کی تمام اشاعتیں۔ Shumaila RIND . Tando Muhammad Khan ، Pakistan

Publications

ست جون سنڌ جي وڪيل جي ورسي جو ڏينھن٠٠٠!!


”شمائلا رند“


اسان ماڻھن جي ھيء بدقسمتي رھي آھي جو اسان پنھنجن عظيم انسانن کي صرف عظيم چئي سندن مقبرا ٺاھي مجاور بڻجي ويھون رھون ٿا پر، تاريخ جا ورق اتلائي ڏسنداسين ته سجاڳ قومن جي خوبي اھا به رھي آھي جو اھي قومون پنھنجن عظيم انسانن جي محنتن، ۽ انھن جي جدوجھدن کي ھٿيار وانگر نڀائي ترقي جي طرف وڌنديون رھيون آھي٠ سنڌ ڌرتي پنھنجي ھر ھڪ صديء ۾ دؤر ۾ اسانکي حلالي پٽ ڏنا آھن٠ جن ھر دؤر ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ڌرتي جو دفاع ۽ حفاظت ئي ڪئي آھي٠ شاھ لطيف جي دؤر کي ڏسون ته،شاھ سائين جي ذاتي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائون تڪليفون آيون پر، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھ ٻولي جي ارتقا جو مک ڪارڻ لطيف سائين ۽ انجي شاعري آھي٠اھا الڳ ڳالھ آھي قديم ھن ٻولي کي اڃا تائين به قومي ٻوليء جو درجو حاصل ناھي ٿي سگھيو٠ ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جنھن صورتحال مان گذري رھي آھي، ڪيترن ئي مھينن کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب زندگيون مَفلوج بڻجي ويون آھن٠ سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي چڪي آھي٠ پاڪستان جي تمام وڏي ريگستان ٿر سميت سنڌ جي ساحلي پٽي سان واسطو رکندڙ انسان ۽ جانور ويچارا پيئڻ جي پاڻي لاء به انتظار ڪن ٿا پوء ئي کين پاڻي ڍڪ کين نصيب ٿئي ٿو٠ سنڌ ۾ پاڻي جي حوالي سان موجوده صورتحال کي ڏسون ٿا ته،يقينن رسول بخش پليجو ئي ياد اچي ٿو٠ جيڪو ساھ جي آخري گھڙي تائين سنڌ کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ملڻ تي وڙھندو رھيو٠ پليجو پنھنجي ھڪ نَظم ۾ لکي ٿو” خزان کي جو پَناھ ڏيئي سو باغ ئي اجاڙيو“ ڏسو پَليجي صاحب جو فڪر ڪيترو نه طويل خوبصورت آھي جو ھو خزان يعني انھيء موسم کان به نفرت ڪري ٿو جيڪا موسم زَوال جي ھجي ٿي، جنھن موسم ۾ وڻن مان پَن ڇڻ ٿيندي آھي اھا موسم ،آڪٽوبر،نومبر،ڊسمبر جي آھي٠جنھن کي ،سائنسي ،فلسفي طور تي خزان يعني تباھيء جي موسم قرار ڏنل آھي٠ ھي ٽئي مھينا برباد ڪندڙ قرار ڏنل آھن جن جي اچڻ سان محترم رسول بخش پليجو خواھش ڏيکاري ٿو ته نه باغ ھجن نه ئي پَنا ڇڻن٠ بھرحال اصل ڳالھ ته پليجي صاحب اصل اشارو ڪھڙي شيء ڏانھن ڪيو آھي۔؟

سچ اھو آھي جو اسان جديد دؤر ۾ به دقيانوسي خيالن ۾ ايترا ته ڦاٿل آھيون جو جديد دؤر سان اسانجو ڪو واسطو نٿو ھجي! جيڪو ماڻھو وقت سان گڏ ھلي ٿو اھو ئي نه صرف ماڻھو پر مڪمل انسان ھجي ٿو پر،اسانجي سوچ بس ايتري محدود آھي مثال ڦلاڻو سياسي ليڊر اسانجي غم ۽ خوشي ۾ شريڪ ٿئي اسان لاء اھو گَنج آھي، روزگار نه ملي،روڊ رستا ڀلي اجڙيل ھجن مطلب زنده رھڻ جي ھر سھولت ۽ نعمت کان محروم ئي ڀلي ھجون پر، ڦلاڻو اسانجي تَڏي تي آيو بس اسان لاء اھو ئي سڀ ڪجھ آھي پر،ٿورو جي سوچيون ۽ سڌريل ملڪن جي عام ماڻھن جي زندگيء کان جيڪڏھن مڪمل واقف ٿي وڃون تڏھن دعوي! سان چئي سگھجي ٿو ته پوء ئي اسانجي معاشرو جي تباھي اسان پنھنجي بربادي سمجھي وٺنداسين نه ئي ڪن فريبي،ماڻھن ۾جڪڙجڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏينداسين ٠ڏسو سياسي حوالي سان به اھڙن ماڻھن کي اڳيان آڻيون ٿا جن جو ثقافت سان واسطو ئي نٿو ھجي٠ ڏسو اسان ايترا بي سمجھ ٿيندا پيا وڃون جو ھڪڙي لفظ ثقافت کي اسان صرف ٽوپي اجرڪ تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي٠ پر،اھو وساري ويھئون ٿا ته،ھر اھو ماڻھو سماج لاء اھم آھي جيڪو سڄي زندگي ثقافت تي گذاري ٿو٠ سنڌ جا ڪيترائي نالا جن ۾ رسول بخش پليجو جو مثال موجود آھي٠ ھڪ مشھور ناول نگار ”ٽالسٽاء“ لکي ٿو ته،ثقافت تي زندگي گذاريندڙ ماڻھو ڪنھن لاء غلط نٿو سوچي سگھي،ثقافتي ماڻھو ٻئي کان پاڻ کي مٿي سمجھڻ، نفرت ڪرڻ يا بداخلاقي نٿو ڪري سگھي٠ ثقافت سان سرشار ماڻھو سماج جو اھم ٿنب ھجي ٿو جيڪو ڪنھن کي ڪڏھن به نقصان نٿو پھچائي سگھي! رسول بخش پليجي جي زندگي تي نظر رکون ٿا اھا شيء ٽِڪَ ھڻيو بيھي ٿي رھي ته محترم رسول بخش پليجي جنھن سموري زندگي ثقافت تي گذاري ڇڏي٠ پوء ظاھري ڳالھ آھي ھھڙن ماڻھن لاء مشڪلاتون به ڪر کڻي بيھي رھنديون آھن پر وقت ساڻن ملھائي تاريخ اھڙن روشن خيال ماڻھن کي جيء ۾ جايون ڏيندي آھي٠رسول پليجي جي مختصر زندگي تي نظر رکون ته ھن جدوجھد جي شروعات ننڍي ھوندي کان ڪئي ھئي جو ھڪ ڏينھن جڏھن سندس امڙ کان خرچي گھريائين تڏھن امڙ پاران خرچي نه ڏيڻ يا دير ڪرڻ تي پليجو صاحب روڊ تي وڃي روئيندي سمھي پيو جنھن کان پوء امڙ پاران کيس پرچائي خرچي ڏني وئي جنھن کانپوء ننڍي عمر ۾ ھو سمجھي ويو ته دنيا جي ڪابه شيء جدوجھد يا وڙھڻ ۽ محنت کانسواء ملي نٿي سگھي٠ست جون سندس ھن عظيم انسان وڏي سياستدان، ايشيا جي ڏاھي، قومپرست،مفڪر،۽ سنڌ جي وڪيل رسول بخش پليجي جي ورسي جو ڏينھن آھي٠ جيڪا ٺٽي جي ڪجھ مفاصلي تي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ ئي سندس آخري آرمگاھ تي ملھائي ويندي پر، پاڻ پاڻ پليجي صاحب کي ھن اخبار ذريعي شيخ اياز جي ھنن سٽن سان ڀيٽا ڏيون ٿا٠”ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا، گھايل ڌرتيء جي سيني تي،اھڙي گھَري چيخَ ٿين ٿا،جا ھر ڪنھن کي جاڳائي ٿي،۽ دنيا کي بَدلائي ٿي“

Show more
0
Show more