عورتن جي زندگي بابت ميڊيا جو ڪردار٠٠!!
(شمائلا رند)
ذڪر جيڪڏھن اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ ٽي وي ڊرامن جو ڪجي ته ھلندڙ ٽي وي ڊرامن جو پاڪستان جي عورتن تي ڊرامن جي پوندڙ اثر جي ڳالھ ڪجي ته، ان ۾ ٻه شيون ڏسڻ ۾ اينديون, ٽي وي ڊرامن جو اثر ۽ پاڪستان جي گھڻي رخي سماج ۾ رھندڙ خاص ڪري عورتن تي غور سان ڏسنداسين ته ان ۾ ٻه شيون ھڪ ھاڪاري ۽ ٻيو ناڪاري مطلب ته ٻئي شيون نظر اينديون جن ۾ ھاڪاري اثرن ۾ عورت جي گھڻن رخي صلاحيتن ۾ گھڻون اضافو ٿيو آھي،ٻئي پاسي ٿوري ڀاڱي ناڪاري اثر پڻ ڏسڻان ۾ اچن ٿا٠ميڊيا جي حوالي سان ھلندڙ دؤر ۾ خاص ڪري پاڪستان يا وري ٻين ملڪن جي ميڊيا پاران اڪثر جيڪي ڊراما وغيره رليز ٿيندا رھن ٿا،انھن ۾ اڪثر سماج جي سموري عڪاسي سان گڏ ميڊيا پاران عورتن جي حوالي پاڪستان سميت پوري دنيا جي ميڊيا پاران سٺي نموني سان سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن زيادتين بربريت ۽ وحشتن جي حوالي سان مڪمل عڪاسي ڪري انھن جي ذاتي زندگي کان ويندي عورتن جي حقن،۽ عورتن جي آزادي خاطر ميڊيا جي مختف پليٽ فارم، مختلف ڊرامن تحت مختلف نه صرف ماڻھن کي عورت جي اھميت کان واقف ۽ آگاھ ڪيو وڃي ٿو،پر،ھلندڙ دؤر ۾ ميڊيا جيڪو به ڪم ڪري رھي آھي ان ۾ گھڻي حد تائين خاص ڪري عورتن جي پذيرائي آٿت ۽ سماج لاءِ اتساھ پڻ سمايل آھي، مثال: مرداڻي سماج ۾ جيڪي اڻڄاڻ، اڻپڙھيل يا وري وَحشي مرد عورت جي اھميت کان اڻواقف ھئڻ ڪري جنھن طريقي سان ھو عورت کي اسعتمال ڪن ٿا! عورتن بابت ٺاھيل ڊرامن ۾ انھيءَ ساڳئي سماج ۾ رھندڙ انھن اڻپڙھيل، جاھل يا وري پڙھيل لکيل وحَشي يا بيرحم مردن لاءِ پڻ وڏو سبق ڏنل ھوندو آھي،
ته عورت کي جي اھميت ڇا آھي، يا عورت سماج ۾ برابري جو ڪيترو حق رکي ٿي،
ھلندڙ ميڊيا جي دؤر ۾ به ڪافي شين کان عورت وانجھيل رھي ٿي٠جنھن جو سبب اھو ٿي سگھي ٿو٠پنج آڱريون برابر ته ناھن پر ، مردن پاران عورت کي اڄ به آزادانا سماجي حيثيت سان بلڪل به تسليم نه پيو ڪيو وڃي،ڪٿي ڪنھن مرد پاران عورت کي غلام سمجھيو ويندو آھي، ته ڪٿي وري مردن پاران عورتن کي صرف ٻار پيده ڪندڙ مشين سمجھيو ويندو آھي،پر اھم ڳالھ اھا به آھي،ته ھن وقت جي عورت وري به خوش نصيب انڪري به آھي، ڇو جو ڀلي مردن پاران عورتن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، پر پوءِ ٿورو جائزو وٺبو ته موجوده وقت ۾ ميڊيا جي ذريعي عورتن کي مختلف، پروگرامن، ۽ ڊرامن ۾ عورتن کي سندن مڪمل حقيقي زندگي جي تَصور ۽ سندن اھميت کان آگاھ ڪيو ويندو آھي،۽ جڏھن عورت پنھنجي حقن لاءِ يا وري آزادي خاطر مرداڻي سماج مان نجات خاطر اٿي کَڙي ٿيندي آھي،تڏھن به سماجي حوالي سان عورتن جي آواز کي دٻائڻ ۽ ھيسائڻ جي ڪوشش ڪري مٿن بربريت ڪري خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، ۽ وري اتي ميڊيا پاران اڪثر انھن سڀني فرسوده رسمن، ريتن ۽ روايتن جي خلاف عورتن جي حمايت ۾ آواز اٿاري کين ھر طرح سان سماج ۾ اندر حقيقي ذھني ،شعوري ۽ اجتماعي جياپي لاءِ سندن واھر ڪري کين ھمٿايو ويندو آھي,سندن احتجاج دنيا ۽ وقت جي حڪومتن آڏو رڪارڊ ڪرائڻ ۾ به ميڊيا جو وڏو ھٿ ھجي ٿو٠
حقيقت ۾ ڳالھ جڏھن گذريل وقت جي ڇِيڙبي ته جنھن زماني ۾ ميڊيا ٽي وي ڊرامن جو نالو ئي نه ھوندو ھو تنھن زماني ۾ عورتن جي ذاتي زندگي ۾ مردن پاران ايندڙ ايذائن،ڏکن، تڪليفن، کان ھو بي خبر انڪري به ھونديون ھيون، جو سندن ڪو به واھر ڪرڻ وارو نه ھوندو ھو، جيئن موجوده وقت ۾ ميڊيا ،ٽي وي ڊرامن ذريعي عورتن ۾ سجاڳي وڌي آھي،
يا وري ماضي ۾ جڏھن مڙس پاران زال کي نظر انداز ڪري کيس ذھني ٽارچر ڪري مٿن تشدد ڪيو ويندو ھو٠جڏھن ڪنھن به عورت تي سندس مڙس پاران انکي ھر طرح سان نشانو بڻائڻ باوجود اھا عورت انھيءَ ساڳئي مڙس جي ڪيل ظلم باوجود به ساڳئي گھر ۾ جينئدي رھندي ھئي،جنھن جو وڏو سبب اھو به آھي،ته تنھن وقت جي عورتن کي پنھنجي پاڻ جي ذاتي حيثيت جي خبر نه ھوندي ھئي،ايتريقدر جو ماضي ۾ عورتن پاران پاڻ کي مظلوم ھئڻ جي پرک به بلڪل نه ھوندي ھئي٠جن جي صبر ۽ برداشت جو سبب بس اھو ئي به ھوندو ھو،جو جھالت واري وقت ۾ خاص ڪري ٻھراڙين جي عورتن کي پنھنجي پاڻ جي اھميت جي خبر ئي نه ھوندي ھئي ته سندن به اھميت اوتري آھي٠ جيتري مرد جي ھجي ٿي، تنھن وقت جي عورت ھميشه مرد کان پاڻ کي ھيٺانھن نيچ سمجھندي ھئي،تنھن وقت ۾ سماج پاران عورتن جي ذھنن ۾ فقط ھڪڙي ئي شئي ڀري ويندي ھئي، ته سڄي سماج جي اڳواڻي رڳو مرد ئي ڪري سگھي ٿو،مرد ئي پڙھي معاشي،علمي، اقتصادي، ذھني ۽ شعوري ترقي ڪري سگھي ٿو،مرد ئي سياسي، سماجي،۽ اجتماعي سرگرمين ۾ ھر شيءَ جو حصو بڻجي سگھجي ٿو،روڳو مرد ئي
سڀنين چيزن يا ذميوارين سان نڀائي سگھي ٿو،باقي عورت ڄڻ ڪنھن به سياسي، سماجي، يا علمي سرگرمي ۾ حصو نٿي وٺي سگھي،جھڙين ڳالھين جيڪري عورت ھر وقت ھن سماج کان ڊنل ۽ ڊرپ ۾ ھيڻي ۽ ڪمزور رھندي آئي آھي ڇاڪاڻ ته، ماضي ۾ مرداڻي سماج پاران اڪثر عورتن کي ذھني معذوري طرف ئي ڌڪيو ويو آھي، جنھنڪري ئي ماضي ۾ عورت ھن وقت جي حساب سان گھڻي ھيسيل رَھي آھي، ھاڻي جيڪڏھن ماضي ۾ جنھن طريقي سان عورتن تي ظلم ٿيندا ھئا يا وري کين نظرانداز ڪيو ويندو ھو تڏھن انھن مظلوم عورتن جي ذھن ۾ ڀريل اھا ئي ڳالھ ته مرد ئي سڀ ڪجھ آھي، ھالانڪ تنھن وقت کي جيڪڏھن موجوده وقت سان ڀيٽبو ته انجي ڀيٽ ۾ ھلندڙ دؤر ۾ عورت گھڻي حد تائين علمي، ذھني شعوري، سياسي،سماجي، اقتصادي، سرگرمين شامل ٿيڻ واري مڪمل ذھني سجاڳي، سگھ ۽ شعوري سمجھ حاصل ڪري ورتي آھي٠ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي به اوتروئي حق ۽ اھميت حاصل آھي،جيتريقدر مرد کي حق ۽ اھميت حاصل آھي، پوءِ چاھي اھو مذھبي يا غير مذھبي حوالي سان ڇو نه ھجي يا وري کڻي دنياوي سياس سماجي يا وري جمھوري ۽ آئيني حوالي سان ئي کڻي ھجي،
ھلندڙ وقت ۾ انھن سڀني ڪَٽ کاڌل رسمن، ريتن، رواجن ۽ روايتن مان پنھنجي جِند آجي ڪرائڻ خاطر اڄ جي عورت مڪمل سجاڳ ٿي چڪي آھي٠
ھلندڙ وقت ۾ جيتريقدر به عورت پنھنجي زندگي گذارڻ لاءِ جن شين جي پَرک ڪري سگھي آھي،ان ۾ گھڻي قدر ھن ميڊيا کان ئي سھارو ورتو آھي،
ڇاڪاڻ ته ھلندڙ دؤر ۾ ميڊيا سماج جو ھڪڙو واحد ۽ ذميوار ادارو آھي٠جيڪو مردن ٻارن کان ويندي عورت جي حقيقي زندگي جي نمائندي ڪري سندن جائزو وٺي انجي عڪاسي ڪري انھيء حوالي سان عورت کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ طوڙي کين خودمختيار بڻائڻ لاءِ مختلف ڊرامن وسيلي کين آگاھ ڪيو وڃي ٿو،جيڪو ئي سبب آھي،جو ماضي جي ڀيٽ ۾ روڳو پاڪستان جو جائزو وٺنداسين ته، تعليم جي حوالي سان عورتن جي تعليم جو روجھان اڳ کان ھنيئر گھڻون وڌيل انڪري به نظر ايندو جو ٽي وي ڊرامن مان عورتن کي وڏي سجاڳي ملي آھي٠ جيڪا ماضي جي عورتن ۾ تعليمي سجاڳي جو نتيجو بلڪل به ذيرو ھوندو ھو،
ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ مختلف ڊراما سيريل وغيره ڏسڻ ۽ سجھڻ سان ھاڻي ھن وقت تائين عورتن کي ايتري ته، ذھني ۽ شعوري سگھ ملي ۽ حاصل ٿي آھي،جو عورتن ۾ تعليم جو روجھان وڌڻ لڳو آھي٠