَڙي ٿيندي آھي،تڏھن به سماجي حوالي سان عورتن جي آواز کي دٻائڻ ۽ ھيسائڻ جي ڪوشش ڪري مٿن بربريت ڪري خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، ۽ وري اتي ميڊيا پاران اڪثر انھن سڀني فرسوده رسمن، ريتن ۽ روايتن جي خلاف عورتن جي حمايت ۾ آواز اٿاري کين ھر طرح سان سماج ۾ اندر حقيقي ذھني ،شعوري ۽ اجتماعي جياپي لاءِ سندن واھر ڪري کين ھمٿايو ويندو آھي,سندن احتجاج دنيا ۽ وقت جي حڪومتن آڏو رڪارڊ ڪرائڻ ۾ به ميڊيا جو وڏو ھٿ ھجي ٿو٠

حقيقت ۾ ڳالھ جڏھن گذريل وقت جي ڇِيڙبي ته جنھن زماني ۾ ميڊيا ٽي وي ڊرامن جو نالو ئي نه ھوندو ھو تنھن زماني ۾ عورتن جي ذاتي زندگي ۾ مردن پاران ايندڙ ايذائن،ڏکن، تڪليفن، کان ھو بي خبر انڪري به ھونديون ھيون، جو سندن ڪو به واھر ڪرڻ وارو نه ھوندو ھو، جيئن موجوده وقت ۾ ميڊيا ،ٽي وي ڊرامن ذريعي عورتن ۾ سجاڳي وڌي آھي،

يا وري ماضي ۾ جڏھن مڙس پاران زال کي نظر انداز ڪري کيس ذھني ٽارچر ڪري مٿن تشدد ڪيو ويندو ھو٠جڏھن ڪنھن به عورت تي سندس مڙس پاران انکي ھر طرح سان نشانو بڻائڻ باوجود اھا عورت انھيءَ ساڳئي مڙس جي ڪيل ظلم باوجود به ساڳئي گھر ۾ جينئدي رھندي ھئي،جنھن جو وڏو سبب اھو به آھي،ته تنھن وقت جي عورتن کي پنھنجي پاڻ جي ذاتي حيثيت جي خبر نه ھوندي ھئي،ايتريقدر جو ماضي ۾ عورتن پاران پاڻ کي مظلوم ھئڻ جي پرک به بلڪل نه ھوندي ھئي٠جن جي صبر ۽ برداشت جو سبب بس اھو ئي به ھوندو ھو،جو جھالت واري وقت ۾ خاص ڪري ٻھراڙين جي عورتن کي پنھنجي پاڻ جي اھميت جي خبر ئي نه ھوندي ھئي ته سندن به اھميت اوتري آھي٠ جيتري مرد جي ھجي ٿي، تنھن وقت جي عورت ھميشه مرد کان پاڻ کي ھيٺانھن نيچ سمجھندي ھئي،تنھن وقت ۾ سماج پاران عورتن جي ذھنن ۾ فقط ھڪڙي ئي شئي ڀري ويندي ھئي، ته سڄي سماج جي اڳواڻي رڳو مرد ئي ڪري سگھي ٿو،مرد ئي پڙھي معاشي،علمي، اقتصادي، ذھني ۽ شعوري ترقي ڪري سگھي ٿو،مرد ئي سياسي، سماجي،۽ اجتماعي سرگرمين ۾ ھر شيءَ جو حصو بڻجي سگھجي ٿو،روڳو مرد ئي

سڀنين چيزن يا ذميوارين سان نڀائي سگھي ٿو،باقي عورت ڄڻ ڪنھن به سياسي، سماجي، يا علمي سرگرمي ۾ حصو نٿي وٺي سگھي،جھڙين ڳالھين جيڪري عورت ھر وقت ھن سماج کان ڊنل ۽ ڊرپ ۾ ھيڻي ۽ ڪمزور رھندي آئي آھي ڇاڪاڻ ته، ماضي ۾ مرداڻي سماج پاران اڪثر عورتن کي ذھني معذوري طرف ئي ڌڪيو ويو آھي، جنھنڪري ئي ماضي ۾ عورت ھن وقت جي حساب سان گھڻي ھيسيل رَھي آھي، ھاڻي جيڪڏھن ماضي ۾ جنھن طريقي سان عورتن تي ظلم ٿيندا ھئا يا وري کين نظرانداز ڪيو ويندو ھو تڏھن انھن مظلوم عورتن جي ذھن ۾ ڀريل اھا ئي ڳالھ ته مرد ئي سڀ ڪجھ آھي، ھالانڪ تنھن وقت کي جيڪڏھن موجوده وقت سان ڀيٽبو ته انجي ڀيٽ ۾ ھلندڙ دؤر ۾ عورت گھڻي حد تائين علمي، ذھني شعوري، سياسي،سماجي، اقتصادي، سرگرمين شامل ٿيڻ واري مڪمل ذھني سجاڳي، سگھ ۽ شعوري سمجھ حاصل ڪري ورتي آھي٠ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي به اوتروئي حق ۽ اھميت حاصل آھي،جيتريقدر مرد کي حق ۽ اھميت حاصل آھي، پوءِ چاھي اھو مذھبي يا غير مذھبي حوالي سان ڇو نه ھجي يا وري کڻي دنياوي سياس سماجي يا وري جمھوري ۽ آئيني حوالي سان ئي کڻي ھجي،

ھلندڙ وقت ۾ انھن سڀني ڪَٽ کاڌل رسمن، ريتن، رواجن ۽ روايتن مان پنھنجي جِند آجي ڪرائڻ خاطر اڄ جي عورت مڪمل سجاڳ ٿي چڪي آھي٠

ھلندڙ وقت ۾ جيتريقدر به عورت پنھنجي زندگي گذارڻ لاءِ جن شين جي پَرک ڪري سگھي آھي،ان ۾ گھڻي قدر ھن ميڊيا کان ئي سھارو ورتو آھي،

ڇاڪاڻ ته ھلندڙ دؤر ۾ ميڊيا سماج جو ھڪڙو واحد ۽ ذميوار ادارو آھي٠جيڪو مردن ٻارن کان ويندي عورت جي حقيقي زندگي جي نمائندي ڪري سندن جائزو وٺي انجي عڪاسي ڪري انھيء حوالي سان عورت کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ طوڙي کين خودمختيار بڻائڻ لاءِ مختلف ڊرامن وسيلي کين آگاھ ڪيو وڃي ٿو،جيڪو ئي سبب آھي،جو ماضي جي ڀيٽ ۾ روڳو پاڪستان جو جائزو وٺنداسين ته، تعليم جي حوالي سان عورتن جي تعليم جو روجھان اڳ کان ھنيئر گھڻون وڌيل انڪري به نظر ايندو جو ٽي وي ڊرامن مان عورتن کي وڏي سجاڳي ملي آھي٠ جيڪا ماضي جي عورتن ۾ تعليمي سجاڳي جو نتيجو بلڪل به ذيرو ھوندو ھو،

ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ مختلف ڊراما سيريل وغيره ڏسڻ ۽ سجھڻ سان ھاڻي ھن وقت تائين عورتن کي ايتري ته، ذھني ۽ شعوري سگھ ملي ۽ حاصل ٿي آھي،جو عورتن ۾ تعليم جو روجھان وڌڻ لڳو آھي٠

Show more
0
1

شمائلا رند

*جَديد دؤر ۾ عورتن جي غلامي ۽ ذھني معذوري جو سبب٠٠؟*

ڏٺو وڃي ته ھن وقت تائين جن به عورتن ذھني سجاڳي حاصل ڪري پاڻ کي مرداڻي سماج اڳيان مڃرائي پاڻ کي مردن جي برابر ھئڻ جي سگھ بخشي آھي٠

انھن عورتن پاران ذھني، شعوري، علمي ، قانوني يا آئيني ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو سبب يا انھن جو ذريعو ٽي وي ڊراما ئي بڻيا آھن٠

پر، وري به جيڪڏھن ذڪر ڪجھ ۽ ٿوري ڀاڱي مظلوم عورتن جو ڪريون ته، جديد دؤر به جيڪي عورتون اڄ به ذھني معذوري سبب مردن جي چنبي ۾ غلامي واري زندگي گذاري رھيون آھن٠

انھن تي جيڪڏھن سنجيدگيء سان جائزو وٺنداسين ته، انجو سبب اھو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، انھن عورتن جو جديد دؤر سان ڪو واسطو ناھي رھيو٠

ذھني ، علمي، قانوني يا آئيني طور پاڻ کي خود مختيار بنائڻ خود پاڻ کي آزاد ڪرائي مردن جي اڳيان پنھنجي اھميت کي اجاگر ڪرڻ جو ڍنگ وٽن نه ھئڻ جو ڪارڻ انھن عورتن جو جديد اليڪٽرونڪ ميڊيا، يا وري جديد دؤر ۾ ھلندڙ ٽي وي ڊرامن سان سندن ڪا به وابستگي ناھي رھي٠

جنھنڪري ئي انھن مظلوم عورتن کي سماج اندر ڪو آزادي حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه ملڻ يا کين حقيقي زندگي جو درست دڳ رستو نه ملڻ، ۽ سندن ذھنن ۾ آزاداڻي زندگي جو تصور يا خيال پيدا نه ٿيڻ ڪري ڪٿي ڪنھن عورت کي بي رحم مردن پاران زبردستي جسماني حَوس جو نشانو بنائي سندن زندگي داء تي لڳائي ويندي آھي٠

ڪٿي عورتن تي مڙسن پاران تشدد ڪري کين ھٿن پيرن سان معذور بڻايو ويندو آھي٠

ڪٿي ڪنھن عورت تي پھرائي لڳائي کيس گھر ۾ قيد بنايو ويندو آھي٠

ڪٿي ڪنھن عورت کي ڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪيو ويندو آھي٠

ته ڪٿي وري ڪنھن عورت کي نوڪر طور غلامي ۾ جڪڙي استعمال ڪيو ويندو آھي٠

سماج ۾ رھندڙ مظلوم عورتن تي اڄ به سنڌ ۽ پاڪستان جو ساڃاھ وند طبقو گھڻون حيران ۽ فڪر مند انڪري به آھي٠

جو وقت جي حڪومتن پاران انھن مظلوم عورتن کي ڪوبه تحفظ فراھم ٿيندي نظر نٿو اچي٠

مردن پاران عورت کي نظر انداز ڪرڻ، سماجي حوالي سان عورت جي اھميت کي خاص ڪري مردن پاران گھٽ سمجھڻ تي *ھندستان* جي تمام وڏي ناليواري ليکڪا *اَمرتا پريتم* پنھنجي لکيل ڪتاب ،

*امرتا پريتم جون ڪھاڻيون*

۾ لکيو آھي٠

ھن سماج ۾ اڄ ڏينھن تائين مرد صرف پنھنجي عورت سان سمھڻ سِکي سگھيو آھي٠

پر، ساڻس گڏ جاڳڻ ناھي سگھيو!!!

ڇاڪاڻ ته، اڄ به شادي شده اڪثر مردن پاران عورت کي روڳو جسم تائين محدود سمجھيو ويندو آھي٠

پر، سندن زندگي تي مردن پاران ڪوبه تبصرو ڪري کين ڪي به حق ناھن ڏنا ويندا جن جي کين ضرورت آھي٠

ڇاڪاڻ ته، ھن سماج کي اڏڻ ۾ عورت جو نمايان ڪرادار نظر اچي ٿو٠

اولاد جي پرورش کان ويندي گھر جي سڄي ذميواري عورت کي ئي کڻڻي پوي ٿي٠

جڏھن ته ڪمائي گھر تائين خوارڪ جو سامان راشن پھچائڻ تائين مرد ئي پنھنجو ڪرادار ڪري ٿو٠

باقي مرد اڪثر وڌيڪ گذر سفر جي حوالي سان گھر کان ٻاھر زندگي گذاري ٿو٠

مرد پاران گھر ۾ غير موجود رھڻ کانپوء سندن گھر کي سندس عورت ئي آھي٠ جيڪا گھر کي صاف سٿرو رکي ٻارڙن سميت سڀني شين تي نظر رکي ٿي٠

مرد جو گھر ۾ موجود نه ھجڻ جو احساس يا پريشاني اڪثر مردن کي ناھي کڻڻي پوندي٠

گھر ڪيئن ھلي ٿو٠

يا ڪنھن شيء جي کوٽ کي ڪيئن پورو ڪري کي گھر ھلائجي ؟

انجو سڄو ڪريڊيٽ عورت ڏانھن ئي وڃي ٿو٠

افسوس سان چوڻون ٿو پوي ٠

ته ھلندڙ جديد دؤر ۾ به ڪافي جڳھين تي منفي سوچ رکندڙ ماڻھن پاران نياڻين کي چيڀاٽيو وڃي ٿو٠

سندن حقن يا آزادي جو ڪوبه احترام ناھي ڪيو ويندو٠

*مثال* جيڪڏھن سنڌ پاڪستان ۾ رھندڙ عورتن جي ڳالھ ڪريون ته، ھن سماج ۾ ڪافي مردن پاران گھر ۾ جڏھن ڪو نوجوان ڇوڪرو پسند جي شادي ڪري ته، اھو مائٽن ۽ ان نوجوان پاران اعزاز ۽ سٺو عمل سمجھيو ويندو آھي٠

پر، ساڳئي نوجوان جي ڀيڻ جيڪڏھن پسند جي شادي جي ڳالھ ڪري ته، انکي بيعزتي، يا وڏو پاپ سمجھيو ويندو آھي٠

عورت جي عزت ۽ اھميت جو پَتو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته، *ادبي* حوالي سان ڏسجي ته، سنڌ جي سڀ کان وڏي قومي، صوفي ۽ بزرگ شاعر *شاھ عبداللطيف ڀٽائي* پڻ

پنھنجي شاعري ۾ سماج ۾ عورت کي وڏي عزت جي نگاھ سان اعلي! مان ۽ مرتبي سان پيش ڪيو آھي٠

*شاھ عبداللطيف ڀٽائي*

پنھنجي شاعري ۾ حقيقي سچن ۽ روحاني عاشق ۾ سنڌ جي عورتن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي٠

*شاھ عبداللطيف ڀٽائي*

جي شاعري جا ڪجھ سر ھن سنڌ جي عورت جي نالي ڪيا آھن٠

جن ۾ **سر آسا*

*سر سسئي*

*سر مارئي*

**سر مومل*

ڏٺو وڃي ته، *شاھ عبداللطيف*

جي شاعري جا ھي سر جن کي نالا به سنڌ جي عورتن جا ڏنا آھن٠

جنھن مان به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته عورت جي ڪيتري عزت آھي٠

ڇاڪاڻ ته، ادبي حوالي سان ذڪر جيڪڏھن سنڌ جي عورت نڪرندو تڏھن به عورت ھن سماج ۾ پنھنجي وطن، پنھنجن ماروئڙن سان محبت ڪندي سڪ ۽ ساھ ۾، سنڌ ۾ ڪٿي *مارئي* جي روپ ۾

عورت جي سچي عشق ۽ وطن سان محبت جو مثال ملي ٿو٠

ڪٿي پنھونء سان حقيقي سچي عشق ۾ غرق ٿيل ويل *سسئي* جو مثال ملي ٿو٠ ته ڪٿي وري ڄام تماچيء جي چاھ ۾ نوري پاران ساڻس نڀائڻ يا وري سھڻي ۽ميھار جا انيڪ ۽ حقيقي عشقيا داستان ملن ٿا!

ھنن سڀني شين ۾ عورت جو ڏو نمايان ڪردار نظر اچي ٿو٠

پر، ستَم ظرفي ۽ بدقسمتيء اھا آھي٠

جو عورت کي اوترا حق ملي ناھن سگھيا جيترو ھنن جو ماضي ۾ ڪردار رھيو آھي٠

يا وري سندن حق آھي٠

انڪري وقت جي سرڪار سان کان ويندي سنڌ ۽ پاڪستان جي اديبن، دانشورن، ليکڪن، ساڃاه وندن،مفڪرن، شاعرن، ڏات ڌڻين ۽ اھل قلم انسانن کي گھرجي ته، سڄي ملڪ سميت خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ مظلوم بڻيل عورتن کي تحفظ ڏيڻ عورتن کي مردن جي برابري جي حقن کان ويندي آزادي جو پورو پورو کين حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي٠

ڇاڪاڻ ته، عورتن کي سماجي برابري ڏيڻ، کين آزادي،، تعليم ، تربيت کان ويندي سياسي ،سماجي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ سان عورت ئي سماج جو اھو حصو آھي٠

جيڪا پنھنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ سان ھوء سماج کي بھتر بنائڻ ۽ سرشار بنائڻ طوڙي سماج کي بھتر طريقي سان اڏڻ ۾ ھوء پنھنجو سٺو ڪردار ڪري سگھي ٿي

Show more
0
5

شمائلا رند


بغير تعليم جي ،نياڻين جي زندگي تي پوندڙ اثرَ ٠٠!!


اسان جي ھن سماج ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون معصوم نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم آهن؛ جيڪي سماج جي منفي لاڙن ۽ روين جيڪري پڙھي ناھن سگھيون يا وري پڙھي نٿيون سگھن! سماجي اڻبرابري،دقيانوسي ريتن،رسمن، رواجن ۽ سماج ۾ موجود مرداني جارحاني ڪيفيت ۽ سوچ جيڪري ھوء پاڻ کي آزاد ۽ خومختيار نٿي سمجھي خودمختيار ٿئي ڪيئن بس سندن بنيادي جيڪو حق ھجي ٿو ان کان کيس محروم رکيو وڃي ٿو! ڏسجي ته جڏھن به ڪنھن عورت جي تعليم تي بندش لڳائي کائنس سندس بنيادي حق کسيو وڃي ٿو تڏھن اول ته ان ۾ سندس مائٽن جو به ھٿ ھجي ٿو٠ ۽ ان جي وجه صرف والدين ئي ٿي سگھن ٿا ڇو جو انھن والدين جي ته سوچ بس ايتري ھجي ٿي ھيء ڇوڪري آھي انڪري پڙھي ڪندي به ڇا! ڇوڪري انڪري نوڪري ھن کان نه ٿيندي بس ھي صرف ٻار پيده ڪرڻ لاء ٺاھي وئي آھي مرداني سماج جي خيال موجب ڄڻ صرف کيس ٻار پيدا ڪرڻ انھن ٻارن جي پرورش ڪري ۽ صرف گھر ھلائڻ جيڪري کيس ٺاھيو ويو آھي! خاص طور تي سنڌ ۾ جارحاڻي ۽ معذور سوچ جي مالڪن کي سمجھڻ گھرجي ته، دنيا جي ۾ اسلامي ملڪن جي پھرين وزيراعظم عورت بينظير ڀٽو جو مثال وٺو سنڌ ۾ انھن کي مھتاب اڪبر شاھ راشدي جو مثال وٺڻ گھرجي، انھن کي امر سنڌوء جھڙين عورتن جو مثال وٺڻ گھرجي ،سچ ۾ ته، اھڙي سوچ رکندڙ ماڻھن کي ته ھندستان جي انھيء مشھور ليکڪه امرتا پريتم جو مثال وٺڻ گھرجي! ٻيا ڪيترائي مثال دنيا جون عورتون جن سڀني وقتن بَوَتن علم جو سھارو وٺندي اھي عورتون ڏيھ جي ڏتڙيل، مظلوم جو سھارو بڻجي ھو انھن جون وارث بڻجندي نه صرف ذاتي پنھنجو پر پنھنجي وطن جو نالو پڻ روشن رکيو٠ جن علم وسيلي ھڪ ڪردار بڻجي وطن جي محڪوم ۽ مسڪين ماڻھن جي مالڪي به ڪئي ته وري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل انھن مسڪين لاوارث ۽ گھاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلومن جي اھنجن کي اجاگر ڪري دنيا آڏو پڌرو ڪيو٠ ڏسجي ته پاڻ وٽ نياڻين جي جلد شادي ڪرائڻ به معمول بڻيل آھي ته وري ننڍي عمر ۾ انکي شادي ڪرائڻ معمولي پڻ سمجھيو وڃي ٿو! والدين جي لاپرواھي به ايريقدر جو نياڻين کي اسڪول موڪلڻ يا پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ ۾ حرج محسوس ڪيو ٿو وڃي! جنھن سبب ڪيريون ئي عورتاڻيون زندگيون تعليم کان محروم رھجي وڃن ٿيون،، تعليم جو مقصد صرف نوڪريءَ ڪرڻ نه آهي، پر اھو علم ئي ته آھي جيڪو، حق ۽ باطل جي وچ ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکڻ جھڙي مھارت سيکاري ٿو٠ علم ئي انسان کي زنده رھڻ جو مڪمل ڍَنگ ۽ طور طريقو سيکاري ٿو٠اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي عورتون جن کي علم کان پري رکيو ويو آھي اھي عورتون اڪثر ظلم،ستم و بربريت،جو شڪار بڻجنديون رھن ٿيون،۽ سنڌ ۾ ڪيترائي اھڙا علائقا آهن جتي تعليم حاصل ڪندڙ عورت کي اڻوڻندڙ روين ۽ بيڪار نگاھن سان ڏٺو وڃي ٿو! ان عورت تي طَرحين طَرحين جا طعنا ۽ ڳالھيون کَڻڻيون پونديون آهن،، ۽ ڪافي عورتون ڪمزور ٿي علم کان محروم رھجي وڃن ٿيو جيڪو وڏو نقصان آھي! علم ته ھڪ زيور آھي جيڪو حق نه روڳو مرد کي پر عورتن کي به ته حاصل آھي پوء نياڻين کي تعليم کان پري رکي کين اونڌاھين ڏانھن ڇو ڌڪيو ٿو وڃي۔؟ ھتي مختصر آئون پنھنجي ذاتي ڳالھ ڪنديس ته، آئون به ھڪ عام عورت جي حيثيت رکندڙ آھيان٠ مون سنڌ يونيورسٽيء ۾ ماسٽر مڪمل ڪيو آهي، مونکي ڪافي آھڙا ماڻهو آھن جيڪي مونکي چوندا ھئا.علم حاصل ڪري ڇا ڪندينء توھان ھڪ عورت آھيو،، توھان کي ته بس گھر سنڀالڻو آهي! پر، ڳوٺ ۽ پاڙي اوڙي جي انھن سڀني لھجن ۽ روين کي نظر انداز ڪندي بس گھر وارن جو سھارو گڏ ھئڻ ڪري پنھنجي وس آھر سنڌ يونيورسٽي مان ھن وقت تائين مون ماس ڪميونيڪشن ۾ پنھنجا چار سال پورا ڪيا آھن! اڄ ھي جيڪو آرٽيڪل لکي رھي آھيان انجو اھم ڪارڻ ته، آئون جنھن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھي آھيان انھيء ڊپارٽمينٽ سان وابسته رھڻ ئي آھي٠ ڪافي اھڙا مسئلا سامھون ايندا ۽ ويندا رھيا پر، منھنجو مقصد ته صرف پنھنجي پڙھائي ڪرڻ ۽ مائٽن جي خرچ کي ڪيل پئسي کي فضول وڃائڻ نه ھيو٠ ذاتي زندگي ۾ ظاھري ڳالھ آھي اڄ به ڪي اھڙن مسئلن جي سامھون ٿيڻون ئي پوي ٿو پر، پڙھيل ڪڙيل عورت پاران انھن مڙني مونجھارن کي سلجھائڻ سندس لاء ڪو خاص اشو ناھي! پر ائين بلڪل به ناھي ته پيش ايندڙ ڪنھن به مسئلي کي منھن نه ڏئي سگھڻ ڪري ڪي فيصلا ڪري ڇڏجن جنھن سان سموري زندگي جھالت کي ارپيندي سڄي زندگي اونڌھاري ۾ گذاري ڇڏجي بلڪل به نه! منهنجي سمجھ ۾ علم حاصل ڪرڻ پنهنجي پاڻ سان انصاف ڪرڻ ئي آهي. سچ ۾ ته مون خود به نوڪريءَ حاصل ڪرڻ لاءِ علم حاصل ناھي ڪيو پر، ايترو ضرور چوندس علم انساني سوچ ۽ فڪر کي سلجھائيندي ماڻھوء کي انسان ۽ جانور جو فرق ضرور محسوس ڪرائي ٿو! جنھن ڏينھن کان مون ۾ شعوري سگھ وڌي آھي تنھن ڏينھن کان ھن مرداني سماج اڳيان مڪمل ذھني عڪاسي ڪندي مونکي گھڻون افسوس ٿيندو آھي ته، آخر ڇو عورت پاڻ کي ايتري لاچار ۽ مظلوم سمجھي ٿي٠عورت ئي ته دنيا جي مضبوط ترين شيء آهي جيڪڏھن عورت خود ئي پاڻ کي ڏاڍ ۽ ظلم اڳيان مضبوط ڪرڻ لاء ھوء علم جو سھارو وٺي ته يقينن ھوء شڪست کائي نٿي سگھي٠ جنھنڪري سنڌ ۾ خاص طور پڙھيل لکيل عورتن کي ڪا اھڙي منصوبابندي جوڙڻ گھرجي جن سان سنڌ جي عورتن جي زندگي ۾ ڪي سٺا لاڙا پيده ٿين معصوم نياڻين ۾ پڙھائي جو شوق جاڳي مائرون جيڪڏھن اڻپڙھيل آھن ته گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ڌيئرن کي علم جھڙي زيور سان سينگارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن٠

Show more
0
3
Other News Pakistan

صبر۔ ایک ایسا لفظ جو ہم اکثر سنتے ہیں۔ غم میں، پریشانی میں، درد میں اور تکلیف میں۔ یہاں تک کہ جب ہماری کوئی دعا پوری نہ ہو رہی ہو تب بھی سب سے پہلے جو لفظ ہمارے ذہن میں آتا ہے وہ صبر ہوتا ہے۔ لیکن یہ صبر ہوتا کیا ہے؟

صبر عربی زبان کا لفظ ہے جس کا روٹ ورڈ (ص۔ب.ر) ہے ۔ صبر کا مطلب خود کو باندھ لینا ہوتا ہے، باز رکھنا یا خود کو منفی ردعمل سے روکنا ہے۔ صبر آنسو نہ بہانے کا نام نہیں ہے کیونکہ اگر آنسو نہ بہانے ہوتے تو اللہ آنسو بناتے ہی نہیں۔ صبر تو ایک پوزیٹو ردعمل کا نام ہے۔

صبر کا مطلب ہے :

درد اور تکلیف میں یہ یقین رکھ کر پر سکون رہنا کہ یہ اللہ کی آزمائش ہے۔ اس بات پر یقین رکھنا کہ اگر غم اور پریشانی اللہ نے دی ہے تو اس کا حل بھی وہی نکالے گا۔

یہ یقین رکھنا کہ اگر وہ ہماری دعا ابھی نہیں سن رہا تو کبھی تو سنے گا۔

صبر اس چیز کا نام ہے کہ ہم اپنی اس ایک قبول نہ ہونے والی دعا سے نظریں ہٹا کر دوسری نعمتوں کو دیکھیں۔ اس وقت میں قبول ہونی والی باقی دعاؤں پر نظریں جمائیں اور خود کو مایوسی کے سمندر سے نکال لیں۔

پتا ہے ایک بار میں نے کہیں سنا تھا کہ ہمیں اللہ سے صبر نہیں مانگنا چاہئے کیونکہ اس کے بعد ہم اپنی زندگی کے ایسے فیز میں داخل ہوجاتے ہیں جہاں آزمائشیں ہوتی ہیں، تکالیف ہوتیں ہیں تاکہ ہم صبر کرنا سیکھ سکیں۔

لیکن صبر کے معنی سمجھنے کے بعد مجھے لگتا ہے کہ ہمیں اللہ سے صبر ضرور مانگنا چاہئے۔ صبح شام مانگنا چاہئے بلکہ ہر وقت مانگنا چاہئے کیونکہ جب ہم میں صبر ہو گا تو ہم مایوس نہیں ہوں گے۔ ڈھلتا سورج دیکھ کر ہمارے اندر تنہائی کا جو غبار اٹھتا ہے وہ نہیں اٹھے گا۔ ہمارے اندر کا سمندر پر سکون ہو جائے گا۔

Positivity is the keyto happiness 🖤🖇️

Show more
0
13
https://avalanches.com/pk/peshawar_1937286_29_04_2022

سیاسی شعور

مدثرعباس


اس وطن عزیز میں جمہوریت کو ایک اعلی مقام حاصل ہیں، جو لوگ اس وطن عزیز کے ہمدرد ہے وہی لوگ اس وطن عزیز میں رہتے ہوئے غریب لوگوں کو انکے حقوق دلانے میں سیاسی طریقہ کار کو اپنا کر ایک حاص فلور پر غریبوں کے حقوق کیلئے لڑتے ہیں، اب یہاں پر دو قسم سیاسی لوگ سیاست کرتے ہیں جو ایک دوسرے میں ضم ہونے جارہی ہیں، ایک اعلی تعلیم یافتہ اور دوسرے اَن پڑھ لوگ، کہنے کا مطلب ہے کہ سیاست میں ایک قسم گروہ ضم ہورہی ہیں، جو کہ نا تو سیاست کا طریقہ کار جانتے ہے اور نا ہی تنظیم سازی، وہی گروہوں میں سیاسی شعور کی عدم موجودگی کے باعث یہ سیاست سے فرقہ واریت کا راستہ اختیار کرلیتی ہیں _ جو کہ اس سے بدامنی کو پورا موقع مل جاتی ہیں اور وہ اس ریاست کی ساکھ کو مٹی میں ملا کر خاک کردیتی ہیں، تو سیاست میں فرقہ واریت سے بچنے کیلئے سیاسی لیڈروں کو سب سے پہلے تعلیم و تربیت پر کام کرنا ہوگا اور اس کے بعد سیاسی شعور کو لوگوں میں ایک مہذب انداز سے پیدا کرنے ہوگا جو کہ لوگوں میں دوسرے سیاسی پارٹیوں اور اُن کے کارکنوں کو بھی عزت کی نگاہ سے دیکھا جاتاہوں، پر اس وطن عزیز میں سیاسی لیڈروں کا منشور، گالی گلوچ، چور ڈاکوں، پٹواری، یوتھیا، اسکے علاوہ سیاسی لیڈروں کو کہنے کیلئے کچھ بھی نہیں، کیونکہ نا تو اس ملک عزیز میں بلوچ قوم پر ظلم ہورہاہیں نا تو یہ ملک عزیز ترقی میں کسی کے پیچھے ہیں جو کہ سیاسی لیڈر اس پر کام کریں اور اس ملک عزیز کو دنیا کی نظروں میں اہمیت دیں ..........

یہاں پر ہمارے پاس سیاسی شعور کی کمی کا امدازہ اس لگایا جاسکتا ہیں کہ کوئی جرنلسٹ سوال اٹھائے تو انکو بھی گالیوں کا ہار پہنایا جاتا ہیں اور یہ چیز پاکستان کو اندر سے کمزور کرنے میں حد درجے مدد دیتا ہیں جو کہ زوال کی نشانیوں میں سے ایک ہیں


Show more
0
4
https://avalanches.com/pk/peshawar_1934405_28_04_2022


افلاس اور معاشرتی بھوک


مدثر عباس

14

اگست کی رات تھی وطن کی سلامتی کا رہاتھا کہ وطن کے باسیوں نے ایک دوراندیشی جیسی گہری سوچ میں گم کردیا ـ اور یہ سلسلہ معاشرے کے سمندر کی دھاڑے مارتی ہوئی ایک زوردار لہر پر جا کے رکا، جو ہے مسئلہ غربت _ غربت کبھی انسان کو وراثت میں ملتی ہیں اور کبھی وراثت ہی انسان کو افلاس کے چوکھٹ پر لاکے پھینک دیتی ہیں - آج کل انسان اسی بلا سے چھٹکارا حاصل کرنے کی بھرپور جدوجہد کررہاہے- اور جب وہ کسی کی دہلیز پر قدم رکھتا ہے- تو وہ قدم جو اس نے نہایت تنگدستی اور غربت کی وجہ سے رکھی ہوتی ہیں وہی اسکی عزت اور مال کی اوبال اور زوال کا سبب بن کر ابھرتی ہےـ کیونکہ جہاں پر دوسرے کے حق کو اپنا حق سمجھ کر بیچا جاتا ہے ـ وہاں پر کیونکر ایک خاندان خوشحال رہ سکتا ہیں ـ دوسری طرف جب چار بچوں کو غربت کی ٹھوکری میں لئے ایک بیوہ ان کی مستقبل کی تلاش میں مدد کی رسی کا ایک سرا تھام لیتی ہیں ـ تو وہاں پر جنسی ہوس کے بھوکے درندے رسی کا دوسرا سرا پکڑے نہایت بے پرواہی اور بے دردی سے اسکی مجبوری کو پیروں تلے روند دیتی ہیں ـ اور وہ مجبوری کی حالت میں پیٹ کی بھوک مٹانے کیلئے اپنے نفس کا سودا کرتی ہےـ

یہ حوس کے بھوکے اور نفس کے غلام درندے اس معاشرے کیلئے ناسور بنتی جارہی ہیں ـ جس کی بیخ کنی جتنا جلد ممکن ہوں ـ کیا جانا چاہئے - مگر افسوس صد افسوس کہ ہمارا وطن جو ایک اسلامی ریاست کے ماخوذ ہے ـ

جو لاالہ الااللّٰہ محمد رسول اللّٰہ کے نام پر بنا ہےـ

جو زندگی گزارنے کا سلیقہ سکھاتا ہےـ

جس میں رہ کر ایک انسان اپنے آپ کو محفوظ سمجھتا ہیں

آج اسکا قانون اندھا ہوچکا ہے ـ اجک اسلامی ریاست کے ہوتے ہوئے ہم اتنے کمزور ہوچکے ہیں کہ ہمارے معاشرے میں عزت چادر اور چاردیواری تک محفوظ نہیں ہے اور ہم خواب خرگوش کے مزے لیتے پھررہے ہیں ـ انتہائی افسوس کا مقام ہےـ ہمیں اپنی گریبانوں میں جھانکنا چاہئے کہ ایک اسلامی مملکت کے ہوتے ہوئے ہم عزتوں کو محفوظ نہیں کرسکتے ـ آئیں عزم کریں! ہمیں خود اٹھنا ہوگا اور ہوس کے ان پجاریوں کا سر کچلنا ہوگا ورنہ مستقبل میں یہ ہماری نسلوں کو تباہ کرنے میں کوئی کسر نہیں چھوڑینگے جسکے ہم خود زمہ دار ہونگے -


Show more
0
2
Other world news
https://avalanches.com/ru/kazan_v_kazany_sotrudnyky_spetspodrazdelenyi_roshvardyy_provely_pokazatelno1965461_04_05_2022
https://avalanches.com/ru/kazan_v_kazany_sotrudnyky_spetspodrazdelenyi_roshvardyy_provely_pokazatelno1965461_04_05_2022

В Казани сотрудники спецподразделений Росгвардии провели показательное занятие для студентов юридического института


Сотрудники казанского ОМОН и СОБР Управления Росгвардии по Республике Татарстан организовали экскурсию и выездное занятие для студентов казанского филиала Всероссийского государственного университета юстиции.

В преддверии празднования Дня Победы в расположении ОМОН «Ак Барс» Управления Росгвардии по РТ состоялось выездное военно-патриотическое занятие для студентов казанского филиала Всероссийского государственного университета юстиции. В проведении занятий приняли участие также сотрудники СОБР «Тимер Батыр» и кинологи МВД по Республике Татарстан. Будущие юристы, большинство из которых проходят обучение на кафедре уголовного процесса и криминалистики, задавали много вопросов и интересовались различными подробностями.

Студентам показали практическую работу кинологов с собаками при поиске запрещённых веществ, опасных предметов, а также при задержании преступников. Затем вниманию гостей представили выставку вооружения и специальной техники спецподразделения Росгвардии, подробно рассказали о назначении и особенностях каждого элемента экспозиции. Сотрудники СОБР продемонстрировали мастерство в высотной подготовке, выполнив эффектные спуски с 20-метрового здания.

«Для нас было очень важно провести выездные занятия именно в боевом подразделении Росгвардии, чтобы студенты лично пообщались с правоохранителями, которые стоят на переднем крае борьбы с преступностью и терроризмом», - отметил доцент кафедры уголовного процесса и криминалистики Газинур Хуснетдинов.

В завершение мероприятия с гостями провели патриотическую беседу и показали документальный фильм о войсках национальной гвардии Российской Федерации.

Show more
1
24
https://avalanches.com/ru/kazan_voenni_orkestr_kazanskoho_polka_roshvardyy_obespechyl_muzkalnoe_sop1965460_04_05_2022
https://avalanches.com/ru/kazan_voenni_orkestr_kazanskoho_polka_roshvardyy_obespechyl_muzkalnoe_sop1965460_04_05_2022
https://avalanches.com/ru/kazan_voenni_orkestr_kazanskoho_polka_roshvardyy_obespechyl_muzkalnoe_sop1965460_04_05_2022
https://avalanches.com/ru/kazan_voenni_orkestr_kazanskoho_polka_roshvardyy_obespechyl_muzkalnoe_sop1965460_04_05_2022
https://avalanches.com/ru/kazan_voenni_orkestr_kazanskoho_polka_roshvardyy_obespechyl_muzkalnoe_sop1965460_04_05_2022

Военный оркестр казанского полка Росгвардии обеспечил музыкальное сопровождение Пасхального бала в столице Татарстана

В Казанской ратуше состоялся первый республиканский Пасхальный бал в котором приняли участие более трёхсот юношей и девушек со всей республики. В просторном холле исполнялись исторические танцы, которые танцевали на первых балах, учреждённых Петром Первым.

Музыкальное сопровождение мероприятия осуществлял военный оркестр казанского специального моторизованного полка Приволжского округа войск национальной гвардии Российской Федерации под управлением заслуженного артиста Республики Татарстан майора Вадима Кравчука. Военные музыканты на высоком профессиональном уровне исполнили знаменитые вальсы и произведения русской классической музыки.

Show more
0
9