ست جون سنڌ جي وڪيل جي ورسي جو ڏينھن٠٠٠! Tando Muhammad Khan

ست جون سنڌ جي وڪيل جي ورسي جو ڏينھن٠٠٠!!


”شمائلا رند“


اسان ماڻھن جي ھيء بدقسمتي رھي آھي جو اسان پنھنجن عظيم انسانن کي صرف عظيم چئي سندن مقبرا ٺاھي مجاور بڻجي ويھون رھون ٿا پر، تاريخ جا ورق اتلائي ڏسنداسين ته سجاڳ قومن جي خوبي اھا به رھي آھي جو اھي قومون پنھنجن عظيم انسانن جي محنتن، ۽ انھن جي جدوجھدن کي ھٿيار وانگر نڀائي ترقي جي طرف وڌنديون رھيون آھي٠ سنڌ ڌرتي پنھنجي ھر ھڪ صديء ۾ دؤر ۾ اسانکي حلالي پٽ ڏنا آھن٠ جن ھر دؤر ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ڌرتي جو دفاع ۽ حفاظت ئي ڪئي آھي٠ شاھ لطيف جي دؤر کي ڏسون ته،شاھ سائين جي ذاتي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائون تڪليفون آيون پر، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھ ٻولي جي ارتقا جو مک ڪارڻ لطيف سائين ۽ انجي شاعري آھي٠اھا الڳ ڳالھ آھي قديم ھن ٻولي کي اڃا تائين به قومي ٻوليء جو درجو حاصل ناھي ٿي سگھيو٠ ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جنھن صورتحال مان گذري رھي آھي، ڪيترن ئي مھينن کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب زندگيون مَفلوج بڻجي ويون آھن٠ سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي چڪي آھي٠ پاڪستان جي تمام وڏي ريگستان ٿر سميت سنڌ جي ساحلي پٽي سان واسطو رکندڙ انسان ۽ جانور ويچارا پيئڻ جي پاڻي لاء به انتظار ڪن ٿا پوء ئي کين پاڻي ڍڪ کين نصيب ٿئي ٿو٠ سنڌ ۾ پاڻي جي حوالي سان موجوده صورتحال کي ڏسون ٿا ته،يقينن رسول بخش پليجو ئي ياد اچي ٿو٠ جيڪو ساھ جي آخري گھڙي تائين سنڌ کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ملڻ تي وڙھندو رھيو٠ پليجو پنھنجي ھڪ نَظم ۾ لکي ٿو” خزان کي جو پَناھ ڏيئي سو باغ ئي اجاڙيو“ ڏسو پَليجي صاحب جو فڪر ڪيترو نه طويل خوبصورت آھي جو ھو خزان يعني انھيء موسم کان به نفرت ڪري ٿو جيڪا موسم زَوال جي ھجي ٿي، جنھن موسم ۾ وڻن مان پَن ڇڻ ٿيندي آھي اھا موسم ،آڪٽوبر،نومبر،ڊسمبر جي آھي٠جنھن کي ،سائنسي ،فلسفي طور تي خزان يعني تباھيء جي موسم قرار ڏنل آھي٠ ھي ٽئي مھينا برباد ڪندڙ قرار ڏنل آھن جن جي اچڻ سان محترم رسول بخش پليجو خواھش ڏيکاري ٿو ته نه باغ ھجن نه ئي پَنا ڇڻن٠ بھرحال اصل ڳالھ ته پليجي صاحب اصل اشارو ڪھڙي شيء ڏانھن ڪيو آھي۔؟

سچ اھو آھي جو اسان جديد دؤر ۾ به دقيانوسي خيالن ۾ ايترا ته ڦاٿل آھيون جو جديد دؤر سان اسانجو ڪو واسطو نٿو ھجي! جيڪو ماڻھو وقت سان گڏ ھلي ٿو اھو ئي نه صرف ماڻھو پر مڪمل انسان ھجي ٿو پر،اسانجي سوچ بس ايتري محدود آھي مثال ڦلاڻو سياسي ليڊر اسانجي غم ۽ خوشي ۾ شريڪ ٿئي اسان لاء اھو گَنج آھي، روزگار نه ملي،روڊ رستا ڀلي اجڙيل ھجن مطلب زنده رھڻ جي ھر سھولت ۽ نعمت کان محروم ئي ڀلي ھجون پر، ڦلاڻو اسانجي تَڏي تي آيو بس اسان لاء اھو ئي سڀ ڪجھ آھي پر،ٿورو جي سوچيون ۽ سڌريل ملڪن جي عام ماڻھن جي زندگيء کان جيڪڏھن مڪمل واقف ٿي وڃون تڏھن دعوي! سان چئي سگھجي ٿو ته پوء ئي اسانجي معاشرو جي تباھي اسان پنھنجي بربادي سمجھي وٺنداسين نه ئي ڪن فريبي،ماڻھن ۾جڪڙجڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏينداسين ٠ڏسو سياسي حوالي سان به اھڙن ماڻھن کي اڳيان آڻيون ٿا جن جو ثقافت سان واسطو ئي نٿو ھجي٠ ڏسو اسان ايترا بي سمجھ ٿيندا پيا وڃون جو ھڪڙي لفظ ثقافت کي اسان صرف ٽوپي اجرڪ تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي٠ پر،اھو وساري ويھئون ٿا ته،ھر اھو ماڻھو سماج لاء اھم آھي جيڪو سڄي زندگي ثقافت تي گذاري ٿو٠ سنڌ جا ڪيترائي نالا جن ۾ رسول بخش پليجو جو مثال موجود آھي٠ ھڪ مشھور ناول نگار ”ٽالسٽاء“ لکي ٿو ته،ثقافت تي زندگي گذاريندڙ ماڻھو ڪنھن لاء غلط نٿو سوچي سگھي،ثقافتي ماڻھو ٻئي کان پاڻ کي مٿي سمجھڻ، نفرت ڪرڻ يا بداخلاقي نٿو ڪري سگھي٠ ثقافت سان سرشار ماڻھو سماج جو اھم ٿنب ھجي ٿو جيڪو ڪنھن کي ڪڏھن به نقصان نٿو پھچائي سگھي! رسول بخش پليجي جي زندگي تي نظر رکون ٿا اھا شيء ٽِڪَ ھڻيو بيھي ٿي رھي ته محترم رسول بخش پليجي جنھن سموري زندگي ثقافت تي گذاري ڇڏي٠ پوء ظاھري ڳالھ آھي ھھڙن ماڻھن لاء مشڪلاتون به ڪر کڻي بيھي رھنديون آھن پر وقت ساڻن ملھائي تاريخ اھڙن روشن خيال ماڻھن کي جيء ۾ جايون ڏيندي آھي٠رسول پليجي جي مختصر زندگي تي نظر رکون ته ھن جدوجھد جي شروعات ننڍي ھوندي کان ڪئي ھئي جو ھڪ ڏينھن جڏھن سندس امڙ کان خرچي گھريائين تڏھن امڙ پاران خرچي نه ڏيڻ يا دير ڪرڻ تي پليجو صاحب روڊ تي وڃي روئيندي سمھي پيو جنھن کان پوء امڙ پاران کيس پرچائي خرچي ڏني وئي جنھن کانپوء ننڍي عمر ۾ ھو سمجھي ويو ته دنيا جي ڪابه شيء جدوجھد يا وڙھڻ ۽ محنت کانسواء ملي نٿي سگھي٠ست جون سندس ھن عظيم انسان وڏي سياستدان، ايشيا جي ڏاھي، قومپرست،مفڪر،۽ سنڌ جي وڪيل رسول بخش پليجي جي ورسي جو ڏينھن آھي٠ جيڪا ٺٽي جي ڪجھ مفاصلي تي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ ئي سندس آخري آرمگاھ تي ملھائي ويندي پر، پاڻ پاڻ پليجي صاحب کي ھن اخبار ذريعي شيخ اياز جي ھنن سٽن سان ڀيٽا ڏيون ٿا٠”ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا، گھايل ڌرتيء جي سيني تي،اھڙي گھَري چيخَ ٿين ٿا،جا ھر ڪنھن کي جاڳائي ٿي،۽ دنيا کي بَدلائي ٿي“

0
3
There are no advertisements in the Tando Muhammad Khan yet
Other News Shumaila RIND

فطرتي عمل ۽ انساني فطري اَفتادگيون٠٠!!


”شمائلا رند“


قدرت جي فطرت جا عظيم رَنگ تَخليق ٿيل آھن٠الاھي اسرار جن ۾ ڪيترائي رنگ نرالا الڳ تعجب،حيرت ۾ وجھندڙ ھجن ٿا! ته،ڪيترائي اھڙا ڪرشمہ جيڪي حيرت سان گڏ عبرتناڪ به ضرور ھجن ٿا! پر ڪيترائي عبرتناڪ عمل جن مان عبرت حاصل ڪرڻ بدران انسان انھن سڀني شين کي تَماشو بڻائي ڇڏي ٿو! پر پوء به اھڙا لمحا جن ۾ ڪڏھن ڪڏھن انساني روح افتادگين جو شڪار به ٿئي ٿو! فطرت جا ڪيترائي انيڪ رنگ جيڪي زمين جو ويس ھجن ٿا ۽ سونھن به ھجي ٿي! انسان جي پيده ٿيڻ کان وٺي مرڻ تائين ھو ھزارين خواھشن جي پويان ڍوڙي ٿو،پر پوء به ھو خَواھشن اڳيان غلامي جي حامَ ڀلي نه ھَڻي پر،اھو مڃڻون ئي پوندو ته ھو خواھشن جو اَزلي غلام رھيو آھي ،جيتوڻيڪ رھندو پيو اچي!

ھڪ اھڙي فطرت ۽ حسن جنھن سان نه فقط عام طور تي ڪيترن ئي روحن کي راحت به ملي ٿي پر،ائين چئجي اھي سڀ انساني دلين تي ڄَميل ورھين جي دَز کي اجرو پڻ بنائين ٿا! پوء اھو ڪاڪَ جو ڪوٽ يا ڪينجھر جي اڇوريل پاڻي جنھن ۾ لھندڙ سج جي لالاڻ ھجي، مارئي جي ملڪ ملير ۾ مورن جو مٺيون لاتيون ھجن، ڪارونجھر جي مٿان اڏامندڙ ڪونجن جون قَطارون ھجن، شام ويلي گِڊيء جي ڀٽ تي سج لھڻ جو حَسين منظر ھجي، مَڪليء جي ماڳ ۾ دَفن ٿيل حَسرتن جا ڪي ئي جَنازا ھجن، ڀنڀور جي ڀورا ٿيل ڀِٽن ۾ سسئي جون ڀِنل اکڙيون ھجن، مورڙي جي ماڳ ۾ ساحل جي سيرانديء ۾ لڳندڙ صَدائون ھجن! سانوڻ جي ساروڻين ۾ وانسيئل سنڌوء جون ڇوليون ھجن يا کڻي ڀٽائي جي در تي دردن ۾ ماريل ماروئڙن جون جھَليل جھوليون ھجن٠ جيڪي سڀ پنھنجو الڳ الڳ دلڪش حسن رکن ٿا! ته ماڻھن جي نگاھداشت جو به مرڪز بڻجن ٿا!جن ۾ انسان پاڻ کي روحاني آسودائي سان گڏ دردن جي ”مؤخَزو“ ڪرڻ جي تَلاش به ضرور ڪري ٿو! ٻيا ڪيترائي فطرت سان سلھاڙيل جَڳھيون ۽ قدرتي عمل جن سان ڪڏھن انسان خوش ٿيڻ کانپوء ڳالھين جو ڳھيِر ڳڻي ٿو ته ڪڏھن ھو ڊڄي حيران، ۽ پريشان به ٿئي ٿو! اھڙي طرح برسات جي به پنھنجي الڳ خوبصورتي ھجي ٿي! رم جھِم جھڙي جھڙالي موسم جيڪا ماڻھن سان گڏ ڪيترين ئي ساھ واري جاندار شين لاء به خوبصورت خيال کڻي اچي حاضر ٿئي ٿي٠ آسماني ”آبشارن“ سان گڏ کِنڻيون ڪيترائي کيل ڪندي نظر اينديون آھن! بادلن جي بَرس کان پوء ”باد صَبا“ فضا کي ويتر چار چَنڊ لڳائي ٿي ته، سانوڻ جي ست رَنگي انڊلٺ جو نظارو به نظرن ۾ ڄڻ نور جو ھڪ تَجلو پيدا ڪري ٿو! ۽ *”ھا! اھا برسات ئي آھي“* جنھن جا ٻيا به ڪيترائي رنگ ٿين ٿا! رت ڪھڙي به ڇو نه ھجي يقينن ھيء برسات جيڪا خطي تي رھندڙ خوشحال ماڻھن لاء خوشين جا خيما کوڙي انھن جي طَبيعت،ڪيفيت ۽ مزاج کان ويندي سندن کاڌ خوارڪ تائين دلچسپ اَثر ڏيکاري ٿي ته اتي جھريل جھوپڙيء ۾ قيد ٿيل اکيون انسانيت ڏانھن وانجھائينديون به ضرور ھونديون! سچ پڇو ته ڏاڍي عجب تَخليق آھي خدائي جيڪو انسان ذات جو انسانن ۾ امتحان ھجي ٿو! سرنديء جو ”سَرير“ به يقينن زندگي سٺي ڪَٽي سگھي ٿو پر، گرمي جي مند ۾ ته ڪو به بي گھر انسان رات جي وقت کليل آسمان ھيٺ سڪون جي ننڊ سمھي سگھي ٿو ۽ ڳالھ انھن ئي مسڪين ماڻھن جي ڇِڙي ٿي جن جي اندر ۾ مڪمل ھڪڙو عاليشان محل ته ٺھيل ھوندو آھي پر، سندن رھڻ لاء جھريل جھوپڙي کين ورثي ۾ مليل ھجي ٿي! خوشين جا خَزانا کڻي ايندڙ بوندن جو برسڻ به سندن لاء سڏڪڻ بڻجي ٿو برساتي ڦڙن ۾ سندس جسم ۾ ٽھڪڻ ھجي ٿو ته اندر جي اڌمن ۾ ڦَٿڪڻ به ھجي ٿو! سوچيندي آھيان ته برسات جي وَسڪاري کانپوء جتي اھا برسات عاليشان محلن،ماڙين ۾ ويٺل ماڻھن لاء زحمت بڻجي ويندي آھي اتي انھن معصوم ٻارڙن جي ڪھڙي ڪيفيت ھوندي جن جو گھر ھميشه سورن جي ستايل سندن امڙ جي گود ھجي ٿي! ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي جو انسانيت جي حام ھڻندڙ ۽ ترقي جون رانھون پار ڪندڙ انسان جيڪو ڪونھين ڏور رھندڙ دوستن يا ويجھن مائٽن کي به ياد ڪري انھن کان خير آفيت معلوم ڪري ٿو اتي سندس اَڏيل محلات جي ڀَر سان برساتي ۾ پسيل ڪَکائون گھر جنھن جي کيس خبر بلڪل نٿي ھجي! ڪنھن وسندڙ وسڪاري ۾ پسيل جھوپڙي اندر ٺَري ويل جسمن جون اکيون انساني دعودارن لاء ھڪ وڏو سَوال ھجن ٿيون،چانڊوڪين ۾ به تاراڪيون ڄڻ سندن لاء مقدر ھجن ٿيون، انھن ڪم عقل ۽ پئسي پويان ڍڪندڙ ماڻھن کي ڪھڙي خبر ته ھو معصوم ٻَچڙا چوماسين ۾ به چَپن تي”سانت“ کي سَمائي بس خدائي ”سانڀيٽَڻ“ جو عمل اپنائين ٿا! سچ پڇو ته زندگي اھڙن ئي انسانن جيڪري خوبصورت آھي جن جي اندر ۾ سرشار جَذبا ھڪڙا ڊھندا ناھن ته ٻيا ڦٽندا آھن٠

Show more
0
3

تعليم کان وانجھيل ٻارڙن جو مالڪي ڪريو٠٠!!


”شمائلا رند“


سنڌ ۾ ھر ڀيري ٻارڙن کي تعليم سان آراسته ڪرڻ توڙي کين جبري پورھئي کان بچائڻ خاطر قانوني منظوريون جوڙيون وينديون آھن پر اھو ناھي ويچاريو ويندو ته ٻارڙن جي جبري پورھئي جا مک ڪارڻ ڪھڙا آھن!

ڪھڙا سبب آھن جو ٻارڙا تعليم بدران جبري پورھئي طرف وڌيڪ متوجه ٿين ٿا! يقينن انھيء ڳالھ جو ھڪ ئي ۽ آسان جواب اھو آھي ته سنڌ ۾ معاشي طور سنڌ جون ٻھراڙيون گھڻيون ڪمزور آھن ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھن جي معاشرتي زندگي گھڻي عذاب ۾ گذري ٿي!

جنھنڪري سنڌ ۾ جيڪي به معصوم جسم به جبري پورھيو ڪن ٿا تن ۾ اڪثريت غريب گھرانن سان تعلق رکندڙ ٻارڙن جي ھجي ٿي! تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق ھجي ٿي، ائين به ته ناھي جو ٻارڙن جو اسڪول نه وڃڻ جو سبب مائٽن پاران علم سان چاھ نه ھئڻ يا ٻارن پاران لنوائڻ آھي بلڪل به نه! ڇو جو مھانگائي جي دؤر ۾ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ معمول موجب کائڻ پيئڻ جي شين جي پورائي نه ٿيڻ ڪري ٻارڙن کان ڪم وٺڻ والدين لاء مجبوري جو آخري ئي آپشن بچي ٿو جنھنڪري ٻارڙا ڪتابن قلم کان ھٽي ڪمائڻ کي ترجيع ڏين ٿا ۽ پوء آھسته آھسته جوان ٿيڻ تائين سندن سٺي تربيت به متاثر ٿي وڃي ٿي! جيڪو ھر سماج تي داغ ھجي ٿو٠ انڪري وقت جي سرڪار کي سنڌ ۾ اسڪول نه ويندڙ ۽ جبري پورھيو ڪندڙ ٻارڙن جي مالڪي ڪرڻ گھرجي ھڪ اھڙي مالڪي جنھن سان ڪو به ٻار تعليم کان باغي نه ٿئي پر علم سان چاھ رکي، جوان ٿين تائين يا وڏي عمر تائين پڙھندو رھي جيڪو حقيقي جائز رستو ھجي ٿو٠ عملي طور تي به انھيء جو آسان حل بس اھو ئي آھي، جو جتي جتي ۽ جيڪي جيڪي به ٻارڙا تعليم کان متاثر آھن انھن جي نشاندھي ڪرڻ خاطر گھٽ ۾ يوسي سطح تي ڪجھ پاليسيون جوڙيون وڃن جن سان پتو پوندو ته ڪھڙا ڪھڙا ٻار اسڪول نٿا وڃن۔جڏھن سندن اسڪول نه وڃڻ جا سبب ڳوليا وڃن جنھن کانپوء انھن ٻارن يا وري سندن والدين لاء نه صرف سرڪار طور تي ھدايت ناما جاري ڪيا وڃن پر،عملي طور کين ڪَنگالپڻ مان ڪڍي ٻارڙن کي تعليم سان آراسته ڪرڻ لاء خود سنڌ سرڪار کي به عملي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي٠جنھن سان معصوم ٻارڙن جون زندگيون خراب ٿيڻ بجاء ٺاھي سگھجن ٿيون٠

Show more
0
1

ٿيليسيِميا ۽ ٻين بيمارين کان ڪيئن بچجي٠٠؟؟


”شمائلا رند“


ھن وقت پاڪستان ۾ اھڙيون ڪيتريون ئي بيماريون تيزيء سان پکڙجنديون رھن ٿيون جن مان ڪي اھڙيون بيماريون ھجن ٿيون جيڪي خاموش ھجن ٿيون خاموش ھئڻ جو مقصد اھي بيماريون جن جو جسم ۾ شمار ٿيڻ کانپوء ماڻھوء کي تڪليف جو محسوس نه ٿيڻ آھي! جيئن مثال Hepatitis ۽ Cancer جيڪي به خطر ناڪ مرض ھئڻ سان گڏ خاموش بيماريون ھجن ٿيون جيڪي ماڻھوء کي ڪڏھن ڪڏھن جلد ختم ڪري ڳاري ڇڏينديون آھن ته ڪڏھن ڪڏھن وڏو عرصو تَڳائينديون به آھن جن مان ھيپاٽائٽٽس جو ھاڻي آسان معياري اعلاج سرڪار طور تي به نجات ملي ٿي پر، ڪينسر جي حوالي سان اڄ به ان مان مڪمل نجات حاصل ڪرڻ لاء ڏينھن رات سائنسي ريسرچ جاري آھي! اھڙي طرح ”ٿيليسيما“ به ھڪ خطر ناڪ مرض آھي جيڪو ننڍڙن ٻارڙن ۾ منتقل ٿئي ٿو جنھن جي منتقلي جڏھن ٻار ماء جي پيٽ ۾ ھجي ٿو تڏھن کان ئي ھو ان ۾ وٽجي ٿو! ۽ نتيجن ٻار جي ڄمڻ کانپوء بس ھر پنڌرنھن ڏينھن يا مھيني کانپوء انھيء ٻار کي رت جي بوتل گھربل ھوندي آھي جنھن جي وقت سر ميسر نه ٿيڻ کانپوء ٻار وڌيڪ خطري يعني موت ڏانھن ڌڪجي ٿو! ڪينسر يا ڪاري ڪامڻ سميت ڪافي خطرناڪ بيماريون جيڪي خانداني ھر ٻئي ۽ ٽئين ماڻھو ۾ منتقل ٿين ٿيون٠ ھاڻي ڏسجي ته انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاء مثال جيڪڏھن ھڪ ذات مان ٻي ذات ۾ پنھنجي اولاد جي شادي ڪرائڻ اھو به انھن بيمارين مان بچڻ جو ته حل آھي پر، ان سان گڏ کاڌو وقت سر ۽ گھرج مطابق کائڻ،نشي آور شين کان بچڻ ۽ پاڻي اوٻاري پيئڻ سان خاص طور تي جگر ۽ گردن جي بيماري کان بچي سگھجي ٿو۔”ٿيليسيما“جي حوالي سان مختصر ذڪر ڪجي ته ھيء بيماري رت جي پيوندڪاري جيڪري منتقل ٿئي ٿي جنھن کان بچڻ لاء بقول صحت جي ماھرين ۽ سائنسي حوالي سان ته جڏھن ڪنھن مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ رشتو طئي ٿئي ٿو تڏھن بھتر آھي ته شادي کان پھرين انھن ٻنھن کي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي جنھن کي C.P ٽيسٽ چوندا آھن ھن ٽيسٽ ۾ جيڪڏھن مَڱيترن مان ڪنھن ھڪ ۾ اھڙا جزا ھجن ٿا ته به خير آھي جيڪڏھن ٻئي ڪليئر آھن ته وڌيڪ بھتر آھي پر جيڪڏھن ٻنھن جي ٽيسٽ ۾ جزا ملڻ جي نيتيجي انھن جوڙن جي شادي ٿيڻ کانپوء ٻڌايو وڃي ٿو ته ھر حالت ۾ انھن جي پيده ٿيندڙ ٻارڙن جو ٿيليسيميا ۾ جڪڙجڻ جو چٽو انڌيشو ھوندو آھي٠جن کان بچڻ لاء ذڪر ڪيل ڳالھين تي عمل ڪرڻ سان به ڪنھن حد تائين انھن موذي مرضن مان بچي سگھجي ٿو٠

Show more
0
1
Other News Tando Muhammad Khan

تعليمي معاملن ۾ عورتن لاء پيده ٿيندڙ مونجھارا٠٠!!


(شمائلا رند)


*اوھان ڏٺو ھوندو ته* ٻھراڙين ۾ جڏھن ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيندو آھي،تڏھن اڪثر استادن پاران ٻارَ جي عمر رجسٽر ڪرڻ وقت بغير والدين جي صلاح مشوري يا پڇڻ جي يا وري بغير انھن کان درست پيدائش جي تاريخ معلوم ڪرڻ جي ھو بس لکي ڇڏيندا آھن٠ جن ۾ ھڪ ته،والدين جي به لاغرزي ھجي ٿي ڪي پڙھيل ڪڙيل والدين به ضرور پنھنجي اولاد جي درست تاريخ ٻڌائيندا ڏيندا ھوندا پر، ڪي والدين اھڙا به ھجن ٿا، جيڪي علم ھوندي به ھو ٻار جي اسڪول ۾ ڄمڻ جي درست تاريخ ڏيڻ کي اھميت ناھن ڏيندا، جيڪا لاغرزي چئبي! ۽ وري جڏھن استاد خود پاڻ جيڪڏھن ڪنھن به ٻار جي عمر لکندا آھن تڏھن ھو اھو به ناھن سوچيندا ته،جنھن شاگرد جو نالو داخل ڪري رھيا آھن، ڇا انھيء شاگرد جو ڀاء يا ڀيڻ اڳ پڙھي چڪا آھن، يا ساڳئي يا وري ڪنھن ٻئي اسڪول ۾ پڙھي ته ناھن رھيا۔؟ مطلب ڪٿي ائين نه ٿئي جو نتيجن اسڪول ۾ بنيادي طور داخل ٿين انھيء ٻار جي عمر پنھنجي ڀاء، يا ڀيڻ جي برابر ٿي وڃي جيڪي اڳ ئي پڙھي چڪا ھجن يا وري پڙھي رھيا ھجن! حقيقت ۾ ھي اھم ذميواري والدين کانپوء استادن تي عائد ٿئي ٿي ته ، انھن سڀني شين جو خَيال رکيو وڃي جنھن سان اڳيان ھَلي انھن شاگردن يا شاگردياڻين سان مسئلا پيش نه اچن٠ بدقسمتيء سان اسان وٽ غير سنجيدگي اھي مسئلا ڄڻ روايت،معمول بڻجي ويا آھن٠جيڪڏھن ڪو ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيندو آھي ۽ انھيء ٻار جا والدين جيڪڏھن اَٻوجھ ھجن ٿا تڏھن استادن جي غير سنجيدگي جي وجه سان ٻارن جي عمر گَڏجي ويندي آھي، جيڪي مستقبل ۾ خاص طور نادرا پاران شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ کان ويندي بورڊ، يونيورسٽين تائين اھڙين ننڍڙين غلطين جيڪري شاگردن ڇوڪرن يا ڇوڪرين پاران ڏاڍو پريشان ٿيڻ ڊڪ ڍوڙَ باوجود به جلد ۽ آساني سان اھو مسئلو حل ناھي ٿي سگھندو، بھرحال۔ھڪ ننڍڙو مثال پنھنجو به ڏيندي ٿي پئي ھلان ته، منھنجي پيدائش شھر ۾ ئي ٿي آھي٠ منھنجو ڀاء ۽ آئون ھڪ ئي اسڪول ۾ پڙھيا آھيون جيڪو اسڪول پرائيويٽ آھي٠ ڀاء جيڪو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو آھي ته، ظاھر ڳالھ آھي ھو پڙھائي ۾ به ڪجھ درجا مونکان اڳ پڙھيو ھيو٠ اسان ٻئي ڀاء ڀيڻ ھڪڙي ئي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھيا آھيون جنھن ۾ اسانجي بنيادي تعليم ڀاء جي پيدائش جو سال 1994لکيو ويو آھي جيڪو درست آھي،پر منھنجي ڄمڻ جو سال به ساڳئيو 1999بدران 1994ئي لکجي ويو آھي، جنھن جو مک سبب والدين جو ،اَٻوجھائپ ھئڻ سان گڏ استادن جي لاغرزي ۽ غير سنجيدگي به ضرور مَحسوس ٿئي ٿي،جنھن تي گھڻي حيرانگي ۽ پريشاني به ٿئي ٿي ته مَقامي استادَ صاحبان پاڻ تي اھو فرض عائد ڇو نه ٿا سمجھن۔؟ته، جيڪو ٻار داخل ٿي رھيو آھي انھيء ٻار جي ٻين ڀينرن ۽ ڀائرن جي عمر بغير تصديق جي ائين ڪيئن داخل ٿي ڪئي وڃي۔؟ ھي بلڪل ھڪ ننڍڙو اشو آھي پر، ھڪ ننڍڙي مسئلي جيڪري مونکي ڪيترو ذَليل ۽ پريشان رھڻون پيو آھي جو لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سَگھان٠ آئون يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ ھئڻ سان گڏ ھڪ ليکڪه به ضرور آھيان، جنھنڪري ضروري آھي شعوري طور تي مونکي به ھڪ ليکڪه ھئڻ ناطي سلجھيل ماڻھن پاران وڌيڪ عزت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو٠ پر، افسوس انھيء ڳالھ جو ضرور ٿئي جو جڏھن پڙھائي دؤران آئون پنھنجي اسڪولي سرٽيفڪيٽ ۾ پيدائش جي تاريخ جي درستگ خاطر بورڊ آفيس حيدرآباد پَھتيس ته اتي جي آفيسرن سان ڳالھايو تڏھن ھنن مونکي اھو چئي مسئلي جو حَل ٻڌايو ته، توھان اسڪول مان ”مڊل“ سرٽيفڪيٽ ٺھرائي جمع ڪرايو ان تي ئي توھان جا ”ڊاڪيومينٽ“ درست ڪري ڏبا جنھن کانپوء پوء جڏھن اسڪول انتظاميا سان گڏ جن استادن وٽ پڙھي آھيان انھن استادن کي به بار بار عرض ڪرڻ کانپوء مونکي اھو چيو ويو ته، سرٽيفڪيٽ نٿو ملي سگھي! اصل ڳالھ ته، جتي بورڊ انتظاميا پاران مئن سرٽيفيڪٽ ۾ درستگي ڪري ڏئي سگھجي ٿي اتي اسڪول انتظاميا پاران سرٽيفڪيٽ ڇو نٿو ملي سگھي۔اسڪول انتظاميا يا وري استادن پاران اھڙي جواب تي به ذھن ۾ سوال جَنم وٺڻ لڳا ته ”مڊل“ سرٽيفڪيٽ ڪھڙو بورڊ يا يونيورسٽي مان ٺھرائڻون پوندو ۔؟ جو استادن پاران اھڙو جواب ملڻ ضرور سمجھيو وڃي ڇاڪاڻ جيڪڏھن استاد چاھين ته، کڻي ضلعي جي آفيسرن جي ”دسخط“ يا اسٽيمپ ھڻائي ٺاھي ڏيئي سگھن ٿا٠ڇاڪاڻ ته، آئون ته پڙھي آھيان اسڪول ۾ نه ئي ڪو جعلي سرٽيفڪيٽ لاء منٿ ڪري رھي آھيان جو نٿو ڏنو وڃي! گھڻون اَفسوس انھيء ڳالھ جو به ٿئي ٿو استاد جيڪي معاشري جا ذميوار فرد ھئڻ ڪري بوائز سان گڏ خاص طور تي تعليمي حَوالي سان استادن کي نياڻين کي وڌيڪ عزت جي نگاھ سان ڏسڻ گھرجي پر، الاھي ڇو ھتي انجي ابتڙ اھا آھي جو جڏھن کڻي ڪنھن استاد کي سرٽيفڪيٽ لاء ڪال ڪري ڳالھ ياد ڏياربي يا کڻي عرض ڪبو تڏھن زباني طور ھو ائين چنبڙي ٿي پون ٿا ڄڻ نياڻين پاران سرٽيفڪيٽ وصول ڪرڻ ڏوھ ھجي يا ايئن چئجي ته ڄڻ ته عورتن کي حق ئي نٿو پھچي، آئون سمجھان ٿي ھي مون سان جيڪڏھن مسئلو پيش آيو ته، لازمي اھڙين ڪيترين ٻين شاگردياڻين سان به اھڙا مسئلا پيش ايندا ھوندا٠آخر ڇو اسان نياڻيون آھيون انڪري ذَليل ٿيڻون ٿو پوي يا ڪو ٻيو مسئلو آھي آخر ڪھڙي وجه آھي۔؟ استاد ئي ھن معاشرو جو اھم حصو ھجن ٿا استاد صاحبان ئي ھن سماج کي سڌارڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ٿا پر ، افسوس جو استادن پاران به پنھنجي نياڻين،شاگردياڻين سان اھڙو ورتاء،سلوڪ ڪيو وڃي سوچجي ته پوء ، سماج ۾ رھندڙ عام طبقي جي ماڻھن پاران نياڻين سان ڪھڙو ورتاء رکيو ويندو ھوندو۔اھو ته ھر سجلھيل،عقلمند ماڻھو ڄاڻي سگھي ٿو٠ ھن معاملي تي ايترو ضرور چونديس ته مثال: جڏھن ڪنھن نينگر کي سرٽيفڪيٽ يا ٻي ڪا به شئي گھربل ھجي ته، ھڪ دم ملي سگھي ٿي ڇو جو ڇوڪرو آھي چئلينج ڪري سگھي ٿو پر ، پرديدار عورتون ڪجھ به نٿيون ڪري سگھن جنھنڪري سندن جائز حق تي به کين پريشان ئي رھڻون پوي ٿو جيڪا مون سميت انھن سڀني عورتن سان بيواجبي آھي٠جن کي سرٽيفيٽ يا ٻئي ڪنھن به جائز سھولت گھربل ھجي پر، کين ڏني نه وڃي٠ انڪري نياڻين جي پڙھائي جو مسئلو ھجي يا کڻي استادن پاران سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو اشو ھجي تڏھن اسڪولز، يا ڪاليجز انتظاميا پاران جڏھن نظر انداز ڪيو وڃي تڏھن وري اتي جي شعور رکندڙ ماڻھن کي گھرجي ته، خود نياڻيون ننڍڙن ننڍڙن مسئلن جيڪري پريشان وڌيڪ ٿينديون ھجن اتي انھن ماڻھن کي پڻ نياڻين جا مسئلا حل ڪرائڻ خاطر اڳڀرو رھڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته، جيستائين ڪنھن به معاشري ۾ عورت کي عزت،مان ۽ مرتبي سان اھميت ناھي ملندي تيستائين انھيء معاشري جي ترقي ناممڪن بڻيل رھندي، ڇو جو عورتن جي عزت ڪرڻ،کين علم ڏيارڻ،سندن سمورا مسئلا حل ڪرائڻ،توڙي کين حق مھيا ڪري ڏيڻ، ساڻن سٺي ورتاء سان ادب ۽ اخلاق سان پيش اَچڻ ئي سماج جي ترقي جو اھم راز ۽ ڪارڻ بڻجي ٿو٠

Show more
0
2
Other News Pakistan
Other world news
https://avalanches.com/eg/cairo_do_you_toss_and_turn_in_bed_every_night_do_you_watch_the_clock_as_you3188903_22_07_2022

Do you toss and turn in bed every night? Do you watch the clock as your wake-up time mercilessly approaches and only manage to fall asleep at some point in the morning? Have you been counting sheep for hours and still can't sleep?


Everybody sometimes can't fall asleep. The problem is when this condition lasts a long time or recurs frequently.


Professionally, the condition where you cannot fall asleep is called insomnia. It is dangerous and it is not pleasant to play with it. Sleep is vital for a person. A person suffering from insomnia cannot fall asleep or wakes up frequently.

Common symptoms are:


- difficulty falling asleep at night.


- waking up early in the morning without the ability to go back to sleep.


- frequent nighttime awakenings


- night watch, confusion of day and night


Read more at :

https://healthretrival.blogspot.com/2022/07/insomina-sleeping.html

Show more
0
13
https://avalanches.com/eg/cairo_prostate_enlargement_usually_occurs_in_men_with_age_the_enlargement_c3167882_21_07_2022

Prostate enlargement usually occurs in men with age. The enlargement can be benign or malignant.

If classified as benign, the enlarged prostate is called benign prostatic hyperplasia (BPH). As for whether it is malignant, it will lead to prostate cancer.


Although it does not endanger the life of the victim, the complaints that arise due to an enlarged prostate are very disturbing activities.


Some people who have an enlarged prostate will feel dissatisfied when urinating.


Symptoms can include a weak urinary stream, increased frequency of urination, frequent awakenings at night, and an inability to hold back the urge to urinate.


In severe cases, an enlarged prostate can cause urinary retention, which is a condition in which a person is unable to excrete urine that is in the bladder.


To overcome the prostate, whether to surgery? Actually, the action to treat this condition depends on the severity.


The main goal of treating an enlarged prostate is to improve the patient's quality of life. The therapy offered also varies, depending on the severity of the symptoms experienced.


To determine the severity, the doctor will perform a series of tests including:


- International Prostate Symptom Score (IPSS) test score.


- Lab tests, such as urinalysis, prostate- specific antigen (PSA), and kidney function.


- Urophlometry (evaluation of the urine stream), calculation of residual urine.


- Images of the prostate that can be an ultrasound exam.

Read more :


https://healthretrival.blogspot.com/2022/07/dangerous-prostate-size.html

Show more
0
18
https://avalanches.com/za/durban_edk_media_attends_a_film_music_and_dance_workshop_in_umlazi_3131657_20_07_2022
https://avalanches.com/za/durban_edk_media_attends_a_film_music_and_dance_workshop_in_umlazi_3131657_20_07_2022

EDK Media attends a film, music and dance workshop in Umlazi


Ezase Durban Media KZN better known as EDK Media is a Film and TV production company established back in 2011, based in the heart of Durban KwaZulu-Natal. It offers a variety of services including: TV Presenting Training, Photoshoots, TV Shows, Documentaries, Events management and many more.


On Friday the 15th of July 2022, EDK Media production team attended an art workshop in Umlazi, the south eastern part of KwaZulu-Natal which was held in Umlazi Cinema Hall.


The event was solely based on ways that the youth could utilize to venture into the corporate sector and the entertainment industry. The gap has been identified, that the youth is seeking employment rather than self employment. With the unemployment rate at its peak in South Africa, it is crystal clear that having a degree does not automatically translate to employment.


Dignitaries and speakers from different places graced the event with their presence, amongst which Mr Xolani Dlamini, the founder and event organizer of Urban Arts Entertainment attended. Menzi Theo (executive director of EDK Media), Bella Mnyandu and Smangele Sokhela commended the event organizers for pulling off such a great event in such a short space of time.


We still have a long way ahead to ensure that our government is democratically accountable for its people and for the young people to be granted equal opportunity. We're hopeful that events of this nature make a dent.

Show more
0
8