تمام صارف پوسٹس Shumaila RIND . Tando Muhammad Khan , Pakistan

تعليمي معاملن ۾ عورتن لاء پيده ٿيندڙ مونجھارا٠٠!!


(شمائلا رند)


*اوھان ڏٺو ھوندو ته* ٻھراڙين ۾ جڏھن ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيندو آھي،تڏھن اڪثر استادن پاران ٻارَ جي عمر رجسٽر ڪرڻ وقت بغير والدين جي صلاح مشوري يا پڇڻ جي يا وري بغير انھن کان درست پيدائش جي تاريخ معلوم ڪرڻ جي ھو بس لکي ڇڏيندا آھن٠ جن ۾ ھڪ ته،والدين جي به لاغرزي ھجي ٿي ڪي پڙھيل ڪڙيل والدين به ضرور پنھنجي اولاد جي درست تاريخ ٻڌائيندا ڏيندا ھوندا پر، ڪي والدين اھڙا به ھجن ٿا، جيڪي علم ھوندي به ھو ٻار جي اسڪول ۾ ڄمڻ جي درست تاريخ ڏيڻ کي اھميت ناھن ڏيندا، جيڪا لاغرزي چئبي! ۽ وري جڏھن استاد خود پاڻ جيڪڏھن ڪنھن به ٻار جي عمر لکندا آھن تڏھن ھو اھو به ناھن سوچيندا ته،جنھن شاگرد جو نالو داخل ڪري رھيا آھن، ڇا انھيء شاگرد جو ڀاء يا ڀيڻ اڳ پڙھي چڪا آھن، يا ساڳئي يا وري ڪنھن ٻئي اسڪول ۾ پڙھي ته ناھن رھيا۔؟ مطلب ڪٿي ائين نه ٿئي جو نتيجن اسڪول ۾ بنيادي طور داخل ٿين انھيء ٻار جي عمر پنھنجي ڀاء، يا ڀيڻ جي برابر ٿي وڃي جيڪي اڳ ئي پڙھي چڪا ھجن يا وري پڙھي رھيا ھجن! حقيقت ۾ ھي اھم ذميواري والدين کانپوء استادن تي عائد ٿئي ٿي ته ، انھن سڀني شين جو خَيال رکيو وڃي جنھن سان اڳيان ھَلي انھن شاگردن يا شاگردياڻين سان مسئلا پيش نه اچن٠ بدقسمتيء سان اسان وٽ غير سنجيدگي اھي مسئلا ڄڻ روايت،معمول بڻجي ويا آھن٠جيڪڏھن ڪو ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيندو آھي ۽ انھيء ٻار جا والدين جيڪڏھن اَٻوجھ ھجن ٿا تڏھن استادن جي غير سنجيدگي جي وجه سان ٻارن جي عمر گَڏجي ويندي آھي، جيڪي مستقبل ۾ خاص طور نادرا پاران شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ کان ويندي بورڊ، يونيورسٽين تائين اھڙين ننڍڙين غلطين جيڪري شاگردن ڇوڪرن يا ڇوڪرين پاران ڏاڍو پريشان ٿيڻ ڊڪ ڍوڙَ باوجود به جلد ۽ آساني سان اھو مسئلو حل ناھي ٿي سگھندو، بھرحال۔ھڪ ننڍڙو مثال پنھنجو به ڏيندي ٿي پئي ھلان ته، منھنجي پيدائش شھر ۾ ئي ٿي آھي٠ منھنجو ڀاء ۽ آئون ھڪ ئي اسڪول ۾ پڙھيا آھيون جيڪو اسڪول پرائيويٽ آھي٠ ڀاء جيڪو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو آھي ته، ظاھر ڳالھ آھي ھو پڙھائي ۾ به ڪجھ درجا مونکان اڳ پڙھيو ھيو٠ اسان ٻئي ڀاء ڀيڻ ھڪڙي ئي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھيا آھيون جنھن ۾ اسانجي بنيادي تعليم ڀاء جي پيدائش جو سال 1994لکيو ويو آھي جيڪو درست آھي،پر منھنجي ڄمڻ جو سال به ساڳئيو 1999بدران 1994ئي لکجي ويو آھي، جنھن جو مک سبب والدين جو ،اَٻوجھائپ ھئڻ سان گڏ استادن جي لاغرزي ۽ غير سنجيدگي به ضرور مَحسوس ٿئي ٿي،جنھن تي گھڻي حيرانگي ۽ پريشاني به ٿئي ٿي ته مَقامي استادَ صاحبان پاڻ تي اھو فرض عائد ڇو نه ٿا سمجھن۔؟ته، جيڪو ٻار داخل ٿي رھيو آھي انھيء ٻار جي ٻين ڀينرن ۽ ڀائرن جي عمر بغير تصديق جي ائين ڪيئن داخل ٿي ڪئي وڃي۔؟ ھي بلڪل ھڪ ننڍڙو اشو آھي پر، ھڪ ننڍڙي مسئلي جيڪري مونکي ڪيترو ذَليل ۽ پريشان رھڻون پيو آھي جو لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سَگھان٠ آئون يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ ھئڻ سان گڏ ھڪ ليکڪه به ضرور آھيان، جنھنڪري ضروري آھي شعوري طور تي مونکي به ھڪ ليکڪه ھئڻ ناطي سلجھيل ماڻھن پاران وڌيڪ عزت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو٠ پر، افسوس انھيء ڳالھ جو ضرور ٿئي جو جڏھن پڙھائي دؤران آئون پنھنجي اسڪولي سرٽيفڪيٽ ۾ پيدائش جي تاريخ جي درستگ خاطر بورڊ آفيس حيدرآباد پَھتيس ته اتي جي آفيسرن سان ڳالھايو تڏھن ھنن مونکي اھو چئي مسئلي جو حَل ٻڌايو ته، توھان اسڪول مان ”مڊل“ سرٽيفڪيٽ ٺھرائي جمع ڪرايو ان تي ئي توھان جا ”ڊاڪيومينٽ“ درست ڪري ڏبا جنھن کانپوء پوء جڏھن اسڪول انتظاميا سان گڏ جن استادن وٽ پڙھي آھيان انھن استادن کي به بار بار عرض ڪرڻ کانپوء مونکي اھو چيو ويو ته، سرٽيفڪيٽ نٿو ملي سگھي! اصل ڳالھ ته، جتي بورڊ انتظاميا پاران مئن سرٽيفيڪٽ ۾ درستگي ڪري ڏئي سگھجي ٿي اتي اسڪول انتظاميا پاران سرٽيفڪيٽ ڇو نٿو ملي سگھي۔اسڪول انتظاميا يا وري استادن پاران اھڙي جواب تي به ذھن ۾ سوال جَنم وٺڻ لڳا ته ”مڊل“ سرٽيفڪيٽ ڪھڙو بورڊ يا يونيورسٽي مان ٺھرائڻون پوندو ۔؟ جو استادن پاران اھڙو جواب ملڻ ضرور سمجھيو وڃي ڇاڪاڻ جيڪڏھن استاد چاھين ته، کڻي ضلعي جي آفيسرن جي ”دسخط“ يا اسٽيمپ ھڻائي ٺاھي ڏيئي سگھن ٿا٠ڇاڪاڻ ته، آئون ته پڙھي آھيان اسڪول ۾ نه ئي ڪو جعلي سرٽيفڪيٽ لاء منٿ ڪري رھي آھيان جو نٿو ڏنو وڃي! گھڻون اَفسوس انھيء ڳالھ جو به ٿئي ٿو استاد جيڪي معاشري جا ذميوار فرد ھئڻ ڪري بوائز سان گڏ خاص طور تي تعليمي حَوالي سان استادن کي نياڻين کي وڌيڪ عزت جي نگاھ سان ڏسڻ گھرجي پر، الاھي ڇو ھتي انجي ابتڙ اھا آھي جو جڏھن کڻي ڪنھن استاد کي سرٽيفڪيٽ لاء ڪال ڪري ڳالھ ياد ڏياربي يا کڻي عرض ڪبو تڏھن زباني طور ھو ائين چنبڙي ٿي پون ٿا ڄڻ نياڻين پاران سرٽيفڪيٽ وصول ڪرڻ ڏوھ ھجي يا ايئن چئجي ته ڄڻ ته عورتن کي حق ئي نٿو پھچي، آئون سمجھان ٿي ھي مون سان جيڪڏھن مسئلو پيش آيو ته، لازمي اھڙين ڪيترين ٻين شاگردياڻين سان به اھڙا مسئلا پيش ايندا ھوندا٠آخر ڇو اسان نياڻيون آھيون انڪري ذَليل ٿيڻون ٿو پوي يا ڪو ٻيو مسئلو آھي آخر ڪھڙي وجه آھي۔؟ استاد ئي ھن معاشرو جو اھم حصو ھجن ٿا استاد صاحبان ئي ھن سماج کي سڌارڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ٿا پر ، افسوس جو استادن پاران به پنھنجي نياڻين،شاگردياڻين سان اھڙو ورتاء،سلوڪ ڪيو وڃي سوچجي ته پوء ، سماج ۾ رھندڙ عام طبقي جي ماڻھن پاران نياڻين سان ڪھڙو ورتاء رکيو ويندو ھوندو۔اھو ته ھر سجلھيل،عقلمند ماڻھو ڄاڻي سگھي ٿو٠ ھن معاملي تي ايترو ضرور چونديس ته مثال: جڏھن ڪنھن نينگر کي سرٽيفڪيٽ يا ٻي ڪا به شئي گھربل ھجي ته، ھڪ دم ملي سگھي ٿي ڇو جو ڇوڪرو آھي چئلينج ڪري سگھي ٿو پر ، پرديدار عورتون ڪجھ به نٿيون ڪري سگھن جنھنڪري سندن جائز حق تي به کين پريشان ئي رھڻون پوي ٿو جيڪا مون سميت انھن سڀني عورتن سان بيواجبي آھي٠جن کي سرٽيفيٽ يا ٻئي ڪنھن به جائز سھولت گھربل ھجي پر، کين ڏني نه وڃي٠ انڪري نياڻين جي پڙھائي جو مسئلو ھجي يا کڻي استادن پاران سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو اشو ھجي تڏھن اسڪولز، يا ڪاليجز انتظاميا پاران جڏھن نظر انداز ڪيو وڃي تڏھن وري اتي جي شعور رکندڙ ماڻھن کي گھرجي ته، خود نياڻيون ننڍڙن ننڍڙن مسئلن جيڪري پريشان وڌيڪ ٿينديون ھجن اتي انھن ماڻھن کي پڻ نياڻين جا مسئلا حل ڪرائڻ خاطر اڳڀرو رھڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته، جيستائين ڪنھن به معاشري ۾ عورت کي عزت،مان ۽ مرتبي سان اھميت ناھي ملندي تيستائين انھيء معاشري جي ترقي ناممڪن بڻيل رھندي، ڇو جو عورتن جي عزت ڪرڻ،کين علم ڏيارڻ،سندن سمورا مسئلا حل ڪرائڻ،توڙي کين حق مھيا ڪري ڏيڻ، ساڻن سٺي ورتاء سان ادب ۽ اخلاق سان پيش اَچڻ ئي سماج جي ترقي جو اھم راز ۽ ڪارڻ بڻجي ٿو٠

Show more
0
1
https://avalanches.com/pk/tandomuhammadkhan_2320397_06_06_2022

سرڪاري سطح تي عورتن جي رھنمائي ڪئي وڃي٠٠!!


”شمائلا رند“


ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جي عورت گھڻي گھٽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ جَڪڙيل آھي، نھ رڳو سنڌ بلڪ سڄي پاڪستان ۾ عورتن جي حَقيقي زندگي کي صحيح واٽ تي ترقي وٺرائڻ لاءِ انساني حقن جا ادارا به ڪو ڪردار ادا ناھن ڪري رھيا! عورت کي ھن معاشري ۾ چيچلايو، چيڀاٽيو وڃي ٿو، ڪجھ باشعور مردن کان علاوه باقي مردن پاران ھتي عورتن کي ڪھڙي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو۔؟ ان بابت يقينن سڀ ڄاڻن ٿا. ان لاءِ ئي چيو ويندو آھي تھ اسان جو سماج مرداڻو سماج آھي جتي عورت کي جيئڻ جو ڪو بھ حق ناھي، جتي عورت جي ترقي کي ھضم ڪرڻ سؤلو نھ آھي، اسان وٽ عورتن جي ترقي جي حوالي سان وڏا وڏا ڀاشڻ تھ ٻڌڻ ۾ ملندا آھن پر حقيقت ان جي ابتڙ ھوندي آھي، ھتي عورت رڳو شوپيس آھي، عورت کي اسان جي معاشري ۾ برابري وارا حق ملڻ رڳو ھڪڙو خواب آھي، جنھن جي ساڀيان لاءِ ھن وقت تائين ڪيتريون ئي عورتون پنھنجو پاڻ نڀائينديون رھيون آھن ۽ نڀائين پيون. زندگي جي ھر شعبي ۾ عورتن کي پٺتي ڪرڻ جي سازش بھ تمام پراڻي آھي،

عورت ھن معاشري جي ترقي ۽ سماج کي اڳيان ڌڪڻ ۾ ته “ڪَرنگھي” جي ھَڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي پر باوجود انجي سنڌ ۾ عورتن جي خاص طور تي حڪومتي سطح تي ڪوبه واھر ڪرڻ وارو ناھي. سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان ھن وقت تائين جيڪي بھ پروگرام آيا آھن انھن ڪو خاص رزلٽ نھ ڏنو آھي، جيتوڻيڪ اسلامي حوالي سان عورت کي وڏي اھميت حاصل آھي، جنگين جي صورت ۾ پڻ عورتن پاڻ ملھايو آھي، پر ھلندڙ وقت ۾ عورتون “ويچاريون” ئي بڻيل نظر اچن ٿيون، ٻھراڙين ۾ رھندڙ عورتن جي زندگي تي نظر ڪبي تھ سندن حالت گھڻي اَبتر ئي ڏسڻ ۾ ايندي! ڇاڪاڻ ته ٻھراڙين ۾ اڄ به عورت کي غلامي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، جيڪي رڳو مردن لاءِ ڪنھن حد تائين ضرورت جو سامان ئي آھن. ان ھوندي بھ پنج ئي آڱريون برابر ته ناھن پر اڪثر اھو لاڙو وڌيو آھي! جيڪڏھن ٻھراڙين يا شھرن جون عورتون اڪيلي سر ٻاھر نڪرن تڏھن به کين پنھنجي عزت مجروح ٿيڻ جو خدشو لازمي کَڻڻو پوندو آھي، عورتن جي حقيقي نمائندگي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جيڪو ھن معاشري جي ترقي آڏو ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي، انڪري وقت جي سرڪار کي سنڌ جي عورتن جي زندگي کي بھتر بنائڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. ڇاڪاڻ ته سرڪاري سطح تي جيستائين عورتن جي رھنمائي ڪري کين حقيقي زندگي جو حق مھيا نٿو ڏنو وڃي، تيستائين ھن معاشري جي ترقي يا بھتري ناممڪن ئي رھجي ويندي.

Show more
0
3
https://avalanches.com/pk/tandomuhammadkhan_2320396_06_06_2022

ڄم جي غلط تاريخ منھنجي مستقبل جو آخر ڇا ٿيندو!!!


شمائلا رند“


ڏٺو وڃي ته، ٻار اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو تڏھن والدين پاران ٻارن جي ڄمڻ جي درست تاريخ رجسٽر ۾ داخل ڪرائڻ لازمي بڻجي ٿو پر، جيڪڏھن ڪٿي ڪي والدين اڻپڙھيل يا اٻوجھ آھن ته اتي جي استادن تي ئي فرض عائد ٿئي ٿو ته،ٻارن جي عمر سنجيدگيء سان لکن ائين به نه ڪجي جو ڀاءَ جي ڄمڻ جو سال 1994ته ڀيڻ جو به ساڳيئو سال لکيو وڃي جيڪو اڳيان ھلي مونجھارو ٿئي ٿو! ساڳئيو چئلينج مون سان به درپيش آھي! اصل ڳالھ اھا آھي جو جڏھن مونکي والدين بنيادي تعليم لاءِ شھر جي ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ھو تڏھن ساڳئي اسڪول ۾ منھنجو ڀاءَ به داخل ھيو ھو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو آھي، جنھن جي بنياد کان بورڊ سرٽيفڪيٽ ۾ به عمر ڄمڻ جو سال 1994ع لکيل آھي ،پر ساڳئي اسڪول ۾ داخل ھئڻ پڙھڻ باوجود به منھنجي ڄمڻ جو سال به ساڳيئو لکيو ويو آھي جيڪو منھنجي ڀاءَ جو لکيو ويو آھي٠ جنھن تي افسوس اھو به ٿئي ٿو اسانجي والدين ويچارا اڻپڙھيل،اٻوجھ ھئا پر گھٽ ۾ گھٽ استادن کي ته سوچڻ گھرجندو ھو!اھم ڳالھ اھا جو منھنجي ڀاءَ جر ڄمڻ جي تاريخ ته بلڪل درست ئي لکيل آھي ۽ ھو پاڻ سرڪاري جاب سان به سلھاڙيل آھي پر،منھنجو ڇا ٿيندو۔؟ جو منھنجي بورڊ جي سرٽيفڪيٽن کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين تاريخ سال ساڳئي لکجي وئي آھي! جنھن جو سبب والدين جي اٻوجھائپ آھي ٻيو ته ڏھين يا ٻارنھين ڪلاس تائين شاگردن پاران پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪرائڻ جي جھڙي شعوري سگھ اچڻ به ضروري ناھي ڇو جو مئٽرڪ،انٽر تائين ايتري وڏي عمر نٿي ھجي جنھنڪري بورڊ ۾ غلطي سان ساڳئي تاريخ لکجي وئي ھنيئر ته يونيورسٽي ۾ به پڙھائي مڪمل ڪئي اٿم جنھن کان پوءِ سوچيان پئي ته،جيڪڏھن مونکي ڪا جاب ملي يا پڙھائي جي حوالي سان يا وري شناختي ڪارڊ جي حوالي منھنجي ۽ ڀاءَ جي ھڪڙي ئي عمر منھنجي لاءِ ڪيترو نه چئلينج ۽ رنڊڪ بڻيل آھي اھا ته بس مونکي خبر آھي اھم ڳالھ ته،جڏھن بورڊ انتظاميا کي مون عمر درست ڪرڻ لاء عرض ڪيو ته 1994مان منھنجي ڄمڻ جو سال1999 جيڪو آھي اھو ڪري ڏنو وڃي تڏھن ھنن مون کان اسڪول جو مڊل جو سرٽيفيڪٽ گھريو جنھن کان پوءِ ساڳئي اسڪول جي استاد صاحب کي عرض ڪيم جيڪو به آسرن ئي آسرن ۾ ھيل تائين مونکي سرٽيفڪيٽ ناھي ملي سگھيو آخر ڇو ڪھڙي وجه جي ڪري اسان نياڻين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو! ۽ ڪورٽ جي ذريعي صحيح ڪرايو وڃي ته ان ۾ وڪيل کي زياده پئسا ڏيڻا پوندا آھن غريب انسان پڙھائي جو خرچو ان کان پوءِ دستاويز ۾ غلطي جو خرچ، ھن سلسلي ۾ مونکي 9 سال ٿئي چڪا آھن، ڪڏھن حيدرآباد بورڊ آفيس جا چڪر ته ڪڏھن اسڪول جا چڪر پر ڪڏھن به ھار نه مڃي مون پنھنجي پڙھائي جاري رکي ھن وقت مون سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر ۾ ماس ڪميونيڪيشن ڪئي آھي، مونکان علاوه ڪافي اھڙيون نياڻيون آھن جيڪي بيزار ٿئي پڙھائي اڳتي نه ڪري سڳيون ۽ ڪجھ جي شادي ٿئي وئي، آئون ايترو ضرور چوندس ته بورڊ آفيس کي ايترو مشڪل نه ڪيو وڃي جو اسان ان تائين پهچي به نه سگھون، ۽ جيڪڏھن ڪوبه استاد کڻي غلطي تسليم نه ڪري پر،گھٽ ۾ شاگرد يا ڪنھن شاگردياڻيءَ جي نالي يا سرٽيفڪيٽ جي درستگي خاطر جيڪڏھن سرٽيفڪيٽ گھربل لازمي ھجي ٿو گھٽ ۾ گھٽ اھو ته ڏنو وڃي تعليم اداره جن ۾ نياڻين جي عزت ڪرڻ سيکارين ٿا پر اسان جي ھن سماج ۾ نياڻين جي عزت کي سمجھيو نٿو وڃي!

Show more
0
1

ست جون سنڌ جي وڪيل جي ورسي جو ڏينھن٠٠٠!!


”شمائلا رند“


اسان ماڻھن جي ھيء بدقسمتي رھي آھي جو اسان پنھنجن عظيم انسانن کي صرف عظيم چئي سندن مقبرا ٺاھي مجاور بڻجي ويھون رھون ٿا پر، تاريخ جا ورق اتلائي ڏسنداسين ته سجاڳ قومن جي خوبي اھا به رھي آھي جو اھي قومون پنھنجن عظيم انسانن جي محنتن، ۽ انھن جي جدوجھدن کي ھٿيار وانگر نڀائي ترقي جي طرف وڌنديون رھيون آھي٠ سنڌ ڌرتي پنھنجي ھر ھڪ صديء ۾ دؤر ۾ اسانکي حلالي پٽ ڏنا آھن٠ جن ھر دؤر ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ڌرتي جو دفاع ۽ حفاظت ئي ڪئي آھي٠ شاھ لطيف جي دؤر کي ڏسون ته،شاھ سائين جي ذاتي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائون تڪليفون آيون پر، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھ ٻولي جي ارتقا جو مک ڪارڻ لطيف سائين ۽ انجي شاعري آھي٠اھا الڳ ڳالھ آھي قديم ھن ٻولي کي اڃا تائين به قومي ٻوليء جو درجو حاصل ناھي ٿي سگھيو٠ ھلندڙ وقت ۾ سنڌ جنھن صورتحال مان گذري رھي آھي، ڪيترن ئي مھينن کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب زندگيون مَفلوج بڻجي ويون آھن٠ سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي چڪي آھي٠ پاڪستان جي تمام وڏي ريگستان ٿر سميت سنڌ جي ساحلي پٽي سان واسطو رکندڙ انسان ۽ جانور ويچارا پيئڻ جي پاڻي لاء به انتظار ڪن ٿا پوء ئي کين پاڻي ڍڪ کين نصيب ٿئي ٿو٠ سنڌ ۾ پاڻي جي حوالي سان موجوده صورتحال کي ڏسون ٿا ته،يقينن رسول بخش پليجو ئي ياد اچي ٿو٠ جيڪو ساھ جي آخري گھڙي تائين سنڌ کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ملڻ تي وڙھندو رھيو٠ پليجو پنھنجي ھڪ نَظم ۾ لکي ٿو” خزان کي جو پَناھ ڏيئي سو باغ ئي اجاڙيو“ ڏسو پَليجي صاحب جو فڪر ڪيترو نه طويل خوبصورت آھي جو ھو خزان يعني انھيء موسم کان به نفرت ڪري ٿو جيڪا موسم زَوال جي ھجي ٿي، جنھن موسم ۾ وڻن مان پَن ڇڻ ٿيندي آھي اھا موسم ،آڪٽوبر،نومبر،ڊسمبر جي آھي٠جنھن کي ،سائنسي ،فلسفي طور تي خزان يعني تباھيء جي موسم قرار ڏنل آھي٠ ھي ٽئي مھينا برباد ڪندڙ قرار ڏنل آھن جن جي اچڻ سان محترم رسول بخش پليجو خواھش ڏيکاري ٿو ته نه باغ ھجن نه ئي پَنا ڇڻن٠ بھرحال اصل ڳالھ ته پليجي صاحب اصل اشارو ڪھڙي شيء ڏانھن ڪيو آھي۔؟

سچ اھو آھي جو اسان جديد دؤر ۾ به دقيانوسي خيالن ۾ ايترا ته ڦاٿل آھيون جو جديد دؤر سان اسانجو ڪو واسطو نٿو ھجي! جيڪو ماڻھو وقت سان گڏ ھلي ٿو اھو ئي نه صرف ماڻھو پر مڪمل انسان ھجي ٿو پر،اسانجي سوچ بس ايتري محدود آھي مثال ڦلاڻو سياسي ليڊر اسانجي غم ۽ خوشي ۾ شريڪ ٿئي اسان لاء اھو گَنج آھي، روزگار نه ملي،روڊ رستا ڀلي اجڙيل ھجن مطلب زنده رھڻ جي ھر سھولت ۽ نعمت کان محروم ئي ڀلي ھجون پر، ڦلاڻو اسانجي تَڏي تي آيو بس اسان لاء اھو ئي سڀ ڪجھ آھي پر،ٿورو جي سوچيون ۽ سڌريل ملڪن جي عام ماڻھن جي زندگيء کان جيڪڏھن مڪمل واقف ٿي وڃون تڏھن دعوي! سان چئي سگھجي ٿو ته پوء ئي اسانجي معاشرو جي تباھي اسان پنھنجي بربادي سمجھي وٺنداسين نه ئي ڪن فريبي،ماڻھن ۾جڪڙجڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏينداسين ٠ڏسو سياسي حوالي سان به اھڙن ماڻھن کي اڳيان آڻيون ٿا جن جو ثقافت سان واسطو ئي نٿو ھجي٠ ڏسو اسان ايترا بي سمجھ ٿيندا پيا وڃون جو ھڪڙي لفظ ثقافت کي اسان صرف ٽوپي اجرڪ تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي٠ پر،اھو وساري ويھئون ٿا ته،ھر اھو ماڻھو سماج لاء اھم آھي جيڪو سڄي زندگي ثقافت تي گذاري ٿو٠ سنڌ جا ڪيترائي نالا جن ۾ رسول بخش پليجو جو مثال موجود آھي٠ ھڪ مشھور ناول نگار ”ٽالسٽاء“ لکي ٿو ته،ثقافت تي زندگي گذاريندڙ ماڻھو ڪنھن لاء غلط نٿو سوچي سگھي،ثقافتي ماڻھو ٻئي کان پاڻ کي مٿي سمجھڻ، نفرت ڪرڻ يا بداخلاقي نٿو ڪري سگھي٠ ثقافت سان سرشار ماڻھو سماج جو اھم ٿنب ھجي ٿو جيڪو ڪنھن کي ڪڏھن به نقصان نٿو پھچائي سگھي! رسول بخش پليجي جي زندگي تي نظر رکون ٿا اھا شيء ٽِڪَ ھڻيو بيھي ٿي رھي ته محترم رسول بخش پليجي جنھن سموري زندگي ثقافت تي گذاري ڇڏي٠ پوء ظاھري ڳالھ آھي ھھڙن ماڻھن لاء مشڪلاتون به ڪر کڻي بيھي رھنديون آھن پر وقت ساڻن ملھائي تاريخ اھڙن روشن خيال ماڻھن کي جيء ۾ جايون ڏيندي آھي٠رسول پليجي جي مختصر زندگي تي نظر رکون ته ھن جدوجھد جي شروعات ننڍي ھوندي کان ڪئي ھئي جو ھڪ ڏينھن جڏھن سندس امڙ کان خرچي گھريائين تڏھن امڙ پاران خرچي نه ڏيڻ يا دير ڪرڻ تي پليجو صاحب روڊ تي وڃي روئيندي سمھي پيو جنھن کان پوء امڙ پاران کيس پرچائي خرچي ڏني وئي جنھن کانپوء ننڍي عمر ۾ ھو سمجھي ويو ته دنيا جي ڪابه شيء جدوجھد يا وڙھڻ ۽ محنت کانسواء ملي نٿي سگھي٠ست جون سندس ھن عظيم انسان وڏي سياستدان، ايشيا جي ڏاھي، قومپرست،مفڪر،۽ سنڌ جي وڪيل رسول بخش پليجي جي ورسي جو ڏينھن آھي٠ جيڪا ٺٽي جي ڪجھ مفاصلي تي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ ئي سندس آخري آرمگاھ تي ملھائي ويندي پر، پاڻ پاڻ پليجي صاحب کي ھن اخبار ذريعي شيخ اياز جي ھنن سٽن سان ڀيٽا ڏيون ٿا٠”ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا، گھايل ڌرتيء جي سيني تي،اھڙي گھَري چيخَ ٿين ٿا،جا ھر ڪنھن کي جاڳائي ٿي،۽ دنيا کي بَدلائي ٿي“

Show more
0
2

عورتن جي زندگي بابت ميڊيا جو ڪردار٠٠!!


(شمائلا رند)


ذڪر جيڪڏھن اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ ٽي وي ڊرامن جو ڪجي ته ھلندڙ ٽي وي ڊرامن جو پاڪستان جي عورتن تي ڊرامن جي پوندڙ اثر جي ڳالھ ڪجي ته، ان ۾ ٻه شيون ڏسڻ ۾ اينديون, ٽي وي ڊرامن جو اثر ۽ پاڪستان جي گھڻي رخي سماج ۾ رھندڙ خاص ڪري عورتن تي غور سان ڏسنداسين ته ان ۾ ٻه شيون ھڪ ھاڪاري ۽ ٻيو ناڪاري مطلب ته ٻئي شيون نظر اينديون جن ۾ ھاڪاري اثرن ۾ عورت جي گھڻن رخي صلاحيتن ۾ گھڻون اضافو ٿيو آھي،ٻئي پاسي ٿوري ڀاڱي ناڪاري اثر پڻ ڏسڻان ۾ اچن ٿا٠ميڊيا جي حوالي سان ھلندڙ دؤر ۾ خاص ڪري پاڪستان يا وري ٻين ملڪن جي ميڊيا پاران اڪثر جيڪي ڊراما وغيره رليز ٿيندا رھن ٿا،انھن ۾ اڪثر سماج جي سموري عڪاسي سان گڏ ميڊيا پاران عورتن جي حوالي پاڪستان سميت پوري دنيا جي ميڊيا پاران سٺي نموني سان سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن زيادتين بربريت ۽ وحشتن جي حوالي سان مڪمل عڪاسي ڪري انھن جي ذاتي زندگي کان ويندي عورتن جي حقن،۽ عورتن جي آزادي خاطر ميڊيا جي مختف پليٽ فارم، مختلف ڊرامن تحت مختلف نه صرف ماڻھن کي عورت جي اھميت کان واقف ۽ آگاھ ڪيو وڃي ٿو،پر،ھلندڙ دؤر ۾ ميڊيا جيڪو به ڪم ڪري رھي آھي ان ۾ گھڻي حد تائين خاص ڪري عورتن جي پذيرائي آٿت ۽ سماج لاءِ اتساھ پڻ سمايل آھي، مثال: مرداڻي سماج ۾ جيڪي اڻڄاڻ، اڻپڙھيل يا وري وَحشي مرد عورت جي اھميت کان اڻواقف ھئڻ ڪري جنھن طريقي سان ھو عورت کي اسعتمال ڪن ٿا! عورتن بابت ٺاھيل ڊرامن ۾ انھيءَ ساڳئي سماج ۾ رھندڙ انھن اڻپڙھيل، جاھل يا وري پڙھيل لکيل وحَشي يا بيرحم مردن لاءِ پڻ وڏو سبق ڏنل ھوندو آھي،

ته عورت کي جي اھميت ڇا آھي، يا عورت سماج ۾ برابري جو ڪيترو حق رکي ٿي،

ھلندڙ ميڊيا جي دؤر ۾ به ڪافي شين کان عورت وانجھيل رھي ٿي٠جنھن جو سبب اھو ٿي سگھي ٿو٠پنج آڱريون برابر ته ناھن پر ، مردن پاران عورت کي اڄ به آزادانا سماجي حيثيت سان بلڪل به تسليم نه پيو ڪيو وڃي،ڪٿي ڪنھن مرد پاران عورت کي غلام سمجھيو ويندو آھي، ته ڪٿي وري مردن پاران عورتن کي صرف ٻار پيده ڪندڙ مشين سمجھيو ويندو آھي،پر اھم ڳالھ اھا به آھي،ته ھن وقت جي عورت وري به خوش نصيب انڪري به آھي، ڇو جو ڀلي مردن پاران عورتن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، پر پوءِ ٿورو جائزو وٺبو ته موجوده وقت ۾ ميڊيا جي ذريعي عورتن کي مختلف، پروگرامن، ۽ ڊرامن ۾ عورتن کي سندن مڪمل حقيقي زندگي جي تَصور ۽ سندن اھميت کان آگاھ ڪيو ويندو آھي،۽ جڏھن عورت پنھنجي حقن لاءِ يا وري آزادي خاطر مرداڻي سماج مان نجات خاطر اٿي کَڙي ٿيندي آھي،تڏھن به سماجي حوالي سان عورتن جي آواز کي دٻائڻ ۽ ھيسائڻ جي ڪوشش ڪري مٿن بربريت ڪري خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، ۽ وري اتي ميڊيا پاران اڪثر انھن سڀني فرسوده رسمن، ريتن ۽ روايتن جي خلاف عورتن جي حمايت ۾ آواز اٿاري کين ھر طرح سان سماج ۾ اندر حقيقي ذھني ،شعوري ۽ اجتماعي جياپي لاءِ سندن واھر ڪري کين ھمٿايو ويندو آھي,سندن احتجاج دنيا ۽ وقت جي حڪومتن آڏو رڪارڊ ڪرائڻ ۾ به ميڊيا جو وڏو ھٿ ھجي ٿو٠

حقيقت ۾ ڳالھ جڏھن گذريل وقت جي ڇِيڙبي ته جنھن زماني ۾ ميڊيا ٽي وي ڊرامن جو نالو ئي نه ھوندو ھو تنھن زماني ۾ عورتن جي ذاتي زندگي ۾ مردن پاران ايندڙ ايذائن،ڏکن، تڪليفن، کان ھو بي خبر انڪري به ھونديون ھيون، جو سندن ڪو به واھر ڪرڻ وارو نه ھوندو ھو، جيئن موجوده وقت ۾ ميڊيا ،ٽي وي ڊرامن ذريعي عورتن ۾ سجاڳي وڌي آھي،

يا وري ماضي ۾ جڏھن مڙس پاران زال کي نظر انداز ڪري کيس ذھني ٽارچر ڪري مٿن تشدد ڪيو ويندو ھو٠جڏھن ڪنھن به عورت تي سندس مڙس پاران انکي ھر طرح سان نشانو بڻائڻ باوجود اھا عورت انھيءَ ساڳئي مڙس جي ڪيل ظلم باوجود به ساڳئي گھر ۾ جينئدي رھندي ھئي،جنھن جو وڏو سبب اھو به آھي،ته تنھن وقت جي عورتن کي پنھنجي پاڻ جي ذاتي حيثيت جي خبر نه ھوندي ھئي،ايتريقدر جو ماضي ۾ عورتن پاران پاڻ کي مظلوم ھئڻ جي پرک به بلڪل نه ھوندي ھئي٠جن جي صبر ۽ برداشت جو سبب بس اھو ئي به ھوندو ھو،جو جھالت واري وقت ۾ خاص ڪري ٻھراڙين جي عورتن کي پنھنجي پاڻ جي اھميت جي خبر ئي نه ھوندي ھئي ته سندن به اھميت اوتري آھي٠ جيتري مرد جي ھجي ٿي، تنھن وقت جي عورت ھميشه مرد کان پاڻ کي ھيٺانھن نيچ سمجھندي ھئي،تنھن وقت ۾ سماج پاران عورتن جي ذھنن ۾ فقط ھڪڙي ئي شئي ڀري ويندي ھئي، ته سڄي سماج جي اڳواڻي رڳو مرد ئي ڪري سگھي ٿو،مرد ئي پڙھي معاشي،علمي، اقتصادي، ذھني ۽ شعوري ترقي ڪري سگھي ٿو،مرد ئي سياسي، سماجي،۽ اجتماعي سرگرمين ۾ ھر شيءَ جو حصو بڻجي سگھجي ٿو،روڳو مرد ئي

سڀنين چيزن يا ذميوارين سان نڀائي سگھي ٿو،باقي عورت ڄڻ ڪنھن به سياسي، سماجي، يا علمي سرگرمي ۾ حصو نٿي وٺي سگھي،جھڙين ڳالھين جيڪري عورت ھر وقت ھن سماج کان ڊنل ۽ ڊرپ ۾ ھيڻي ۽ ڪمزور رھندي آئي آھي ڇاڪاڻ ته، ماضي ۾ مرداڻي سماج پاران اڪثر عورتن کي ذھني معذوري طرف ئي ڌڪيو ويو آھي، جنھنڪري ئي ماضي ۾ عورت ھن وقت جي حساب سان گھڻي ھيسيل رَھي آھي، ھاڻي جيڪڏھن ماضي ۾ جنھن طريقي سان عورتن تي ظلم ٿيندا ھئا يا وري کين نظرانداز ڪيو ويندو ھو تڏھن انھن مظلوم عورتن جي ذھن ۾ ڀريل اھا ئي ڳالھ ته مرد ئي سڀ ڪجھ آھي، ھالانڪ تنھن وقت کي جيڪڏھن موجوده وقت سان ڀيٽبو ته انجي ڀيٽ ۾ ھلندڙ دؤر ۾ عورت گھڻي حد تائين علمي، ذھني شعوري، سياسي،سماجي، اقتصادي، سرگرمين شامل ٿيڻ واري مڪمل ذھني سجاڳي، سگھ ۽ شعوري سمجھ حاصل ڪري ورتي آھي٠ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي به اوتروئي حق ۽ اھميت حاصل آھي،جيتريقدر مرد کي حق ۽ اھميت حاصل آھي، پوءِ چاھي اھو مذھبي يا غير مذھبي حوالي سان ڇو نه ھجي يا وري کڻي دنياوي سياس سماجي يا وري جمھوري ۽ آئيني حوالي سان ئي کڻي ھجي،

ھلندڙ وقت ۾ انھن سڀني ڪَٽ کاڌل رسمن، ريتن، رواجن ۽ روايتن مان پنھنجي جِند آجي ڪرائڻ خاطر اڄ جي عورت مڪمل سجاڳ ٿي چڪي آھي٠

ھلندڙ وقت ۾ جيتريقدر به عورت پنھنجي زندگي گذارڻ لاءِ جن شين جي پَرک ڪري سگھي آھي،ان ۾ گھڻي قدر ھن ميڊيا کان ئي سھارو ورتو آھي،

ڇاڪاڻ ته ھلندڙ دؤر ۾ ميڊيا سماج جو ھڪڙو واحد ۽ ذميوار ادارو آھي٠جيڪو مردن ٻارن کان ويندي عورت جي حقيقي زندگي جي نمائندي ڪري سندن جائزو وٺي انجي عڪاسي ڪري انھيء حوالي سان عورت کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ طوڙي کين خودمختيار بڻائڻ لاءِ مختلف ڊرامن وسيلي کين آگاھ ڪيو وڃي ٿو،جيڪو ئي سبب آھي،جو ماضي جي ڀيٽ ۾ روڳو پاڪستان جو جائزو وٺنداسين ته، تعليم جي حوالي سان عورتن جي تعليم جو روجھان اڳ کان ھنيئر گھڻون وڌيل انڪري به نظر ايندو جو ٽي وي ڊرامن مان عورتن کي وڏي سجاڳي ملي آھي٠ جيڪا ماضي جي عورتن ۾ تعليمي سجاڳي جو نتيجو بلڪل به ذيرو ھوندو ھو،

ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ مختلف ڊراما سيريل وغيره ڏسڻ ۽ سجھڻ سان ھاڻي ھن وقت تائين عورتن کي ايتري ته، ذھني ۽ شعوري سگھ ملي ۽ حاصل ٿي آھي،جو عورتن ۾ تعليم جو روجھان وڌڻ لڳو آھي٠

Show more
0
6

شمائلا رند

*جَديد دؤر ۾ عورتن جي غلامي ۽ ذھني معذوري جو سبب٠٠؟*

ڏٺو وڃي ته ھن وقت تائين جن به عورتن ذھني سجاڳي حاصل ڪري پاڻ کي مرداڻي سماج اڳيان مڃرائي پاڻ کي مردن جي برابر ھئڻ جي سگھ بخشي آھي٠

انھن عورتن پاران ذھني، شعوري، علمي ، قانوني يا آئيني ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو سبب يا انھن جو ذريعو ٽي وي ڊراما ئي بڻيا آھن٠

پر، وري به جيڪڏھن ذڪر ڪجھ ۽ ٿوري ڀاڱي مظلوم عورتن جو ڪريون ته، جديد دؤر به جيڪي عورتون اڄ به ذھني معذوري سبب مردن جي چنبي ۾ غلامي واري زندگي گذاري رھيون آھن٠

انھن تي جيڪڏھن سنجيدگيء سان جائزو وٺنداسين ته، انجو سبب اھو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، انھن عورتن جو جديد دؤر سان ڪو واسطو ناھي رھيو٠

ذھني ، علمي، قانوني يا آئيني طور پاڻ کي خود مختيار بنائڻ خود پاڻ کي آزاد ڪرائي مردن جي اڳيان پنھنجي اھميت کي اجاگر ڪرڻ جو ڍنگ وٽن نه ھئڻ جو ڪارڻ انھن عورتن جو جديد اليڪٽرونڪ ميڊيا، يا وري جديد دؤر ۾ ھلندڙ ٽي وي ڊرامن سان سندن ڪا به وابستگي ناھي رھي٠

جنھنڪري ئي انھن مظلوم عورتن کي سماج اندر ڪو آزادي حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه ملڻ يا کين حقيقي زندگي جو درست دڳ رستو نه ملڻ، ۽ سندن ذھنن ۾ آزاداڻي زندگي جو تصور يا خيال پيدا نه ٿيڻ ڪري ڪٿي ڪنھن عورت کي بي رحم مردن پاران زبردستي جسماني حَوس جو نشانو بنائي سندن زندگي داء تي لڳائي ويندي آھي٠

ڪٿي عورتن تي مڙسن پاران تشدد ڪري کين ھٿن پيرن سان معذور بڻايو ويندو آھي٠

ڪٿي ڪنھن عورت تي پھرائي لڳائي کيس گھر ۾ قيد بنايو ويندو آھي٠

ڪٿي ڪنھن عورت کي ڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪيو ويندو آھي٠

ته ڪٿي وري ڪنھن عورت کي نوڪر طور غلامي ۾ جڪڙي استعمال ڪيو ويندو آھي٠

سماج ۾ رھندڙ مظلوم عورتن تي اڄ به سنڌ ۽ پاڪستان جو ساڃاھ وند طبقو گھڻون حيران ۽ فڪر مند انڪري به آھي٠

جو وقت جي حڪومتن پاران انھن مظلوم عورتن کي ڪوبه تحفظ فراھم ٿيندي نظر نٿو اچي٠

مردن پاران عورت کي نظر انداز ڪرڻ، سماجي حوالي سان عورت جي اھميت کي خاص ڪري مردن پاران گھٽ سمجھڻ تي *ھندستان* جي تمام وڏي ناليواري ليکڪا *اَمرتا پريتم* پنھنجي لکيل ڪتاب ،

*امرتا پريتم جون ڪھاڻيون*

۾ لکيو آھي٠

ھن سماج ۾ اڄ ڏينھن تائين مرد صرف پنھنجي عورت سان سمھڻ سِکي سگھيو آھي٠

پر، ساڻس گڏ جاڳڻ ناھي سگھيو!!!

ڇاڪاڻ ته، اڄ به شادي شده اڪثر مردن پاران عورت کي روڳو جسم تائين محدود سمجھيو ويندو آھي٠

پر، سندن زندگي تي مردن پاران ڪوبه تبصرو ڪري کين ڪي به حق ناھن ڏنا ويندا جن جي کين ضرورت آھي٠

ڇاڪاڻ ته، ھن سماج کي اڏڻ ۾ عورت جو نمايان ڪرادار نظر اچي ٿو٠

اولاد جي پرورش کان ويندي گھر جي سڄي ذميواري عورت کي ئي کڻڻي پوي ٿي٠

جڏھن ته ڪمائي گھر تائين خوارڪ جو سامان راشن پھچائڻ تائين مرد ئي پنھنجو ڪرادار ڪري ٿو٠

باقي مرد اڪثر وڌيڪ گذر سفر جي حوالي سان گھر کان ٻاھر زندگي گذاري ٿو٠

مرد پاران گھر ۾ غير موجود رھڻ کانپوء سندن گھر کي سندس عورت ئي آھي٠ جيڪا گھر کي صاف سٿرو رکي ٻارڙن سميت سڀني شين تي نظر رکي ٿي٠

مرد جو گھر ۾ موجود نه ھجڻ جو احساس يا پريشاني اڪثر مردن کي ناھي کڻڻي پوندي٠

گھر ڪيئن ھلي ٿو٠

يا ڪنھن شيء جي کوٽ کي ڪيئن پورو ڪري کي گھر ھلائجي ؟

انجو سڄو ڪريڊيٽ عورت ڏانھن ئي وڃي ٿو٠

افسوس سان چوڻون ٿو پوي ٠

ته ھلندڙ جديد دؤر ۾ به ڪافي جڳھين تي منفي سوچ رکندڙ ماڻھن پاران نياڻين کي چيڀاٽيو وڃي ٿو٠

سندن حقن يا آزادي جو ڪوبه احترام ناھي ڪيو ويندو٠

*مثال* جيڪڏھن سنڌ پاڪستان ۾ رھندڙ عورتن جي ڳالھ ڪريون ته، ھن سماج ۾ ڪافي مردن پاران گھر ۾ جڏھن ڪو نوجوان ڇوڪرو پسند جي شادي ڪري ته، اھو مائٽن ۽ ان نوجوان پاران اعزاز ۽ سٺو عمل سمجھيو ويندو آھي٠

پر، ساڳئي نوجوان جي ڀيڻ جيڪڏھن پسند جي شادي جي ڳالھ ڪري ته، انکي بيعزتي، يا وڏو پاپ سمجھيو ويندو آھي٠

عورت جي عزت ۽ اھميت جو پَتو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته، *ادبي* حوالي سان ڏسجي ته، سنڌ جي سڀ کان وڏي قومي، صوفي ۽ بزرگ شاعر *شاھ عبداللطيف ڀٽائي* پڻ

پنھنجي شاعري ۾ سماج ۾ عورت کي وڏي عزت جي نگاھ سان اعلي! مان ۽ مرتبي سان پيش ڪيو آھي٠

*شاھ عبداللطيف ڀٽائي*

پنھنجي شاعري ۾ حقيقي سچن ۽ روحاني عاشق ۾ سنڌ جي عورتن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي٠

*شاھ عبداللطيف ڀٽائي*

جي شاعري جا ڪجھ سر ھن سنڌ جي عورت جي نالي ڪيا آھن٠

جن ۾ **سر آسا*

*سر سسئي*

*سر مارئي*

**سر مومل*

ڏٺو وڃي ته، *شاھ عبداللطيف*

جي شاعري جا ھي سر جن کي نالا به سنڌ جي عورتن جا ڏنا آھن٠

جنھن مان به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته عورت جي ڪيتري عزت آھي٠

ڇاڪاڻ ته، ادبي حوالي سان ذڪر جيڪڏھن سنڌ جي عورت نڪرندو تڏھن به عورت ھن سماج ۾ پنھنجي وطن، پنھنجن ماروئڙن سان محبت ڪندي سڪ ۽ ساھ ۾، سنڌ ۾ ڪٿي *مارئي* جي روپ ۾

عورت جي سچي عشق ۽ وطن سان محبت جو مثال ملي ٿو٠

ڪٿي پنھونء سان حقيقي سچي عشق ۾ غرق ٿيل ويل *سسئي* جو مثال ملي ٿو٠ ته ڪٿي وري ڄام تماچيء جي چاھ ۾ نوري پاران ساڻس نڀائڻ يا وري سھڻي ۽ميھار جا انيڪ ۽ حقيقي عشقيا داستان ملن ٿا!

ھنن سڀني شين ۾ عورت جو ڏو نمايان ڪردار نظر اچي ٿو٠

پر، ستَم ظرفي ۽ بدقسمتيء اھا آھي٠

جو عورت کي اوترا حق ملي ناھن سگھيا جيترو ھنن جو ماضي ۾ ڪردار رھيو آھي٠

يا وري سندن حق آھي٠

انڪري وقت جي سرڪار سان کان ويندي سنڌ ۽ پاڪستان جي اديبن، دانشورن، ليکڪن، ساڃاه وندن،مفڪرن، شاعرن، ڏات ڌڻين ۽ اھل قلم انسانن کي گھرجي ته، سڄي ملڪ سميت خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ مظلوم بڻيل عورتن کي تحفظ ڏيڻ عورتن کي مردن جي برابري جي حقن کان ويندي آزادي جو پورو پورو کين حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي٠

ڇاڪاڻ ته، عورتن کي سماجي برابري ڏيڻ، کين آزادي،، تعليم ، تربيت کان ويندي سياسي ،سماجي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ سان عورت ئي سماج جو اھو حصو آھي٠

جيڪا پنھنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ سان ھوء سماج کي بھتر بنائڻ ۽ سرشار بنائڻ طوڙي سماج کي بھتر طريقي سان اڏڻ ۾ ھوء پنھنجو سٺو ڪردار ڪري سگھي ٿي

Show more
0
9