ڄم جي غلط تاريخ منھنجي مستقبل جو آخر ڇا Tando Muhammad Khan

https://avalanches.com/pk/tandomuhammadkhan_2320396_06_06_2022

ڄم جي غلط تاريخ منھنجي مستقبل جو آخر ڇا ٿيندو!!!


شمائلا رند“


ڏٺو وڃي ته، ٻار اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو تڏھن والدين پاران ٻارن جي ڄمڻ جي درست تاريخ رجسٽر ۾ داخل ڪرائڻ لازمي بڻجي ٿو پر، جيڪڏھن ڪٿي ڪي والدين اڻپڙھيل يا اٻوجھ آھن ته اتي جي استادن تي ئي فرض عائد ٿئي ٿو ته،ٻارن جي عمر سنجيدگيء سان لکن ائين به نه ڪجي جو ڀاءَ جي ڄمڻ جو سال 1994ته ڀيڻ جو به ساڳيئو سال لکيو وڃي جيڪو اڳيان ھلي مونجھارو ٿئي ٿو! ساڳئيو چئلينج مون سان به درپيش آھي! اصل ڳالھ اھا آھي جو جڏھن مونکي والدين بنيادي تعليم لاءِ شھر جي ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ھو تڏھن ساڳئي اسڪول ۾ منھنجو ڀاءَ به داخل ھيو ھو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو آھي، جنھن جي بنياد کان بورڊ سرٽيفڪيٽ ۾ به عمر ڄمڻ جو سال 1994ع لکيل آھي ،پر ساڳئي اسڪول ۾ داخل ھئڻ پڙھڻ باوجود به منھنجي ڄمڻ جو سال به ساڳيئو لکيو ويو آھي جيڪو منھنجي ڀاءَ جو لکيو ويو آھي٠ جنھن تي افسوس اھو به ٿئي ٿو اسانجي والدين ويچارا اڻپڙھيل،اٻوجھ ھئا پر گھٽ ۾ گھٽ استادن کي ته سوچڻ گھرجندو ھو!اھم ڳالھ اھا جو منھنجي ڀاءَ جر ڄمڻ جي تاريخ ته بلڪل درست ئي لکيل آھي ۽ ھو پاڻ سرڪاري جاب سان به سلھاڙيل آھي پر،منھنجو ڇا ٿيندو۔؟ جو منھنجي بورڊ جي سرٽيفڪيٽن کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين تاريخ سال ساڳئي لکجي وئي آھي! جنھن جو سبب والدين جي اٻوجھائپ آھي ٻيو ته ڏھين يا ٻارنھين ڪلاس تائين شاگردن پاران پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪرائڻ جي جھڙي شعوري سگھ اچڻ به ضروري ناھي ڇو جو مئٽرڪ،انٽر تائين ايتري وڏي عمر نٿي ھجي جنھنڪري بورڊ ۾ غلطي سان ساڳئي تاريخ لکجي وئي ھنيئر ته يونيورسٽي ۾ به پڙھائي مڪمل ڪئي اٿم جنھن کان پوءِ سوچيان پئي ته،جيڪڏھن مونکي ڪا جاب ملي يا پڙھائي جي حوالي سان يا وري شناختي ڪارڊ جي حوالي منھنجي ۽ ڀاءَ جي ھڪڙي ئي عمر منھنجي لاءِ ڪيترو نه چئلينج ۽ رنڊڪ بڻيل آھي اھا ته بس مونکي خبر آھي اھم ڳالھ ته،جڏھن بورڊ انتظاميا کي مون عمر درست ڪرڻ لاء عرض ڪيو ته 1994مان منھنجي ڄمڻ جو سال1999 جيڪو آھي اھو ڪري ڏنو وڃي تڏھن ھنن مون کان اسڪول جو مڊل جو سرٽيفيڪٽ گھريو جنھن کان پوءِ ساڳئي اسڪول جي استاد صاحب کي عرض ڪيم جيڪو به آسرن ئي آسرن ۾ ھيل تائين مونکي سرٽيفڪيٽ ناھي ملي سگھيو آخر ڇو ڪھڙي وجه جي ڪري اسان نياڻين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو! ۽ ڪورٽ جي ذريعي صحيح ڪرايو وڃي ته ان ۾ وڪيل کي زياده پئسا ڏيڻا پوندا آھن غريب انسان پڙھائي جو خرچو ان کان پوءِ دستاويز ۾ غلطي جو خرچ، ھن سلسلي ۾ مونکي 9 سال ٿئي چڪا آھن، ڪڏھن حيدرآباد بورڊ آفيس جا چڪر ته ڪڏھن اسڪول جا چڪر پر ڪڏھن به ھار نه مڃي مون پنھنجي پڙھائي جاري رکي ھن وقت مون سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر ۾ ماس ڪميونيڪيشن ڪئي آھي، مونکان علاوه ڪافي اھڙيون نياڻيون آھن جيڪي بيزار ٿئي پڙھائي اڳتي نه ڪري سڳيون ۽ ڪجھ جي شادي ٿئي وئي، آئون ايترو ضرور چوندس ته بورڊ آفيس کي ايترو مشڪل نه ڪيو وڃي جو اسان ان تائين پهچي به نه سگھون، ۽ جيڪڏھن ڪوبه استاد کڻي غلطي تسليم نه ڪري پر،گھٽ ۾ شاگرد يا ڪنھن شاگردياڻيءَ جي نالي يا سرٽيفڪيٽ جي درستگي خاطر جيڪڏھن سرٽيفڪيٽ گھربل لازمي ھجي ٿو گھٽ ۾ گھٽ اھو ته ڏنو وڃي تعليم اداره جن ۾ نياڻين جي عزت ڪرڻ سيکارين ٿا پر اسان جي ھن سماج ۾ نياڻين جي عزت کي سمجھيو نٿو وڃي!

0
1
There are no advertisements in the Tando Muhammad Khan yet
Other News Shumaila RIND

اَسانجو پيارو پاڪستان٠٠!!


(شمائلا رند)


پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کي 75 سال مڪمل ٿي چڪا آھن،اھو سال ۽ تاريخ 14آگسٽ1947ع جڏھن پاڪستان کي ھڪ آزاد ۽ مسلم ملڪ ھئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو پاڪستان جي خوش قسمتي اھا به آھي جو پاڪستان جي آزادي جي رات ۽ ڏينھن اسلامي تاريخ ڀلاري مھيني رمضان المبارڪ جي به ڀلاري ۽ 27ھين قدر جي رات ھئي! جنھن کان پوء 30 سيپٽمبر 1947ع ۾ انھيء ساڳئي سال ۾ پاڪستان اقوام متحده جو ميمبر بڻيو! جنوري 1950ع ۾ پاڪستان عوامي ۽ جمھوري طور چين کي تسليم ڪيو گڏوگڏ چين ھڪ سرحدي معادي ھيٺ 750 ميلن جو چورس پاڪستان کي زميني علائقو ڏنو ھو،پر امريڪا اھو پھريون ملڪ آھي، جنھن سڀ کان پھرين پاڪستان ۾ سفارتخانو قائم ڪيو، جڏھن ته پياري ۽ اسلامي ملڪ پاڪستان جي پھرين قرداد به سنڌ جي مقدس ايوان مان پاس ڪئي وئي ھئي، ھن ملڪ جي باني(قائد اعظم محمد علي جناح) جو به تعلق سنڌ جي شھر ۽ ڳوٺ جھرڪن سان ئي ھيو جيڪو ھن وقت ڪراچي به لکيو وڃي ٿو، جيڪو به سنڌ جي گاديء جو ھنڌ ئي آھي،قائد اعظم محمد علي جناح 1913ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي،انکان پوء 1928ع جڏھن نھرو رپورٽ شايع ڪئي وئي ھئي،تڏھن انجي جواب ۾ 1929ع ۾ قائد اعظم پنھنجا 14 نڪتا به پيش ڪيا ھئا! نومبر جي مھيني 1949 ۾ جڏھن نيشنل بئنڪ آف پاڪستان وجود ۾ آئي،جنھن کانپوء 29فيبروري1956ع ۾ پاڪستان جي قومي اسيمبليء مان ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو ويو ھو ،جنھن کان پوء ٻيھر 1962ع ۾ ملڪ جو ٻيون آئين نافذ ٿيڻ کان پوء ٽيون آئين جيڪو 1973ع ۾ جيڪو ذولفقار علي ڀٽي پيش ڪيو جيڪو اڄ به موجود ته آھي پر، انھيء تي مڪمل عمل نه ٿيڻ ڪري ھن وقت تائين ملڪ جي عمر 75سال ٿيڻ کانپوء به پاڪستان ڪا خاص ترقي ناھي ڪري سگھيو جيتري ترقي 75 سالن ۾ ٿيڻ کپندي ھئي، ڏسجي ته 14آگسٽ 1947ع ۾ قائداعظم پاڪستان جو پھريون گورنر جڏھن ته پاڪستان جو پھريون وزير اعظم لياقت خان ھيو جيڪو 1951ع ۾ دھشگردن جو نشانو بڻيو اھو ئي سبب آھي جو ان وقت ۾ به پاڪستان ۾ دھشگردن جا پير پختا ٿيل ھئا! ھي لفظ به قائد اعظم جا ئي ھئا ته، ”اولھ جي معاشي نظام انسانيت لاء ڪيترائي ناقابل مسئلا پيده ڪري ڇڏيا آھن،اولھ جي طرز جو معاشي نظام اسان جي ملڪ ۾ خوشحالي ۽ ترقي نٿو پيده ڪري سگھي“ (مولوي تميزالدين) کي پاڪستان جي پھرين دستور اسيمبلي جو اسپيڪر مقرر ڪيو ويو ھو ۽ اھو وقت 5 جولاء 1977ع ھيو جڏھن جنرل ضياء الحق مارشل لا جو ائڊ منسٽريٽر بڻيو! پاڪستاني جھنڊي کي سڀ کان پھرين فرانس ۾ ڦڙڪايو ويو ھو ۽ پاڪستان جو قومي ترانو”عبدالحفيظ جالندنڌري“ پاران سال 1954ع آگسٽ جي مھيني ۾ ئي شايع ڪيو ويو ھيو، ان کان علاوه ذوالفقار ڀٽي پاران ٽيون آئين نافذ ٿيڻ کان پوء ھن 1974ع ۾ پاڻ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ھئائين ساڳئي سال ۾ پاڪستان ۾ بئنڪن کي قومي ملڪيت ۾ پڻ آندو ويو ھو، پاڪستان ۾ قائم سَرداري نظام کي ختم ڪرائڻ لاء تحرڪ وٺندي اپريل 1972ع ۾ ذوالفقار ڀٽي پاران قائم سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان پڻ ڪيو ويو ھيو،جڏھن ته بلوچستان کي صوبي جو درجو ڏنو ويو ھيو اھو سال 1970ع ھيو، پر ڏسجي ته ھن ملڪ جي ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ کان ويندي ھن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي ته اھا به رھندي پئي اچي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ڪا به جمھوري حڪومت پنجن سالن جو مدو پورو نه ڪري سگھي! جيڪڏھن مڪمل مدو پوري ڪري به سگھي ته، 2008ع کان 2013ع جو پھرين دؤر پيپلز پارٽي جو ھيو، جنھن مڪمل پنج سال پورا ڪيا جنھن ۾ به وزيرن جون بَدليون مقرريون ٿينديون رھيون پر، حڪومتي مدو ضرور پورو ٿيو٠بيحد افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته ھن ملڪ جو عام طبقو ته ٺھيو 1948ع ۾ ملڪ جي باني جو ڦڦڙن جيڪري ساھ ۽ ٻين بيمارين ۾ وٽجڻ کانپوء به ۽ انجي روح پرواز ٿيڻ تائين به سندس مڪمل مالڪي نه ٿي سگھي ھئي جو سندس وفات کان اڳ سيريس حالت يا وري وفات کانپوء به سندس مڙھ جَنازي جي لاء بروقت ايمبوينس يا ڪا گاڏي به نه ملي سگھي ھئي! سوچجي ته باقي ھن ملڪ جي عام ۽ غريب لاء ڪھڙي فيسلٽي ميسر ٿيل ھوندي! جنھن جو خواب ملڪ جي سمورن مردن ٻارڙن توڙي عورتن کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۽ کين مڪمل حق ياري ملڪ ۾ خوشحالي کي جنم ڏيڻ ھيو، وڏي افسوس سان چوڻون ٿو پوي پاڪستان جي تاريخ ۾ تمام گھٽ وقت وزيراعظم جي عھدي رھندڙ ايوب خان کان وٺي ھن وقت تائين ملڪ ۾ ڪوبه سڌارو ناھي اچي سگھيو ملڪ جي غَلط حڪمراني ۽ منصفاڻي ورڇ نه ھئڻ ڪري ننڍا صوبن جا ماڻھو جن ۾ امير ڏينھو ڏينھن امير ۽ ھر اڀرندڙ سج جيان غربت به ديرا ڄَمائيندي رھي ٿي،بلوچستان يا وري سنڌ جتي بيروزگاري بک بدحالي ته ڪَر ڪڍي ھر وقت بيٺل رھي ٿي پر،ننڍن صوبن ۾ جتي ڪيترائي غريب ماڻھو جن کي پنھنجو گھر ناھي، غربت ۽ مھانگائي عروج تي ھئڻ ڪري ھر چوٿون يا پنجون ٻار اسڪول يعني تعليم کان محروم آھي، جتي تعليمي ادارا علم گاھن بدران قتل گاھ بڻيل ھجن ۽ جتي عورتن کي پنھنجن جائز اسلامي حقن کان ويندي کين سماجي برابري جو به حق حاصل نه ٿي سگھيو ھجي سوچجي ته انھيء ملڪ ۾ باقي ڪھڙي خوشحالي جي اميد رکي ٿي سگھجي؟ ھي اسانجو ملڪ آھي جيڪو اسان کي پنھنجي جان جيان پيارو آھي پر، ھن ملڪ کي وجود ۾ آڻيندڙ انھيء باني جي سوچ فڪر جي ابتڙ ڪندڙ ۽ ھن ملڪ جي ٺھيل آئين جي به توھين ڪندڙ موجوده گڏيل حڪومتي ڌرين سميت ھر وقت جي حڪمرانن مان چَڱائيء جي اميد رکڻ بس ٻَٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي٠

Show more
0

[email protected]

سنڌ بجيٽ ۾ سنڌ جي صحافين جو خَيال رکيو وڃي٠٠!!


”شمائلا رند“


تازو ھنيئر 17ھزار11سئو اَربن جي لاڳت سان پيش ٿيل سنڌ بجيٽ ٻڌائي وئي آھي٠جنھن ۾ سي ايم سنڌ سيّد مراد علي شاھ پاران اھو پڻ چيو ويو آھي ته، انفارميشن يعني اطلاعات کاتي ۾ بھتري آندي ويندي ،جنھن ۾ اھو پڻ ٻڌايو ويو ته،صحافين کي به پلاٽ ڏنا ويندا پر ڇا ان تي عمل ٿيندو يا بس روڳو ڳالھيون ٿينديون رھنديون۔؟ ياد رھي ته عرصو اڳ به سنڌ جي مقدس ايوان ۾ سنڌ جي صحافين کي عدم تحفظ فرام ڪرڻ لاء بل منظور ڪرايو ويو ھو پر،ڪٿي ڪنھن صحافي کي تحفظ يا ڪي رعايتون ملندي نه ڏٺوسين ٠ سياسي،سماجي، قانوني،حوالي سان اخلاقي دائري طور صحافين کي آزادي جو حق ته حاصل آھي پر پوء به سنڌ جا صحافي آزاد ناھن! سنڌ ۾ اڪثريت صحافين جي عد تحفظ جو شڪار آھي! جنھن جو مثال اَجي لالواڻي کان ويندي ڪيترائي صحافي موت جي منھن ۾ ھليا ويا ! ھن وقت سنڌ ۾ اھڙا به صحافي اوھانکي ضرور ملندا جن کي خبر ٺاھڻ يا ننڍڙو مضمون لکڻ ناھي ايندو پر پوء ھو صحافتي جھڙي پيشي سان سلھاڙيل نظر ايندا٠ ڏسجي ته صحافت جي لَفظي منعي! مفھوم لکڻ جو ھنر ھجي ٿو ته،پوء پروفيشنل صحافين کان سواء باقي عام ماڻھن کي صحافت ۾ ٽَنگ نه اڙائڻ گھرجي گڏوگڏ اھو پڻ ٻڌائيندي ٿي پئي ھلان ته،ڪجھ اڻڄاڻ صحافين پاران صحافت ۾ اچڻ ۽ سياسي حوالي سان دٻاء جيڪري پروفيشنل صحافين لاء صحافت ۾ چئلينجز کي منھن ڏيڻون پوي ٿو انڪري سنڌ سرڪار پاران جيڪو پھرين بل منظور ڪيو ھو ان تي عمل درآمد ن ٿي سگھيو پر، گھٽ ۾ گھٽ سنڌ بجيٽ ۾ صحافين کي ڪي اھڙيون رعايتون ڏنيون وڃن جن سان پروفيشنل صحافي پنھنجي صحافتي ڪردار کي بھتر طريقي سان ھلائي سگھن تنھن کان سواء سياسي ۽ قانوني حَوالي سان به سنڌ جي صحافين کي مڪمل آزادي جو اختيار ملڻ گھرجي جنھن سان به صحافي بيباڪيء سان صحافت کي حقيقي رخ ڏانھن موڙي سگھن ٿا اصل ڳالھ صحافين کي عد تحفظ ۽ گھربل سھولتون مھيا ٿيڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رھي ۽ سنڌ سرڪار پاران ھن ڀيري وڌ کان وڌ سنڌ جي صحافين جو خيال رکڻ گھرجي٠

Show more
0

[email protected]

صحافت سماج جو سَگھارو آواز٠٠!!


(شمائلا رند)


ھلندڙ وقت ۾ صحافت سَماج جو ھڪ سَگھارو آواز آھي٠ ھي اھو شعبو آھي جنھن ۾ بغير رنگ،نسل،سياسي، سماجي ۽ مذھبي متڀيد جي بس صحافي پنھنجي آزادي جي اظھار کي سٺي نموني استعمال ڪندي انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل مظلومن کي انصاف وٺي ڏيڻ لاء به صحافي جو اھم ڪردار ھجي ٿو٠ پاڪستان ۾ به صحافت جو ڪردار گھڻون نمايان نظر اچي ٿو توڙي جو پاڪستان جرنلسٽ جو باني ميڊيا جي شروعاتي دؤر ۾ ڏورانھن علائقن ۾ پيرن پنڌ وڃي ڪوريج ڏيندو ھو٠ جيڪو شروعات ۾ پوکيل ٻج ھيل تائين به اسانجا صحافي ڀائر لوڻندا پيا اچن٠ سچ پڇو ته پاڪستاني آئين، يا قانون ۾ صحافت کي گھڻي اھميت حاصل آھي٠ اخلاقي دائري ۾ پنھنجي اظھار راء کي نظر ۾ رکندي اڄ ڪيترائي پروفيشنل صحافي قلم جي نوڪ کي سٺي نموني استعمال ڪندا رھن ٿا جن ۾ نه صرف ماڻھن کان ويوز وٺندڙ صحافي شامل آھن پر،پرنٽ ميڊيا ۾ مسلسل لکندڙ ليکَ، ڪالمز لکندڙ به يقينن صحافت جو اھم ٿَنڀ آھن جن وٽ لکڻ جو سٺو ھنر ۽ ڏانء ھجي ٿو٠ ھن وقت ته ميڊيا پنھنجي مڪمل عروج جي طرف گامزن آھي پوء اھا اليڪٽرانڪ ميڊيا ھجي،پرنٽ،ملٽي ميڊيا يا کڻي سوشل ميڊيا ھجي٠ سوشل ميڊيا به ھڪ اھڙو آواز ۽ پليٽ فارم آھي جيڪو اڄ ڪلھ ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ ئي آھي جيڪو جيئن چاھي استعمال ڪري اظھار راء ڏئي سگھو ٿو پر، سوشل ميڊيا جتي کوڙ خوبيون کڻي حاضرٿي آھي اتي سوشل ميڊيا ۾ گارگند، يا تضاد به ضرور سڻ ۾ اچن ٿا! جنھن جو سبب ھر عام ماڻھو به سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري ٿو، پر ڪڏھن ڪڏھن سوشل ميڊيا ڏسندي يا پڙھندي اھڙيون ڳالھيون به سامھون ڏسڻ ۾ اينديون آھن جن سان ماڻھڻ جون دليون ممڪن آھن آزاريون ضرور ٿينديون ھونديون ڇو ھي اھڙو پليٽ فارم آھي جو ھر عام ماڻھو به سوشل ميڊيا جو صحافي آھي٠پر صحافت سان سلھاڙيل پروفيشنل صحافي سوشل ميڊيا تي به ايڪٽو رھندي زبردست طريقي سان پنھنجو ڪم سرانجام ڏين ٿا ۽ انھن پروفيشنل صحافين جي صحافت پنھنجو معيار رکي ٿي٠ حقيقي،سچائي سان رپورٽنگ ڪرڻ کي ھو اولين ڏين ٿا ۽ عام سوشل ميڊيا،فيسبڪ دانشورن مطلب عام ماڻھن کان مختلف انڪري ھجن ٿا جو ھو پرفيشنل صحافي نه روڳو ھاڻي پر، سوشل ميڊيا جي اچڻ کان اڳ به ھو صحافت سان نڀائيندا اچن پيا٠ بيباڪيء کي سيني ۾ سمائيندڙ ماضي جي اليڪٽران ۽ پرنٽ ميڊيا کي عالمي سطح تي ڏسون ٿا ته حقيقي صحافت تضادن جي به ور چڙھيل رھي آھي! جيئن ”مالٽا“ جي عظيم عورت ”ڊيفني ڪاروان گاليزيا “ پنھنجي صحافتي ڪيرئير ۾ ھڪ ليکڪه ھئڻ جيڪري ڪيترا نه چئلينج کنيا پر پوء ھڪ عورت بھادري سان ڄَمي صحافت ۾ انوکو مثال قائم ڪيو جنھن ھڪڙو وڏو مثال اھو به ته آھي جو ھوء عورت ھئي٠ ڏسجي ته،پاڪستان جي جي حقيقي صحافت کي آزاد راء جو اختيار آھي پر،ان ھوندي به صحافي تضاديت جو شڪار آھن٠ سنڌ ۾ نظر رکجي ته،صحافي ڪيترائي ويچارا حقيقي صحافت کي ھٿ وٺرائيندي پاڻ ڏينھن رات پَتوڙين ٿا،ڪھڙي به سطح تي ڪنھن سان ڪو به مسئلو ٿئي ٿو صحافي انھن سڀني مسئلن کي اجاگر ڪري قانوني،آئيني،جھموري طريقي سان وقت جي واڳ ڌڻين ۽ اعلي! ايوانن تائين پھچائڻ ۾ صحافين کان ڪافي حد تائين مدد وصول ٿئي ٿي٠ ھر فورم تي سنڌ جي صحافين جو به ڪردار گھڻون وسيع ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر،ڏک انھي ڳالھ جو ضررو ٿئي ٿو ته،ٻين ڪارڻ جيئندڙ ۽ ٻين ڪارڻ پتوڙيندڙ،مظلومن جي دوستن،غريبن جي ھمدرد ھتي جي صحافي جي ذاتي زندگي گھڻي اضطرابي پريشاني ۾ گذري ٿي٠ سنڌ جا سمورا صحافي جديد دؤر ۾ به تعليم ،گھر گھاٽ کان ويندي زنده رھڻ جي سمورين آسائشن کان وانجھيل نظر اچن ٿا٠ٻيو ته ٺھيو پر،سنڌ ۾ سرڪاري طور صحافين لاء ڪو خاص تحفظ ءبه ته فرام ناھي جنھنڪري سچ جي ساٿين سنڌ جي صحافين کي ھر طرح جا خطري به کڻڻان پون ٿا ته، انيڪ چئلينجز کي به منھن ڏيڻون پوي ٿو انڪري وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي گھرجي ته سنڌ سميت ملڪ جي سمورن صحافين کي گھربل سھولتون مھيا ڪرڻ سان گڏ کين تحفظ فرام ڪيو وڃي جيڪو سندس پھريون حق آھي٠

Show more
0
Other News Tando Muhammad Khan

تنھنجي ميِزن تي طَرحين طعامَ اَچن٠٠!!


✍🏼شمائلا رند✍🏼


وقت جي تيز رفتاري ۽ زندگيء جي معمول موجب جڏھن ھڪ شھر کان ٻئي شھر وڃي رھي ھئس ته، ان ڏھاڙي سَواريء ۾ ھڪ ڏھن۔ٻارنھن سالن جو معصوم ننيگر اچي منھنجي پاسي ۾ بيٺو! پھرين ته،اھو به شق ضرور ٿيو پئي ته،ھي ڇوڪرو بک جيڪري ھي معصوم ٻار چوري يا کيسي ڪترڻ لاء يا پرس چورائڻ لاء ته ناھي گاڏيء ۾ سَوار ٿيو! الاھي ڇو ھڪ معصوم ٻارَ تي به اھڙو شق ورائي ٿي ويو۔ ڇاڪاڻ ته،جتي بک،بدحالي جو راڪاس ڇانيل ھوندو آھي اتي وقت معصوم ٻارڙن کي به بيڪار عملن تي مجبور ڪري ڇڏيندو آھي،جتي جا واڳ ڌڻي روڳو پنھنجا نوازڻ ۽ ذاتي پيٽ ڀرڻ ۾ مصروف ھجن اتي بکن جي ور چڙھيل ننڍڙن جسمن جي غلط عملن چورين يا ٻين عملن تي انھن معصومن گلن کي ڀلا ڪھڙو ڏوھ جي۔؟ جيڪو ھڪ سوال فقط سوال ئي رھجي ٿو وڃي ٿو پر،انھيء جواب جو حق حَقدار رکندڙ وقت جا واڳ ڌڻي ھتي ڀلي ڪو جواب نه ڏين پر، يقين سان چئجي ته، ڏينھن محَشر جي اھي حقيقي رب اڳيان ضرور جوبدار ھوندا! غريبن جا حق ڦَٻائيندڙ جيڪي پنھنجن ٻارن لاء عاليشان اسڪولز ۾ پڙھائڻ کان ويندي سندن پرورش، کاڌو خوراڪ، پوشاڪَ جو ڪيترو نه فڪر رکن ٿا! پر،کين ووٽ ڏيندڙ انھن بي۔پھچ غريبن جو اولاد جيڪو در در جا ڌڪا کائيندي ماني ڳَڀي لاء به اکيون تَڪيندي نظر ايندو آھي! ڳالھ انھيء معصوم گل! جي پئي ڪئيسين ته،اھو ٻارڙو جنھن جو چھري مان مايوسي جا چٽا تاثرات اچي رھيا ھئا،۽ ٿوري دير ۾ مونکي مخاطب ٿي چوي ٿو باجي او باجي٠٠٠باجي رات کان ماني ناھي کاڌي٠٠٠ ماني جا پئسا ڏي!منھنجون بيوس اکيون ۽ احساس انھيء ٻارڙي جي اھڙي تربيت کي وڌيڪ سمجھڻ جي متلاشي ٿي پيا! پر سمجھي نه سگھيس! جنھنڪري ٻارڙي کان پڇيم بابا پنھنجي ذات ڪھڙي آھي۔؟چيائين باجي آئون شيخ آھيان، ٻارڙي جي ضرورت مطابق سندس واھر ڪندي سوچيم ڇو نه ھن معصوم ٻارڙي کي تعليم خاطر آمده ڪجي کيس موقعو ڏجي،جنھن تي سفر ئي سفر ۾ انھيء ٻار کي گھر جي ڀاتي جيان محبت ڏيندي آخري ۾ ھن کي پڙھڻ جو اشارو ڪيم ته،چيائي باجي ڪتابن لاء پئسا ناھن جنھن تي انکي ايترو به چيم ته،منھنجو نمبر تو کي ڏيان ٿي، تنھنجي پڙھائي جو خرچ آئون ڀريندس پوء ته پڙھندي نه٠٠پر ننڍڙي ۽ معصوم عمر جو ٻارڙو ضروري ناھي منھنجي انھيء ڳالھ سان سھمت ٿئي پر، سندس اکين جي گھَري اداسي کي ڏسندي ۽ زبان مان نڪرندڙ لَفظ باجي٠٠٠۽ ماني ٻڌندي ذھن تي ھي لفظ تَري آيا!

”تنھنجي ميِزن تي۔طَرحين طعامَ اچن،کائين ڪانگ ڪتا۔چوٿا جامَ بَچنَ،آئون ڪيئن لوڻ چَکان!منھنجا ماروئڙا ! روزا روز رَکن“

Show more
0

[email protected]

ھن نئاتَ جي نياڻين جي نصيبن ۾ روڳو دَرد ڇو٠٠!!؟؟


”شمائلا رند“


اسانجي ھن نئات جي نياڻين جي نصيبن ۾ نَقشَ ته ھونئن ڀي ناھن چِٽيل جن نياڻين ٽَھڪن کي ٽشو پيپر بڻائي ڏکن جا انيڪ لڙڪ اگھيا آھن! کلڻ به عجيب شيء آھي ڪنھن جي کلڻ ۾ انجي کلڻ کان وڌ درد لڪيل ھوندو آھي! رازن جون رانھون انھن جي ڪيفيت به ڪَمال جي ھجي ٿي، پر ھتي سسٽم اڃان به ڪو ٻيو محسوس ٿئي ٿو!ڇو جو ھيء سنڌ آھي! ڀٽائي سائين جي شاعري جو مرڪز بَڻيل سنڌ جون اَديون اندر ۾ انيڪ آتشن جا اَنبار کڻي سازشن کي دَفائينديون رھن ٿيون! ھنن لاء سھڻان سپنا سندن حَسرتن جا سرعام جنازا نڪرندا رھن ٿا!ھڪ فقيرياڻي فَلڪ طرف مھاڙ ڪري رب جي رازن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي!سورن جي سَطايل سِنڌ سک ته ھونئن به ڪونه سَنڀري! پر، بکن،اڃن، ۽ سڃن جي سَفر ۾ نڪتل پيٽ پوڄا خاطر بازار جي طرف نڪتل نياڻي کي جڏھن ڪي اوباشَ بري نظرن سان ڏسندا آھن! تڏھن اندر ۾ ھڪڙو اَلميو پيده ٿي پوندو آھي!دل ڀورا ڀورا ٿي پوندي آھي،اَڻھوند ۽ اَڻاٺ جيڪري ھوء ڪڏھن ڪڏھن عياش”خور وٽ عيوضي جيان جسماني نشانو به ضرور بڻجندي ھوندي ته ڪڏھن ڪڏھن پاڻ عزت کي بي آبرو ٿيڻ کان به ضرور بَچائيندي ئي ھوندي! چاھتن جون چانڊوڪيون فقرياڻين لاء ڪھڙي ھجن ٿيو۔؟ڏاڍ جي ھن ڏيھ ۾ جتي ۾ ڪا نياڻي خيرات مھل” رب“ جو نالو وٺي صَدا ھڻي ان تي بري نظر٠٠ان کان وڌ ڪا ٻي حيِوانگي ڪھڙي ٿيندي۔؟ جن جي نصيبن ۾ اوبر به وڏي مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي! سموري سنڌ جي موجوده حالت کي ڏسندي گھڻي پريشاني انڪري به وٺي ٿي وڃي! سنڌ ۾ غربت ايترا اَچي ديرا ڄَمايا آھن جو سنڌ جون سوَن خاندانن سان تعلق رکندڙ بيوس۔مجبور اھي عورتون به خيرات لاء ٻاھر نڪرن ٿيون جن جي پوشاڪ سڌائين پَردي ۾رھي آھي! خدارا اھي عورت اوھانجون به اَديون آھن ته،اَمڙيون به! ويراڳين جي وَڪڙ ۾ ورتل ڪا نياڻي خيرات لاء صَدا ھڻي ته ان تي به نظرون! افسوس سان چَوڻون ٿو پئي ته،وقت جا واڳ ڌڻي به نياڻين کي ڪا خوشحالي يا تحفظ ناھن ڏئي سگھيا٠حڪومت طرفان جيڪو وظيفو ڏجي ٿو اتي به قطار ۾ نياڻيون بيٺل نظر اينديون آھن! خدارا سنڌ جي نياڻين کي پننڻ تي مجبور نه ڪريو نه ھو اوباش ماڻھن جي نظرن جي ور چڙھن ڪي اھڙيون مراعتون جوڙيون وڃن جنھن سان ڌرتي جون ڌيئرون زندگي زيور ٿئي پر زھر نه! جي نه ته پوء اھو نه وسارجو ته ڏاڍَ جي ڏيھ ۾ ڏمر به ضرور ڪرندو!

Show more
0

[email protected]

زھر جنين جي زندگي،ڏک تنين جو ڏيج٠٠!!


”شمائلا رند“


ڪائنات جون ڪيفيتون ڏاڍيون دلچسپ ھجن ٿيون! ڪٿي ڪي حالتون لمحا پريشان ڪندڙ ھجن ٿا ته ڪي حيِران ڪندڙ به ضرور ھجن ٿا! ھونئن ته دنيا ۾ ھر ھڪ انسان جي اندر ۾ ھڪ وسيع ڪھاڻي ٺھيل آھي،در اصل اھا ڪھاڻي مون جيستائين تحقيق ڪئي آھي ته،اھا ڪھاڻي ٻن حصن ۾ ورھائجي وڃي ٿي ھڪڙو ڏک،درد ۽ ٻيون حصو خوش رھڻ يا عروج اچي ٿو وڃي! عروج جنھن جي عمر ننڍي ھجي ٿي پر،ڏکن جا ڏونگر وڌيڪ منعي! خيز ھج ٿا ،ڏک جي عمر وڏي انڪري به ھجي ٿي جو ڏکن جا ورجاء مرڻ تائين ٿيندا رھن ٿا! دنيا ۾ ھر شيء جي واپسي به ضرور ٿيڻي آھي،جيئن ڏک جو سک،سک جو ڏک مطلب عروج جو زوال ته زوال جو عروج٠٠٠اھڙي طرح ھر شيء جي واپسي ٿيڻ تي کڻي ڪير نه ئي يقين ڪري پر،ڏسون ٿا پنھنجي موجودگيء ۾ جيڪا شيء نظر اچي پئي ته،انسان جي به ته واپسي ٿئي ٿي! جيئن ٻار ڄَمي ٿو انجي عمر به چار حصن ۾ ورھائجي وڃي ٿي، ھڪڙي عمر ۾ ھو ڄائو،ٻئي مرحلي ۾ سمجھ آيس تربيت ورتائين ٽيئن،۾ جَوان ٿيو شعور مليس ته چوٿين مرحلي ۾ وري پوڙھائپ ۾ ڏاھپ کانپوء تابِ حيات ملطب ته ھميشه حيات نه رھڻ دنيا مان ھليو وڃڻ! اھو بس قدرتي عمل آھي! پر،ڪڏھن ڪنھن سوچيو آھي ته،انسان جڏھن دنيا ۾ اچي ٿو تڏھن ٻئي جي محتاج رھي ٿو! ۽ جڏھن وفات ڪري ٿو تڏھن به ٻئي جو محتاج ٿي مري ٿو! انسان جو ڌرتي تي اچڻ وقت به امڙ يا دائي ٻار کي ويھنجاري ٿي پر جڏھن عمر پوري ٿئي ٿي تڏھن به کيس غسل ٻيا ڏين ٿا! ڏسو انسان چوي ٿو آئون بادشاھ پر،انسان پنھنجي آڻ ڪَمزورين کي مڃڻ لاء بلڪل تيار ناھي! ھالانڪ جيڪا شيء فطري يا ڪو به قدرتي عمل ان تي سوچڻ به اَجايو آھي، پر ھتي انساني زندگيء ۾ جيڪي غلطيون ٿين ٿيون در۔ اصل ھو يا خدائي رازن کان اَڻواقف آھي يا ته ھو لنوائيندو رھي ٿو٠ جنھنڪري سڀئي انسان پان ۾ اَنا،ھٺ، غرور، ساڙ،بغض جا بيانا ڪاٽيندو رھن ٿا پر،انھن ڳالھين کي مڃڻ لاء تيار ناھي! اھڙا ماڻھو ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين تي مايوس به جلد ٿي ويندا آھن،جو ڪنھن ممڪن شيء کي به ناممڪن بڻائي ڇڏيندا آھن جيڪو ماڻھو ممڪن شيء کي ناممڪن سمجھي در اصل اھو پاڻ پنھنجي ناڪاميابي جو اظھار ڪري ڇڏي ٿو ڪنھن چيو پئي ته جيڪو ماڻھو چئي آئون ھارائي ويندس٠٠٠بس سمجھجي ته اھو ھارائي چڪو! زندگي جتي خوشين جا اَڻکٽ خزانا کڻي انسان کي مغزي مانڍائڻ ۾ ڦاسائي ٿي ته،زندگيء خالي کيسن سان کٽڻ جي جوت به ته جاڳئي ٿي ضرور! جيڪا جيت زندگي جي زندگي ۾ ھجي ٿي! مون پنھنجي زندگيء ۾ جيترو ڪجھ پڙھيو آھي اوترو لکي نٿي سگھان نه پر،زندگي جي حقيقي رستي جي جڏھن به ڳولا ڪئي آھي تڏھن سنڌ جي بزرگ شاعر”ڀٽائي سائينء“جون ھي ٻه سٽون ذھن ۾ بيٺيون رھن ٿيون *”الله ڏاھيون نه ٿيان،ڏاھيون ڏک ڏسن“* ھنن ٻن سٽن تي مون جڏھن به ننڍڙو جائزو ورتو آھي تڏھن الاھي ڇو مونکي پنھنجي ذاتي زندگيء ۽ تجربي مطابق ”ليکڪَن“ جي زندگي ۽ انجو معيار ٻين کان الڳ ۽ معياري لڳندو آھي اھو سچ آھي ته، ليکڪن،اديبن،دانشورن جي زندگي اڪثر تڪليفن، چئلينجز، ۽ تَضادن ۾ گذري ٿي! جيئن *”علي سائين “* خود به فرمائي ٿو ته،دنيا ۾ عقلمند ماڻھو اڪثر پريشانين جو شڪار رھندا آھن٠ ليکڪن،دانشورن جي زندگيء جا قِصا سچ ۾ ته ڪنھن ڀيانڪ جيان ھجن ٿا! ڇاڪاڻ ته اھي نه روڳو لفظن جي بيھڪ کي بيھارڻ جي ڍوڙ ۾ ھوندا آھن پر،ڄڻ سِڪرات واري ۾ حالت ۾ حڪمت،ڏاھپ سان زندگيء جو اصلي رستو پيو ڳوليندا آھن جيڪا سِڪرات ڪا موت واري حالت جي ته ناھي ھوندي پر،اھا سِڪرات انھن لاء دانائيء جو وڏو درس ھجي ٿي جن جي سڄي زندگي حادثن سان ڀَريل ھجي ٿي جيڪي وک وک تي زندگيء جو زھر پئيڻ باوجود خود زھر ناھن ٿيندا! جن جي سموري زندگيء ۾ لاھن،چاڙھن،۾ گذري ٿي پر پوء اھي سمورين رڪاوٽن کي ٽوڙيندي به زندگي جو حَقيقي رستو اھو ئي اختيار ڪن ٿا جيڪو رستو ٻين جي جيئڻ لاء ھجي ٿو٠ سچ پڇو ته،اھو ئي نالو آھي حقيقي زندگي جو پر،ھتي زندگيء جون روشناسيون،ڪاميابيون صرف ۽ صرف پئسي ۽ اَڻھوند سان ڏٺيون ۽ ڀيٽيون وڃن ٿيون پر،سرفھرست،ھميشا تاحيات،رھڻ به سولو عمل يا ھر ڪنھن جي وس جي به ڳالھ ناھي ڇو جو دنيا ۾ ڪنھن به ماڻھو وڏو جيڪڏھن وڏو ماڻھو بَڻجي ٿو ته اھو علم جو فلسفو ،عقل،ڏاھپ ٿي سگھي ٿي پر پئسو ھر گز نه جيئن ڪنھن چيو آھي ته،مون ھميشه غريباڻي ؤ جھوپڙيء ۾ رھندڙ ماڻھن کي ٻاھر وڏو ماڻھو ٿيندي ڏٺو آھي٠

Show more
0
Other News Pakistan
Other world news
https://avalanches.com/eg/cairo_do_you_toss_and_turn_in_bed_every_night_do_you_watch_the_clock_as_you3188903_22_07_2022

Do you toss and turn in bed every night? Do you watch the clock as your wake-up time mercilessly approaches and only manage to fall asleep at some point in the morning? Have you been counting sheep for hours and still can't sleep?


Everybody sometimes can't fall asleep. The problem is when this condition lasts a long time or recurs frequently.


Professionally, the condition where you cannot fall asleep is called insomnia. It is dangerous and it is not pleasant to play with it. Sleep is vital for a person. A person suffering from insomnia cannot fall asleep or wakes up frequently.

Common symptoms are:


- difficulty falling asleep at night.


- waking up early in the morning without the ability to go back to sleep.


- frequent nighttime awakenings


- night watch, confusion of day and night


Read more at :

https://healthretrival.blogspot.com/2022/07/insomina-sleeping.html

Show more
0
14
https://avalanches.com/eg/cairo_prostate_enlargement_usually_occurs_in_men_with_age_the_enlargement_c3167882_21_07_2022

Prostate enlargement usually occurs in men with age. The enlargement can be benign or malignant.

If classified as benign, the enlarged prostate is called benign prostatic hyperplasia (BPH). As for whether it is malignant, it will lead to prostate cancer.


Although it does not endanger the life of the victim, the complaints that arise due to an enlarged prostate are very disturbing activities.


Some people who have an enlarged prostate will feel dissatisfied when urinating.


Symptoms can include a weak urinary stream, increased frequency of urination, frequent awakenings at night, and an inability to hold back the urge to urinate.


In severe cases, an enlarged prostate can cause urinary retention, which is a condition in which a person is unable to excrete urine that is in the bladder.


To overcome the prostate, whether to surgery? Actually, the action to treat this condition depends on the severity.


The main goal of treating an enlarged prostate is to improve the patient's quality of life. The therapy offered also varies, depending on the severity of the symptoms experienced.


To determine the severity, the doctor will perform a series of tests including:


- International Prostate Symptom Score (IPSS) test score.


- Lab tests, such as urinalysis, prostate- specific antigen (PSA), and kidney function.


- Urophlometry (evaluation of the urine stream), calculation of residual urine.


- Images of the prostate that can be an ultrasound exam.

Read more :


https://healthretrival.blogspot.com/2022/07/dangerous-prostate-size.html

Show more
0
18
https://avalanches.com/za/durban_edk_media_attends_a_film_music_and_dance_workshop_in_umlazi_3131657_20_07_2022
https://avalanches.com/za/durban_edk_media_attends_a_film_music_and_dance_workshop_in_umlazi_3131657_20_07_2022

EDK Media attends a film, music and dance workshop in Umlazi


Ezase Durban Media KZN better known as EDK Media is a Film and TV production company established back in 2011, based in the heart of Durban KwaZulu-Natal. It offers a variety of services including: TV Presenting Training, Photoshoots, TV Shows, Documentaries, Events management and many more.


On Friday the 15th of July 2022, EDK Media production team attended an art workshop in Umlazi, the south eastern part of KwaZulu-Natal which was held in Umlazi Cinema Hall.


The event was solely based on ways that the youth could utilize to venture into the corporate sector and the entertainment industry. The gap has been identified, that the youth is seeking employment rather than self employment. With the unemployment rate at its peak in South Africa, it is crystal clear that having a degree does not automatically translate to employment.


Dignitaries and speakers from different places graced the event with their presence, amongst which Mr Xolani Dlamini, the founder and event organizer of Urban Arts Entertainment attended. Menzi Theo (executive director of EDK Media), Bella Mnyandu and Smangele Sokhela commended the event organizers for pulling off such a great event in such a short space of time.


We still have a long way ahead to ensure that our government is democratically accountable for its people and for the young people to be granted equal opportunity. We're hopeful that events of this nature make a dent.

Show more
0
8