سرڪاري سطح تي عورتن جي رھنمائي ڪئي وڃي٠٠!!
”شمائلا رند“
ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جي عورت گھڻي گھٽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ جَڪڙيل آھي، نھ رڳو سنڌ بلڪ سڄي پاڪستان ۾ عورتن جي حَقيقي زندگي کي صحيح واٽ تي ترقي وٺرائڻ لاءِ انساني حقن جا ادارا به ڪو ڪردار ادا ناھن ڪري رھيا! عورت کي ھن معاشري ۾ چيچلايو، چيڀاٽيو وڃي ٿو، ڪجھ باشعور مردن کان علاوه باقي مردن پاران ھتي عورتن کي ڪھڙي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو۔؟ ان بابت يقينن سڀ ڄاڻن ٿا. ان لاءِ ئي چيو ويندو آھي تھ اسان جو سماج مرداڻو سماج آھي جتي عورت کي جيئڻ جو ڪو بھ حق ناھي، جتي عورت جي ترقي کي ھضم ڪرڻ سؤلو نھ آھي، اسان وٽ عورتن جي ترقي جي حوالي سان وڏا وڏا ڀاشڻ تھ ٻڌڻ ۾ ملندا آھن پر حقيقت ان جي ابتڙ ھوندي آھي، ھتي عورت رڳو شوپيس آھي، عورت کي اسان جي معاشري ۾ برابري وارا حق ملڻ رڳو ھڪڙو خواب آھي، جنھن جي ساڀيان لاءِ ھن وقت تائين ڪيتريون ئي عورتون پنھنجو پاڻ نڀائينديون رھيون آھن ۽ نڀائين پيون. زندگي جي ھر شعبي ۾ عورتن کي پٺتي ڪرڻ جي سازش بھ تمام پراڻي آھي،
عورت ھن معاشري جي ترقي ۽ سماج کي اڳيان ڌڪڻ ۾ ته “ڪَرنگھي” جي ھَڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي پر باوجود انجي سنڌ ۾ عورتن جي خاص طور تي حڪومتي سطح تي ڪوبه واھر ڪرڻ وارو ناھي. سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان ھن وقت تائين جيڪي بھ پروگرام آيا آھن انھن ڪو خاص رزلٽ نھ ڏنو آھي، جيتوڻيڪ اسلامي حوالي سان عورت کي وڏي اھميت حاصل آھي، جنگين جي صورت ۾ پڻ عورتن پاڻ ملھايو آھي، پر ھلندڙ وقت ۾ عورتون “ويچاريون” ئي بڻيل نظر اچن ٿيون، ٻھراڙين ۾ رھندڙ عورتن جي زندگي تي نظر ڪبي تھ سندن حالت گھڻي اَبتر ئي ڏسڻ ۾ ايندي! ڇاڪاڻ ته ٻھراڙين ۾ اڄ به عورت کي غلامي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، جيڪي رڳو مردن لاءِ ڪنھن حد تائين ضرورت جو سامان ئي آھن. ان ھوندي بھ پنج ئي آڱريون برابر ته ناھن پر اڪثر اھو لاڙو وڌيو آھي! جيڪڏھن ٻھراڙين يا شھرن جون عورتون اڪيلي سر ٻاھر نڪرن تڏھن به کين پنھنجي عزت مجروح ٿيڻ جو خدشو لازمي کَڻڻو پوندو آھي، عورتن جي حقيقي نمائندگي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جيڪو ھن معاشري جي ترقي آڏو ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي، انڪري وقت جي سرڪار کي سنڌ جي عورتن جي زندگي کي بھتر بنائڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. ڇاڪاڻ ته سرڪاري سطح تي جيستائين عورتن جي رھنمائي ڪري کين حقيقي زندگي جو حق مھيا نٿو ڏنو وڃي، تيستائين ھن معاشري جي ترقي يا بھتري ناممڪن ئي رھجي ويندي.